×
No Description

دعائن جو خزانو

حصن المسلم


دعا جا آداب

1. باوضو هجڻ

2. قبله رخ هجڻ

3. هٿ کڻي گھرڻ

4. حمد ۽ ثنا ۽ درود ۽ سلام

5. استغفار ۽ بخشش گھرڻ

6. پهرين پاڻ لاءِ دعا گھرڻ (پوءِ ٻين لاءِ )

7. عزم۽ سنجيدگي سان گھرڻ

8. وري وري گھرڻ

9. لفاظي کان پاسو ڪرڻ

10. ادب ۽ عاجزي سان پاسوگھرڻ

11. دل سان گھرڻ

12. ڪامل يقين سان گھرڻ

13. جامع ڪلمن سان گھرڻ

14. روئڻ ۽ ڳوڙها ڳاڙي دعا گھرڻ

15. الله تعالى جي پاڪ نالن ۽ صفتن جي وسيلي دعا گھرڻ

16. نيڪ عملن جي وسيلي گھرڻ

17. دعا جي آخر ۾ درود پڙهڻ ۽ آمين تي ختم ڪرڻ

اهي انسان جن جي دعا قبول ٿئي ٿي

1 : ماءُ،پيءُ 2 : مسافر 3 : مظلوم 4 : روزيدار 5 :حج ۽ عمروڪندڙ 6 : ذڪر ۾ مشغول رهندڙ 7: عادل بادشاھ 8 : نيڪ اولاد 9 : مجبور

دعا جي قبوليت جا وقت ، حالتون ۽ ماڳ

1 سجدي جي حالت ۾ 2 رات جي آخري حصي ۾ 3 رات جواک کلڻ مهل 4 جمع جي ڏينهن جي مخصوص گھڙي ۾ 5 قدر جي رات 6 ٻانگ ۽ تڪبير جي درميان 7 يوم عرفه نائين ذوالحج 8 ميدان جهاد ۾9 ٻانگ ۽ مينهن وقت 10 ڪڪڙ جي ٻانگ وقت11 فرض نمازن کانپوءِ 12 پرپٺ مسلمان ڀاءُ جي لاءِ دعا گھرڻ 13 زمزم پيئڻ وقت 14 مقام ملتزم وقت

جن جي دعا قبول نٿي ٿئي

1 حرام کائيندڙ 2 جنهن جي زال بدڪردار هجي 3 قرض ڏيڻ وقت گواھ مقرر نه ڪندڙ 4 نااهل ماڻهن جي حوالي ملڪيت ڪندڙ 5 گلاخور 6 حاسد ۽ ڪينو رکندڙ 7 جلد باز


فهرست

1

دعا جا آداب

2

مهاڳ

11

3

ذڪر سنت جي مطابق ڪرڻ واجب آهي

11

4

ذڪرجي اهميت ۽ فضيلت

11

5

حمد ‏۽ ثنا،درود۽سلام، توبه ۽ استغفار جي فضليت

16

6

حمد ‏۽ ثنا، تڪبير ۽ لااله الا الله جي فضيلت :

18

7

رسول الله ﷺجن تي درود موڪلڻ جي فضيلت

20

8

توبه ۽ استغفار

21

9

سمهڻ ۽ جاڳڻ وقت دعائون

23

10

سمهڻ وقت دعائون:

23

11

رات جو پاسو بدلائڻ جي جي دعا

27

12

ننڍ دوران ڳهٻراهٽ ۽ وحشت جي دعا

28

13

سٺو يابرو خواب ڏسڻ وقت ڇا ڪجي ؟

28

14

ننڊ دوران جاڳڻ وقت دعا

29

15

ننڊ مان جاڳڻ وقت جون دعائون

29

16

پاڪائي ، ٻانگ ۽ نماز

32

17

بيت الخلا ۾ داخل ٿيڻ جي دعا

32

18

بيت الخلا مان نڪرڻ جي دعا

33

19

مسجد ڏانهن وڃڻ جي دعا

33

20

مسجد ۾ داخل ٿيڻ جي دعا

34

21

مسجد مان نڪرڻ جي دعا

34

22

وضو کان پھرين جي دعا

34

23

وضوکان پوءِ جون دعائون

35

24

ٻانگ

35

25

ٻيڻي ٻانگ

35

26

فجر جي ٻانگ ٻانگ جو جواب

37

27

ٻانگ کانپوءِ درود ۽ مسنون دعا

37

28

تڪبير

38

29

هڪوڻي تڪبير

39

30

ٻيڻي تڪبير

39

31

تڪبير تحريمه کانپوءِ جون دعائون

40

32

تعوذ ، بسملہ ۽ سوره فاتحه

44

33

سورة الفاتحة

44

34

سوره فاتحة کانپوءِ قرآني تلاوت

41

35

سورةالاخلاص سورةالفلق سورةالناس

46

36

رڪوع جون دعائون

47

37

رڪوع مان اٿڻ جون دعائون

48

38

سجدي جون دعائون

49

39

سجدن جي وچ جو دعائون

50

40

تشهد ،درود ۽ سلام

التحيات

51

41

درود ابراهيمي

51

42

تشهد کانپوءِ سلام ورائڻ کان اڳ جون دعائون

52

43

سلام

56

44

سلام ورائڻ کانپوءِ جون دعائون

56

45

تسبيح جو نبوي طريقو

59

46

قنوت وتر جون دعائون

59

47

وتر نماز کانپوءِ جي دعا

60

48

نماز استخارہ جي دعا

60

49

خيرخواهن سان مشورو

61

50

قنوت نازلہ

61

51

جنازي نماز

64

52

جنازي نماز جون دعائون

64

53

ٻار تي جنازي جون دعائون

66

54

تعزيت جون دعائون

67

55

ميت کي قبر ۾ لاهڻ وقت دعا

68

56

ميت کي دفن ڪرڻ کانپوءِ جي دعا

68

57

قبر جي زيارت ڪرڻ وقت دعا

68

58

قرآن ۽ نماز ۾ وسوسي کان بچڻ جي دعا

تلاوت جي سجدي جون دعائون

69

59

صبح ۽ شام جا ذڪر ۽ دعائون

70

60

مصيبتن ۽ قرض کان ڇوٽڪاري جون دعائون

80

61

الله تعالى جي اسم اعظم واريون آيتون ۽ دعائون

81

62

فڪر مندي ۽ غم کان ڇوٽڪاري جي دعا

82

63

مشڪلات جي خاتمي جي لاءِ دعائون

83

64

بي قراري ۽ پريشانيءَ وقت دعائون

83

65

قرض کان ڇوٽڪاري جي لاءِ دعائون

84

66

قرض واپس ڪرڻ وقت دعا

86

67

مصيبت وقت بهتر بدلو گھرڻ جي دعا

86

68

ڳهٻراهٽ وقت ڇا چوي ؟

86

69

ڪاوڙ اچڻ وقت دعا

86

70

سرڪش شيطان جي مڪر فريب کان بچڻ جي دعا

86

71

تدبير جي ناڪام ٿيڻ وقت دعا

87

72

جيڪڏهن ڪو ناپسند معاملو سامهون اچي ته چوي ؟

87

73

جسم ۾ تڪليف محسوس ٿئي ته ڇا ڪري ؟

88

74

مصيبت ۾ مبتلا انسان کي ڏسڻ وقت دعا

88

75

دشمن ۽ حڪمران سان ملاقات وقت دعا

88

76

حڪمران جي ظلم جي خوف جون دعائون

89

77

دشمن جي لا ءِ بد دعا

90

78

جنهن کي ايمان ۾ شڪ کي ته اهو ڇاڪري ؟

90

79

شرڪ کان محفوظ رهڻ جي دعا

91

80

گناھ ٿي وڃي ته ڇا ڪجي ؟

91

81

شيطان ڪڏهن ڀڄندو آهي ؟

91

82

دجال کان محفوظ رهڻ جا وظيفا

92

83

بري سوڻ کي ناپسند ڪرڻ جي دعا

93

84

نظر کان بچڻ جو طريقو

93

85

اهڙي شخص جي لاءِ دعاجنهن کي گاريا تڪليف ڏني هجيس

94

86

حج،عمري ۽ سفرجون دعائون

94

87

سواري تي سوار ٿيڻ جي دعا

94

88

سفرشروع ڪرڻ جي دعا

95

89

بازار ۾ داخل ٿيڻ جي دعا

96

90

سواريءَ جي ٿاٻڙجڻ وقت دعا

97

91

دوارن سفر تڪبير ۽ تسبيح

97

92

دوران سفر صبح جي دعا

97

93

دوان سفر ڪنهن جڳھ تي ترسڻ جي دعا

97

94

سفر تان واپسي جي دعا

97

95

مقيم جي مسافر کي دعا

98

96

مسافر جي مقيم کي دعا

98

97

سواري خريد ڪندڙ هيءَ دعا گھري

99

98

حج يا عمري جو احرام ٻڌڻ وارو لبيڪ ڪيئن چوي

99

99

حجر اسود وٽ پهچي الله اڪبر چوڻ

99

100

رڪن يماني ۽ حجر اسود جي درميان جي دعا

100

101

صفا ۽ مروہ جي دعا

100

102

عرفہ يعني 9 ذولحج جي دعا

101

103

مشعر الحرام وٽ دعا ۽ ذڪر

101

104

جمرات کي پٿريون هڻڻ وقت تڪبيرون پڙهڻ

102

105

عام جانور يا اٺ کي ذبح ڪرڻ جو طريقو

102

106

قرباني جو جانور ذبح ڪرڻ جي دعا

102

107

کائڻ ،پيئڻ ۽ لباس جون دعائون

کاڌو کائڻ کان اڳ جي دعا

103

108

کائڻ کان پوءِ جون دعائون

104

109

مهمان جي ميزبان جي لاءِ دعا

104

110

پياريندڙ جي لاءِ دعا

104

111

نئون ميوو ڏ سڻ وقت جي دعا

105

112

نوان ڪپڙا پهرڻ جي دعا

105

113

نئون لباس پهرڻ واري کي هي دعا ڏجي

105

114

عام ڪپڙا پهرڻ جي دعا

105

115

لباس لاهڻ وقت دعا

106

116

روزمرہ جون دعائون

106

117

گھر مان نڪرڻ وقت دعا

107

118

گھر ۾ داخل ٿيڻ جي دعا

107

119

چنڊ ڏسڻ جي دعا

107

120

روزي کولڻ جي دعا

107

121

روزو کولائڻ واري جي لاءِ دعا

108

122

نفلي روزي جي دعوت قبول نه ڪندڙ جي لاءِ دعا

108

123

روزيدار کي ڪو گاريون ڏي ته ان کي ڇاچوي؟

108

124

ڇڪ اچڻ وقت دعا

109

125

گھوٽ ۽ ڪنوار کي مبارڪ ڏيڻ جي دعا

109

126

گھوٽ کي پنهنجي ڪنوار کي دعا

109

127

همبستري وقت دعا

110

128

ٻار ڄمڻ جي مبارڪباد ڏيڻ

110

129

جنهن کي مبارڪ ملي اهو هنن لفظن سان جواب ڏي :

110

130

خوشي وقت دعا

111

131

خوشخبري ٻڌڻ وارو ڇا چوي

111

132

خوشخبري ملڻ تي شڪرجوسجدو

112

133

ٻارن جي لاءِ الله جي پناھ گھرڻ

112

134

شام جي وقت ٻارن جي نگراني

112

135

جڏهن مسلمان پنهنجي تعريف ٻڌي ته ڇا چوي ؟

112

136

هڪ مسلمان ٻي مسلمان جي تعريف ۾ ڇاچوي ؟

113

137

بخشش جي دعا گھرڻ واري کي ڇا چوي ؟

113

138

محبت جو اظهار ڪندڙ جي لاءِ دعا

113

139

سهڻو سلوڪ ڪرڻ واري کي دعا

113

140

برڪت جي دعا ڪندڙ لاءِ دعا

113

141

مال ۽ دولت خرچ ڪرڻ واري لاءِ دعا

114

142

مجلس جو ڪفارو

114

143

سلام کي عام ڪرڻ

114

144

ڪافر کي سلام جو جواب ڪيئن ڏجي ؟

115

145

ڏڪار کان بچڻ ۽ مينهن لاءِ دعائون

115

146

طوفان وقت دعائون

115

147

بادلن جي گوڙٻڌڻ وقت دعا

116

148

مينهن وسڻ وقت دعا

116

149

مينهن کان پوءِ جي دعا

116

150

ٻوڏ جوخطرو هجي ته هي دعا گھري

117

151

ڪڪڙ جي ٻانگ وقت دعا

117

152

گڏھ جي هينگ وقت دعا

117

153

رات جو ڪتي ڀؤڪڻ وقت دعا

118

154

بيمار پرسي جي فضيلت

118

155

بيمار کي پڇڻ وقت ان لاءِ دعائون

119

156

زندگي کان نااميد بيمار جون دعائون

120

157

موت کي قريب انسان کي ڪلمي جي تلقين

121

158

ميت جون اکيون بند ڪرڻ وقت دعا

122

مهاڳ

ذڪر سنت جي مطابق ڪرڻ واجب آهي

الله تعاليٰ جو فرمان آ هي :

وَاذْكُرُوهُ كَمَا هَدَاكُمْ وَإِنْ كُنْتُمْ مِنْ قَبْلِهِ لَمِنَ الضَّالِّينَ

" الله کي ائين ياد ڪريو جيئن هن توهان کي سيکاريو آهي ۽ اوهين انهيءَ کان پهرين گمراھ هئا ـ “

البقرة:198

فَاذْكُرُوا اللَّهَ كَمَا عَلَّمَكُمْ مَا لَمْ تَكُونُوا تَعْلَمُونَ

" ۽ الله کي ياد ڪريو جيئن هن اوهان کي ڪجھ سيکاريو ، جيڪي اوهين نه ڄاڻندا هئا ـ“ البقرة:239

وَاذْكُرْ رَبَّكَ فِي نَفْسِكَ تَضَرُّعًا وَخِيفَةً وَدُونَ الْجَهْرِ مِنَ الْقَوْلِ بِالْغُدُوِّ وَالْآصَالِ وَلَا تَكُنْ مِنَ الْغَافِلِينَ

" ۽پنهنجي ڌڻيءَکي صبح ۽شام ٻاڏائيندي ۽ اڪيلائيءَ ۾ آهستي آوازسان ياد ڪندورھ ۽غفلت ۾وڪوڙيلن مان نه ٿيءُ ـ“

الأعراف : 205

ذڪرجي اهميت ۽ فضيلت

الله تعاليٰ جو فرمان آ هي :

{ فَاذكُرُونِي أَذْكُرْكُمْ وَاشْكُرُوا لِي وَلَا تَكفُرُونِ }

" توهين مون کي ياد ڪريو آئون اوهان کي ياد ڪندس اوهين منهجو شڪر ادا ڪريو ۽ منهنجو انڪار نه ڪريو ـ“

البقرة: 152

{ يَاأَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوْا اذْكُرُوا اللَّهَ ذِكْرًا كَثِيرًا }

" اي ايمان وارؤ! الله کي گهڻي کان گهڻو ياد ڪندا رهو ـ“

الاحزاب : 41

{ وَالذَّاكِرِينَ اللَّهَ كَثِيرًا وَالذَّاكِرَاتِ أَعَدَّ اللَّهُ لَهُمْ مَغْفِرَةً وَأَجْرًا عَظِيمًا}

" ۽ الله کي گهڻي کان کان گهڻو ياد ڪندڙمرد ۽ عورتون ، الله تعالى انهن لاءِ بخشش۽ تمام وڏو ثواب تيار ڪيوآهي ـ “

الاعراب : 35

رسول الله ﷺ جن فرمايو :

« مثل الذي يذكر ربه والذي لا يذكر ربه مثل الحي والميت »

" الله کي ياد ڪندڙ زندھ وانگر آهي ۽ الله جي ذڪر کان منهن موڙيندڙ مئل وانگر آهي ـ“

البخاري : حديث نمبر6407 ، مسلم : حديث نمبر 779 هي لفظ مسلم شريف جا آهن :

«مثل البيت الذي يذكر الله فيه والبيت الذي لا يذكر الله فيه مثل الحي والميت»

" ان گھر جو مثال زندھ وانگرآهي جنهن ۾ الله ذڪر ڪيو وڃي ۽ ان گھر جو مثال مردي وانگر آهي جنهن ۾ الله جو ذڪرنه ڪيو وڃي “

رسول الله ﷺ جن فرمايو:

قَالَ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ أَلَا أُنَبِّئُكُمْ بِخَيْرِ أَعْمَالِكُمْ وَأَزْكَاهَا عِنْدَ مَلِيكِكُمْ وَأَرْفَعِهَا فِي دَرَجَاتِكُمْ وَخَيْرٌ لَكُمْ مِنْ إِنْفَاقِ الذَّهَبِ وَالْوَرِقِ وَخَيْرٌ لَكُمْ مِنْ أَنْ تَلْقَوْا عَدُوَّكُمْ فَتَضْرِبُوا أَعْنَاقَهُمْ وَيَضْرِبُوا أَعْنَاقَكُمْ قَالُوا بَلَى قَالَ ذِكْرُ اللَّهِ تَعَالَى

"ڇا آئون اوهان کي اهڙو عمل نه ٻڌايان ؟ جيڪو اوهان جي شهنشاه وٽ سڀ کان وڌيڪ ڀلو ۽پاڪ ۽ مرتبي ۾ سڀ کان بلند عمل آهي جيڪو توهان جي لاءِ سون ۽ چاندي خرچ ڪرڻ کان وڌيڪ بهتر آهي ۽ توهان جي لاءِ بهتر آهي ، ان عمل کان جو اوهين دشمن سان ملو اوهين انهن جي ڪنڌن کي ڪپيو ۽ اهي اوهان جي ڪنڌن کي ڪپين ـ صحابه ڪرام عرض ڪيو ڇونه الله جا رسولﷺ ! (ضرور ٻڌايو )پاڻ فرمايائون اهو عمل الله کي ياد ڪرڻ آهي ـ “

الترمذي : حديث نمبر3377 ، صحيح ابن ماجہ 2 / 316 صحيح الترمذي 3 / 139

رسول الله ﷺ جن فرمايو:

يَقُولُ اللَّهُ تَعَالَى أَنَا عِنْدَ ظَنِّ عَبْدِي بِي وَأَنَا مَعَهُ إِذَا ذَكَرَنِي فَإِنْ ذَكَرَنِي فِي نَفْسِهِ ذَكَرْتُهُ فِي نَفْسِي وَإِنْ ذَكَرَنِي فِي مَلَإٍ ذَكَرْتُهُ فِي مَلَإٍ خَيْرٍ مِنْهُمْ وَإِنْ تَقَرَّبَ إِلَيَّ بِشِبْرٍ تَقَرَّبْتُ إِلَيْهِ ذِرَاعًا وَإِنْ تَقَرَّبَ إِلَيَّ ذِرَاعًا تَقَرَّبْتُ إِلَيْهِ بَاعًا وَإِنْ أَتَانِي يَمْشِي أَتَيْتُهُ هَرْوَلَةً

" الله تعالى فرمائي ٿوته : منهنجو ٻانهو منهنجي باري ۾ جيڪو گمان رکي ، آئون ان جي مطابق هوندو آهيان ـ جڏهن هو مون کي ياد ڪندو آهي ته آئون انهي سان گڏ هوندو آهيان ۽ هوجڏهن مون کي پنهنجي دل ۾ ياد ڪري ٿو ته آئون کيس پنهنجي دل ۾ ياد ڪريان ٿو۽جيڪڏهن هو مون کي ماڻهن جي ميڙ ۾ ياد ڪري ٿو آئون کيس انهي کان سٺي (ملائڪن ) جي ميڙ ۾ ياد ڪندوآهيان ۽ جيڪڏهن هو مون کي هڪ ٻاڙيءَ برابر ويجھو ايندو آهي ته آئون ان کي ٻانھ برابر ويجھو ايندوآهيان۽جيڪڏهن هو مون کي ٻانھ برابر ويجھو ايندوته آئون ان کي پرھ برابر ويجھو ايندو آهيان ۽جيڪڏهن هو منهنجي لاءِ هلي ايندو آهي ته آئون ان لاءِ ڊوڙي ايندوآهيان ـ“

البخاري : حديث نمبر 7405

عبدالله بن بسر رضي الله عنہ روايت ڪري ٿو ته هڪ شخص عرض ڪيو ، اي الله جا رسول ﷺ! اسلام جا احڪام تمام گھڻا هجڻ جي ڪري مون تي ڳرا ٿي پيا آهن ،انهي لاءِ مون کي اهڙو عمل ڏسيو جنهن تي آئون عمل ڪريان ـ پاڻ ﷺ جن فرمايو ته :

لَا يَزَالُ لِسَانُكَ رَطْبًا مِنْ ذِكْرِ اللَّهِ

تنهنجي زبان هميشه الله جي ذڪرسان آلي ۽ تازي هجي ـ

الترمذي :حديث نمبر3375 ابن ماجہ صحيح الترمذي : 3 / 139 صحيح ابن ماجہ : 2 / 317

رسول الله ﷺ جن فرمايو :

« من قعد مقعدا لم يذكر الله فيه كانت عليه من الله ترة ، ومن اضطجع مضجعا لم يذكر الله فيه كانت عليه من الله ترة »

" ڪوبه شخص اهڙي مجلس ۾ ويٺو جنهن ۾ هن الله جو ذڪر نه ڪيو ته اها مجلس انهي لاءِ الله جي طرفان نقصان جو سبب ٿيندي ۽ جيڪو به شخص ڪنهن ليٽڻ جي جڳھ تي ليٽيو ۽ الله تعالى جو ذڪر نه ڪيائين ته اها جڳھ الله جي طرفان ان جي لاءِ نقصان جو سبب ٿيندي ـ“

ابوداؤد : حديث نمبر 4856 , صحيح الجامع : 5 / 342 .

رسول الله ﷺ جن جو فرمان آهي :

« ما جلس قوم مجلسا لم يذكروا الله فيه ، ولم يصلوا على نبيهم إلا كان عليهم ترة ، فإن شاء عذبهم وإن شاء غفر لهم »

" جيڪا قوم اهڙي مجلس ۾ ويٺي جنهن ۾ هن الله جو ذڪر نه ڪيو نه ئي پنهنجي نبي ﷺ جن تي درود پڙهيائين ته اها مجلس ان قوم لاءِ نقصان جو ذريعو بڻبي ، الله چاهي ته انهن تي عذاب ڪري چاهي ته انهن کي معاف فرمائي ـ“

جامع الترمذي : حديث نمبر 3380 صحيح الترمذي : 3 / 140

رسول الله ﷺ جن جو فرمان آهي :

« ما من قوم يقومون من مجلس لا يذكرون الله فيه إلا قاموا عن مثل جيفة حمار وكان لهم حسرة »

" جيڪي ماڻهو ڪنهن اهڙي محفل مان اٿن ٿا جنهن ۾ هنن الله جو ذڪرنه ڪيوآهي ته گڏھ جهڙي بدبودارشيءَ تان اٿن ٿا ۽ اها مجلس انهن لاءِ حسرت جو سبب بڻبي ـ“

ابوداؤد : حديث نمبر 4855 ، أحمد : 2 / 398 ،صحيح الجامع : 5 / 176 .

رسول الله ﷺ جن فرمايو ته :

قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ مَنْ قَرَأَ حَرْفًا مِنْ كِتَابِ اللَّهِ فَلَهُ بِهِ حَسَنَةٌ وَالْحَسَنَةُ بِعَشْرِ أَمْثَالِهَا لَا أَقُولُ الم حَرْفٌ وَلَكِنْ أَلِفٌ حَرْفٌ وَلَامٌ حَرْفٌ وَمِيمٌ حَرْفٌ

"جيڪوشّخص قران مجيد جو هڪ حرف تلاوت ڪري ٿو انهي لاءِ هرهڪ اکر جي بدلي ۾ هڪ نيڪي آهي ۽ هڪ نيڪي انهي جهڙين ڏهن نيڪين جي برابر آهي ـ آئون ائين نٿو چوان ته الم هڪ حرف آهي بلڪه الف الڳ حرف آهي ، لام الڳ حرف آهي ۽ ميم الڳ حرف آهي ـ“

جامع الترمذي : حديث نمبر 2910 ، صحيح الترمذي: 3 / 9 ، صحيح الجامع الصغير: 5 / 340 .

سيدنا عقبہ بن عامر رضي الله عنہ فرمائي ٿو:

خَرَجَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ وَنَحْنُ فِي الصُّفَّةِ فَقَالَ أَيُّكُمْ يُحِبُّ أَنْ يَغْدُوَ كُلَّ يَوْمٍ إِلَى بُطْحَانَ أَوْ إِلَى الْعَقِيقِ فَيَأْتِيَ مِنْهُ بِنَاقَتَيْنِ كَوْمَاوَيْنِ فِي غَيْرِ إِثْمٍ وَلَا قَطْعِ رَحِمٍ فَقُلْنَا يَا رَسُولَ اللَّهِ نُحِبُّ ذَلِكَ قَالَ أَفَلَا يَغْدُو أَحَدُكُمْ إِلَى الْمَسْجِدِ فَيَعْلَمُ أَوْ يَقْرَأُ آيَتَيْنِ مِنْ كِتَابِ اللَّهِ عَزَّ وَجَلَّ خَيْرٌ لَهُ مِنْ نَاقَتَيْنِ وَثَلَاثٌ خَيْرٌ لَهُ مِنْ ثَلَاثٍ وَأَرْبَعٌ خَيْرٌ لَهُ مِنْ أَرْبَعٍ وَمِنْ أَعْدَادِهِنَّ مِنْ الْإِبِلِ

" هڪ ڏينهن رسول الله ﷺ جن آيا ۽ اسين صفه جي چبوتري ۾ويٺا هئاسين ، فرمايائون ته اوهان مان ڪير آهي جيڪو چاهي ٿو ته هرروز بطحان يا عقيق وادي ڏانهن وڃي ۽ اتان کان ٻه ٿلهن ٿوهن واريون ڏاچيون سواءِ ڪنهن گناھ ۽ رشتي ٽوڙڻ جي ڪاهي اچي ؟ اسان عرض ڪيو ته اسان کي اها ڳالھ پسند آهي ـ پاڻ ﷺ جن فرمايو ته پوءِ اوهان مان ڪوبه مسجد ڇو نٿووڃي جو اتي ٻه آيتون سکي يا تلاوت ڪري اهو عمل هن لاءِ ٻه ڏاچيون حاصل ڪرڻ کان وڌيڪ بهتر آهي ۽ ٽي آيتون (سکڻ يا تلاوت ڪرڻ ) ٽن ڏاچين ۽ چارآيتون(سکڻ يا تلاوت ڪرڻ )چارڏاچيون حاصل ڪرڻ کان بهترآهي ، انهيءَ طرح اٺن جوتعداد آيتن جي تعداد برابررهندو ـ“ مسلم : حديث نمبر: 803

حمد‏۽ ثنا،درود۽سلام ،توبه ۽ استغفار جي فضليت

حمد‏۽ ثنا، تڪبير ۽ لااله الا الله جي فضيلت :

رسول اللهﷺ جن فرمايو: " ته جيڪوشخص ڏينهن ۾هڪ سؤدفعاپڙهي :

سُبْحَانَ اللَّهِ وَبِحَمْدِه

" الله پاڪ آهي پنهنجي سموري واکاڻ سان ـ “

ان جا گناھ سمنڊ جي جھاڳ برابر هوندا تڏهن به معاف ٿي وينداآهن ـ“

البخاري : حديث نمبر 6405

رسول الله ﷺ جن فرمايو ته : " جيڪوشخص (هڪ دفعو هيٺ ڄاڻايل تسبيح) پڙهي ان شخص لاءِ جنت ۾ کجور جو هڪ وڻ لڳايوويندوآهي ـ“

سُبْحَانَ اللَّهِ الْعَظِيمِ وَبِحَمْدِهِ

" الله عظمت وارو پاڪ آهي پنهنجي سموري واکاڻ سان ـ“

الترمذي : حديث نمبر (3464 ) ، الحاڪم 1 / 501 امام حاڪم صحيِح چيو آهي ۽ امام ذهبي به سندس تائيد ڪئي آهي ، صحيح الجامع حديث نمبر (6429) ،صحيح الترمذي 3 / 160سلسلةالاحاديث الصحيحة حديث نمبر (64)

رسول الله ﷺ جن فرمايو ته: " ٻه ڪلمازبان تي هلڪا پر عملن جي ترازو ۾ ڳرا ۽الله کي تمام گهڻا محبوب آهن:

سُبْحَانَ اللَّهِ الْعَظِيمِ سُبْحَانَ اللَّهِ وَبِحَمْدِهِ

" الله پاڪ آهي پنهنجي سموري واکاڻ سان پاڪ آهي الله تمام گھڻي عظمت وارو “ البخاري: حديث نمبر 6682

رسول الله ﷺ جن فرمايو :

" آئون هيٺيان ڪلما پڙهان ته اهو عمل مون کي دنيا جي انهن سڀني شين کان محبوب آهي جن تي سج اڀري ٿو ـ“

سُبْحَانَ اللَّهِ وَالْحَمْدُ لِلَّهِ وَلَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ وَاللَّهُ أَكْبَرُ

" الله پاڪ آهي ، هر قسم جي واکاڻ الله جي لاءِ آهي ۽ الله کانسواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي ۽الله سڀ کان وڏوآهي ـ“

صحيح مسلم حديث نمبر 2695

هيٺيون ذڪر باقي رهڻ وارن نيڪ عملن مان آهي :

سُبْحَانَ اللَّهِ وَالْحَمْدُ لِلَّهِ وَلَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ وَاللَّهُ أَكْبَرُ وَلَا حَوْلَ وَلَا قُوَّةَ إِلَّا بِاللَّهِ

" الله پاڪ آهي ۽هر قسم جي واکاڻ الله جي لاءِ آهي ۽ الله کانسواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي ۽الله سڀ کان وڏوآهي نه آهي برائي کان بچڻ جي همت ۽ نه وري نيڪي ڪرڻ جي طاقت، سواءِ الله تعالى جي توفيق جي ـ“

مسند احمد :نمبر513 ترتيب احمد شاڪر هن جي سند صحيح آهي ،مجمع الزوائد 1 / 297 ، ابن حجر رحمہ الله بلوغ المرام ۾ ابو سعيد جي روايت کي نسائي جي طرف منسوب ڪندي فرمايائون ته امام ابن حبان ۽ امام حاڪم هن کي صحيح چيوآهي ، سلسلہ الاحاديث الصحيحہ: حديث نمبر 3264

نبي ﷺ جن فرمايو ته : " چار ٻول الله کي سڀ کان وڌيڪ محبوب آهن انهن مان ڪوبه پهريائين پڙهيائين ته ڪو حرج نه آهي :

سُبْحَانَ اللَّهِ وَالْحَمْدُ لِلَّهِ وَلَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ وَاللَّهُ أَكْبَرُ

" الله پاڪ آهي ۽سڀ تعريفون الله جي لاءِ آهن ۽ ان کان سواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي ۽ الله سڀ کان وڏو آهي ـ“

مسلم: حديث نمبر 2137

نبي ﷺ جن فرمايو ته : جنهن به هي دعا ڏهه ڀيرا پڙهي ڄڻ ته ان اسماعيل ( عليہ السلام ) جي اولاد مان چارغلام آزاد ڪيا ـ

لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ وَحْدَهُ لَا شَرِيكَ لَهُ, له الملك ، وله الحمد , وهو على كل شيء قدير

" الله تعالى کان سواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي ان لاءِ ئي باداشاهي آهي ۽ ان لاءِ واکاڻ آهي ۽ هوهر شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي ـ“

مسلم :حديث نمبر 2693

هڪ ڳوٺاڻو نبي ﷺ جن وٽ آيو عرض ڪيائين ته : اهڙو ذڪر ٻڌايو جيڪو آئون پڙهندو رهان پاڻ ﷺ جن فرمايو چؤ :

لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ وَحْدَهُ لَا شَرِيكَ لَهُ ، اللَّهُ أَكْبَرُ كَبِيرًا وَالْحَمْدُ لِلَّهِ كَثِيرًا سُبْحَانَ اللَّهِ رَبِّ الْعَالَمِينَ لَا حَوْلَ وَلَا قُوَّةَ إِلَّا بِاللَّهِ الْعَزِيزِ الْحَكِيمِ

" الله تعالى کان سواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي،اللھ سڀ کان وڏو آهي ۽الله جي لاءِ ئي گھڻي کان گھڻي واکاڻ آهي ، الله پاڪ آهي سمورن جهانن جو پالڻهارآهي ، نه آهي برائي کان بچڻ جي همت ۽ نه وري نيڪي ڪرڻ جي طاقت، سواءِ الله غالب ۽ حڪمت واري جي توفيق جي ـ“

ڳوٺاڻي عرض ڪيو هي (واکاڻ جي ورکا) ته منهنجي پالڻهار لاءِ آهي آئون پنهنجي حق ۾ڪهڙن لفظن سان دعا گھران ؟

پاڻ ﷺ جن فرمايو: تون چئو ته : اللَّهُمَّ اغْفِرْ لِي وَارْحَمْنِي وَاهْدِنِي وَارْزُقْنِي

" اي الله! مون کي معاف فرماءِ ۽ مون تي رحم فرماءِ ۽ مون کي هدايت عطا فرماءِ ۽ مون کي تندرستي عطا فرماءِ ۽ مون کي رزق عطا فرماء ـ “

مسلم: حديث نمبر2696 ابودا ؤد : حديث نمبر 832: ۾ هي لفظ آهن ته جڏهن ان ڳوٺاڻي پٺ ڏني نبي ﷺ جن فرمايو ته هن پنهنجا ٻئي هٿ خير

جڏهن ڪو شخص مسلمان ٿيندو هو ته نبي ﷺ جن کين نمازسيکاريندي کيس حڪ۾ ڏيندا هئا ته هنن لفظن سان دعا گھرندو رھ :

اللَّهُمَّ اغْفِرْ لِيْ وَارْحَمْنِيْ وَاهْدِنِيْ وَعَافِنِيْ وَارْزُقْنِيْ

" اي الله! مون کي معاف فرماءِ ۽ مون مٿي رحم فرماءِ ۽ مون کي هدايت عطا فرماءِ ۽ مون کي رزق عطا فرماء ـ“

مسلم: حديث نمبر 2697 مسلم جي روايت ۾ هي لفظ آهن ته هي ڪلما تنهنجي لاءِ دنيا ۽ آخرت گڏ ڪندا ـ

نبي ﷺ جن فرمايوته اي عبد الله بن قيس ! ڇاآئون توکي جنت جي خزانن جو ڏس نه ڏيان؟ مون عرض ڪيو اي الله جا نبي ﷺ! ڇونه ( بلڪل ڏس ڏيوم) !پاڻ ﷺ جن فرمايو ته تون چؤ ته :

وَلَا حَوْلَ وَلَا قُوَّةَ إِلَّا بِاللَّهِ

"نه آهي برائي کان بچڻ جي همت ۽ نه وري نيڪي ڪرڻ جي طاقت،سواءِ الله جي توفيق جي “ـ

البخاري : حديث نمبر6409 ، مسلم: حديث نمبر 2704

نبي ﷺ جن جو فرمان آهي ته :

سڀ کان بهترين دعا آهي

اَلْحَمْدُ لِلَّهِ

" سڀ واکاڻ الله جي لاءِ ئي آهي ـ“

سڀ کان بهترين ذڪر آهي :

لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ

" الله کان سواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي ـ “

الترمذي: حديث نمبر 3383 الحاڪم:1 / 503 امام حاڪم هن کي صحيح چيو آهي امام ذهبي سندن تائيد ڪئي آهي ، صحيح الجامع: 1 / 362 .

رسول الله ﷺ جن فرمايو ته ": ڇا اوهين هرروز هڪ هزار نيڪيون ڪمائي نٿا سگهو ؟ مجلس ۾ ويٺلن مان ڪنهن عرض ڪيو ته اسان مان ڪو هڪ هزار نيڪيون ڪيئن ڪمائي سگهي ٿو ؟ پاڻ ﷺ جن فرمايو ته هرروزهزارڀيرا سبحان الله پڙهي ته ان جي لاءِ هڪ هزار نيڪيون لکيون وينديون آهن ۽ هڪ هزار گناھ بخشيا ويندا آهن ـ“

صحيح لمسلم :حديث نمبر 2698

رسول الله ﷺجن تي درود موڪلڻ جي فضيلت

رسول الله ﷺ جن فرمايو ته :" جيڪو شخص مون تي هڪ درود موڪليندو ته الله تعالى ان تي ڏھه رحمتون نازل ڪندو ـ“

مسلم: حديث نمبر 408

رسول اللهﷺ جن فرمايو ته : " منهنجي قبر کي ميلو جوهنڌ نه بنائجو ۽ مون تي درود موڪليو ڇوته توهان جتي به هجو پر اوهان جو درود مون کي پهچي ٿو ـ“

ابوداؤد: حديث نمبر 2042 أحمد 2 / 367 علامہ الباني هن روايت کي صحيح چيو آهي

صحيح ابوداؤد 2 / 383

رسول الله ﷺ جن فرمايو ته : " ڪنجوس آهي اهو انسان جنهن وٽ منهنجو ذڪر ٿيو پر ان مون تي درود نه پڙهيو ـ“

الترمذي :حديث نمبر 3546 ، صحيح الجامع : حديث نمبر (2878) ، صحيح الترمذي: 3 / 177 .

نبي ﷺ جن فرمايو ته : " الله تعالى جا ڪجھ ملائڪ اهڙا آهن جيڪي زمين جوسير ڪندي منهنجي امت جو سلام مون تائين پهچائين ٿا ـ“

النسائي :حديث نمبر 1283 ،الحاڪم: 2 / 421 , علامہ الباني هن روايت کي صحيح چيو آهي: صحيح النسائي: 1 / 274

رسول الله ﷺ جن فرمايو ته : "جڏهن ڪو شخص مون تي سلام چوندوآهي ته الله تعالى منهنجي روح کي واپس موٽائيندو آهي ته جيئن آئون ان جي سلام جو جواب ڏيان ـ“

ابوداؤد: حديث 2041 علامہ الباني هن روايت کي حسن قرار ڏنو آهي : صحيح ابوداؤد: 1 / 383

مسنون درود

اللَّهُمَّ صَلِّ عَلَى مُحَمَّدٍ وَعَلَى آلِ مُحَمَّدٍ كَمَا صَلَّيْتَ عَلَى إِبْرَاهِيمَ وَعَلَى آلِ إِبْرَاهِيمَ إِنَّكَ حَمِيدٌ مَجِيدٌ اللَّهُمَّ بَارِكْ عَلَى مُحَمَّدٍ وَعَلَى آلِ مُحَمَّدٍ كَمَا بَارَكْتَ عَلَى إِبْرَاهِيمَ وَعَلَى آلِ إِبْرَاهِيمَ إِنَّكَ حَمِيدٌ مَجِيدٌ

" اي الله!رحمت نازل فرماءِ محمد ﷺ۽ محمد ﷺجن جي آل تي جيئن تو رحمت نازل فرمائي ابراهيم عليه السلام ۽ ابراهيم عليه السلام جي آل تي بيشڪ تون ساراهيل۽ بزرگي واروآهين .

اي الله!برڪت نازل فرماءِ محمدﷺ ۽ محمد ﷺ جن جي آل تي جيئن تو برڪت نازل فرمائي ابراهيم عليه السلام ۽ ابراهيم عليه السلام جي آل تي بيشڪ تون ساراهيل۽ بزرگي واروآهين .“

البخاري: حديث نمبر 3370

توبه ۽ استغفار

رسول للهﷺ جن فرمايوته : " الله جو قسم! آئون ڏينهن ۾ ستر دفعن کان وڌيڪ الله کان بخشش گھران ٿو۽ ان جي اڳيان توبه ڪريان ٿو .“

البخاري : حديث نمبر 6307

نبي ﷺ جن فرمايو ته : " اي ماڻهؤ ! الله کان پنهنجي گناهن جي بخشش گھرو آئون ڏينهن ۾ سؤ ڀيرا گناهن جي بخشش گھرندوآهيان ـ“

اغر مزني رضي الله عنہ روايت ڪري ٿو رسول الله ﷺ جن فرمايو ته : " منهنجي دل تي (الله جي ذڪر کان چند گهڙين لاءِ ڀل جي ڪري ) پردو محسوس ڪندوآهيان ، جڏهن ته آئون الله کان ڏينهن ۾ سؤ ڀيرا بخشش گھرندو آهيان .“

مسلم: حديث نمبر 2702

نبي ﷺ جن فرمايو ته : " الله تعالى رات جي آخري پهر ۾ ٻانهي کي سڀ کان وڌيڪ ويجھوهوندو آهي، جيڪڏهن تون چاهين ٿوته ان گھڙيءَ ۾الله تعالى کي ياد ڪرڻ وارن مان ٿي وڃان، ته ٿي وڃ .“

الترمذي : حديث نمبر3579 ،صحيح الترمذي : 3 / 183

نبي ﷺ جن فرمايو ته : " ٻانهو پنهنجي رب کي سڀ کان وڌيڪ ويجهو سجدي جي حالت ۾ هوندو آهي ان ڪري سجدي ۾ گھڻي کان گھڻي دعا گھرندا ڪريوـ“

مسلم:حديث نمبر 482

نبي ﷺ جن فرمايوته : " جيڪو هي دعا گھرندو آهي الله تعالى ان کي معاف ڪري ڇڏيندو آهي ڀلي اهو جهاد مان ڀڄي آيو هجي ـ“

أَسْتَغْفِرُ اللَّهَ الْعَظِيمَ الَّذِي لَا إِلَهَ إِلَّا هُوَ الْحَيُّ الْقَيُّومَ وَأَتُوبُ إِلَيْهِ

" آئون ان الله کان بخشش گھران ٿو جنهن کان سواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي جيڪو زندھ ۽ڪائنات جو نگران آهي آئون انهيءَ جي درتي توبه تائب ٿيان ٿوـ“

ابوداؤد: حديث نمبر 1517، الترمذي: 5 / 569 امام حاڪم هن روايت کي صحيح چيو آهي امام ذهبي سندس تائيد ڪئي آهي 1 / 511 ۽ علامه الباني به صحيح چيو آهي صحيح الترمذي 3 / 182 هتي هن دعا جي فقط زباني ادائگي مقصود نه آهي بلڪه دعا جي لفظن جي معنى کي روح ۽ دل جي گھرائين سان محسوس ڪندي هميشه جي لاءِ توبه ڪري ـ

سمهڻ ۽ جاڳڻ وقت دعائون

سمهڻ وقت دعائون:

سورت آلم السجده ۽ سورت تبارڪ الذي بيده الملڪ پڙهجي 1

الترمذي :حديث نمبر 3404 صحيح الجامع: 4 / 255

2 هٿ جون ٻئي تريون ملائي سورت الاخلاص ،سورت الفلق، سورت الناس پڙهي هٿن تي ڦوڪجي ۽ هٿ جسم جي جنهن حصي پهچي سگھن ، ان حصي تي ڦيرائي، مٿي،منهن ۽جسم جي اڳئين حصي کان شروع ڪري ، ان طرح ٽي ڀيرا ڪري ـ

بخاري: حديث نمبر 5017

3 جڏ هن توهان بستري تي پهچو ته آيةالڪرسي مڪمل پڙهو ائين ڪرڻ سان الله جي طرفان هڪ حفاظت ڪندڙ ملائڪ مقرر ٿي ويندو ۽صبح تائين شيطان اوهان جي ويجھو نه اچي سگھندو

صحيح البخاري : حديث نمبر 5010

4 جيڪو شخص هيٺ ڏنل ٻه آيتون رات جي وقت پڙهندو ته اهي ان جي لاءِ ڪافي رهنديون :

آمَنَ الرَّسُولُ بِمَا أُنْزِلَ إِلَيْهِ مِنْ رَبِّهِ وَالْمُؤْمِنُونَ كُلٌّ آمَنَ بِاللَّهِ وَمَلَائِكَتِهِ وَكُتُبِهِ وَرُسُلِهِ لَا نُفَرِّقُ بَيْنَ أَحَدٍ مِنْ رُسُلِهِ وَقَالُوا سَمِعْنَا وَأَطَعْنَا غُفْرَانَكَ رَبَّنَا وَإِلَيْكَ الْمَصِيرُلَا يُكَلِّفُ اللَّهُ نَفْسًا إِلَّا وُسْعَهَا لَهَا مَا كَسَبَتْ وَعَلَيْهَا مَا اكْتَسَبَتْ رَبَّنَا لَا تُؤَاخِذْنَا إِنْ نَسِينَا أَوْ أَخْطَأْنَا رَبَّنَا وَلَا تَحْمِلْ عَلَيْنَا إِصْرًا كَمَا حَمَلْتَهُ عَلَى الَّذِينَ مِنْ قَبْلِنَا رَبَّنَا وَلَا تُحَمِّلْنَا مَا لَا طَاقَةَ لَنَا بِهِ وَاعْفُ عَنَّا وَاغْفِرْ لَنَا وَارْحَمْنَا أَنْتَ مَوْلَانَا فَانْصُرْنَا عَلَى الْقَوْمِ الْكَافِرِينَ

" رسول جيڪي ڪجھ ڏانهس سندس رب جي طرفان نازل ڪيو ويو آهي ان تي ايمان آندو۽سڀئي مؤمن الله تي، ملائڪن تي، ڪتابن تي۽رسولن تي ايمان رکن ٿا ته ۽چون ٿا ته اسين سندس رسولن مان ڪنهن هڪ جي مڃڻ ۾فرق نٿا ڪريون ۽ چون ٿا ته اي رب اسان جا ! اسان ٻڌو ۽ مڃيو۽ اسين تنهنجي بخشش گھرون ٿا ۽ تنهنجي طرف ئي موٽڻو آهي ـ الله تعالى ڪنهن جان کي پابند نٿو ڪري مگر ان جي وس آهر، جيڪي هن ڪمايو ان جو فائدو ان جي لاءِ آهي ۽ جيڪي ڪجھ برائي ڪيائين ان جو گهاٽو به مٿس آهي اي رب اسانجا ! اسان جي پڪڙ نه ڪجانءِ جيڪڏهن اسان وساريون يا خطا کائون ـ اي رب اسان جا ! اسان جي مٿان اهڙو بار نه رک جيڪو اسان کان اڳين تي رکيئي ۽ اسان کي اهڙو بار نه کڻاءِ جنهن جي اسان کي طاقت نه هجي ۽ اسان کي معاف فرماءِ ۽ اسان تي رحم فرماءِ، تون ئي اسان جو ڌڻي آهين ۽ اسان جي ڪافرن جي ٽولي جي مقابلي ۾ مدد فرماء ـ“

البقرة : 285 - 286 البخاري :حديث نمبر 5009

جيڪو شخص رات جو سمهڻ جي وقت 5

33 دفعا سبحان الله( الله پاڪ آهي) ـ

33 دفعا الحمد لله ( سڀ تعريف الله جي لاءِ آهي) ـ

33 دفعا الله اڪبر (الله سڀ کان وڏوآهي) ـ

چوندو ته اهو عمل انهي لاءِ هڪ نوڪر جي هجڻ کان وڌيڪ بهترآهي ـ

صحيح لمسلم: حديث نمبر2727

6 بستري تي ليٽڻ کان پهرين ان کي چڱي طرح ڇنڊي صاف ڪيو وڃي ساڄي پاسي ڀرليٽي ۽ ساڄي ڳل جي هيٺيان ساڄو هٿ رکي هي دعا پڙهي :

بِاسْمِكَ اللَّهُمَّ أَمُوتُ وَأَحْيَا

" اي الله!تنهنجي ئي نالي سان جيئان ۽مران ٿو“ـ

البخاري : حديث نمبر6320

7 جيڪڏهن اوهان مان ڪو شخص بستري تان اٿي هليو وڃي ۽ ٻيهر موٽي اچي ته ان کي ٽي ڀيراڇنڊي ۽ بسم الله چوي ،ٿي سگھي ٿوته هن جي وڃڻ کانپوءِ بستري تي ڪا شيءِ آئي هجي ۽ جڏهن ليٽي ته هيءَ دعا پڙهي :

بِاسْمِكَ رَبِّ وَضَعْتُ جَنْبِي وَبِكَ أَرْفَعُهُ إِنْ أَمْسَكْتَ نَفْسِي فَارْحَمْهَا وَإِنْ أَرْسَلْتَهَا فَاحْفَظْهَا بِمَا تَحْفَظُ بِهِ عِبَادَكَ الصَّالِحِينَ

" منهنجا رب ! تنهنجي ئي نالي سان پهنجي پاسي کي رکيم ۽ تنهنجي ئي نالي سان انهيءَ کي کڻندس جيڪڏهن تو منهنجي جان کي روڪي ورتوته مٿس رحم ڪجانءِ ۽جيڪڏهن کيس واپس ڇڏين ته سندس ائين حفاظت ڪجانءِ جيئن تون پنهنجي نيڪ ٻانهن جي حفاظت ڪندوآهين .“

البخاري: حديث نمبر 6320

8 اللَّهُمَّ إِنَّكَ خَلَقْتَ نَفْسِي وَأَنْتَ تَوَفَّاهَا, لَكَ مَمَاتُهَا وَمَحْيَاهَا إِنْ أَحْيَيْتَهَا فَاحْفَظْهَا وَإِنْ أَمَتَّهَا فَاغْفِرْ لَهَا, اللَّهُمَّ أَسْأَلُكَ الْعَافِيَةَ

مسلم: حديث نمبر 2712 ، مسند أحمد : 2 / 79

" اي الله!تو منهنجي جان کي خلقيو ۽ تون کيس موت ڏيندين ، تنهنجي ئي اختيار ۾ انهيءَ جي زندگي ۽ موت آهي جيڪڏهن کيس جيئارين ته سندس حفاظت فرمائجانءِ جيڪڏهن کيس مارين ته کيس بخش فرمائجانءِ ،اي الله! آئون توکان عافيت گھران ٿو ـ“

9 اللَّهُمَّ أَسْلَمْتُ نَفْسِي إِلَيْكَ وَفَوَّضْتُ أَمْرِي إِلَيْكَ وَأَلْجَأْتُ ظَهْرِي إِلَيْكَ رَهْبَةً وَرَغْبَةً إِلَيْكَ لَا مَلْجَأَ وَلَا مَنْجَا مِنْكَ إِلَّا إِلَيْكَ آمَنْتُ بِكِتَابِكَ الَّذِي أَنْزَلْتَ وَبِنَبِيِّكَ الَّذِي أَرْسَلْتَ

" اي الله!تنهنجي ثواب جي نيت رکندي، تنهنجي عذاب کان ڊڄندي، مون پنهنجي نفس کي تنهنجو فرمانبردار بڻايو ۽پنهنجو معاملو تنهنجي سپرد ڪيم، تنهنجي طرف ئي پنهنجورخ ڦيريم، پنهنجي پٺ تنهنجي اڳيان ئي جھڪايم، تو سواءِ نه ڪا پناھ گاھ آهي ، نه وري ڇوٽڪاري جي جڳھ ،تنهنجي ان ڪتاب تي ايمان آندم جيڪو تو نازل فرمايو ۽ ان نبيءَ تي جنهن کي تو رسول بڻائي موڪليو “ـ

البخاري : حديث نمبر 6313، مسلم: حديث نمبر 2710

10 جڏهن رسول ﷺ جن سمهڻ جو ارادوڪندا هئا ته پنهنجو ساڄو هٿ ساڄي ڳل جي هيٺيان رکندا هئا ۽ هيءَ دعا ٽي دفعا پڙهندا هئا :

اللَّهُمَّ قِنِي عَذَابَكَ يَوْمَ تَبْعَثُ عِبَادَكَ

" اي الله! مون کي پنهنجي عذاب کان بچاءِ ، جنهن ڏينهن تون پنهنجي ٻانهن کي( عملن جي حساب ڪتاب لاء ِقبرن مان) اٿاريندي ـ“

ابوداؤد: حديث نمبر 5045 صحيح الترمذي: 3 / 143

11 اللَّهُمَّ فَاطِرَ السَّمَوَاتِ وَالْأَرْضِ عَالِمَ الْغَيْبِ وَالشَّهَادَةِ لَا إِلَهَ إِلَّا أَنْتَ رَبَّ كُلِّ شَيْءٍ وَمَلِيكَهُ أَعُوذُ بِكَ مِنْ شَرِّ نَفْسِي وَمِنْ شَرِّ الشَّيْطَانِ وَشِرْكِهِ وَأَنْ أَقْتَرِفَ عَلَى نَفْسِي سُوءًا أَوْ أَجُرَّهُ إِلَى مُسْلِمٍ

"اي الله! ڳجھ ۽ظاهر جا ڄاڻندڙ !زمين ۽ آسمان جا خلقيندڙ!هرشيءِ جا پالڻهار ۽ بادشاھ ! آئون گواهي ڏيان ٿو ته توکان سواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي ،آئون تنهنجي پناھ گھران ٿو شيطان جي برائي کان ، ان جي شرڪ کان ۽ تنهنجي پناھ گھران ٿو هن ڳالھ کان ته آئون پنهنجي جان کي ڪنهن برائي ۾ مبتلا ڪريان يا ڪنهن مسلمان سان برائي ڪريان ـ“

ابوداؤد: حديث نمبر5083 جامع ترمذی: حديث نمبر 3392، صحيح الترمذي: 3 / 142

12 الْحَمْدُ لِلَّهِ الَّذِي أَطْعَمَنَا وَسَقَانَا وَكَفَانَا وَآوَانَا فَكَمْ مِمَّنْ لَا كَافِيَ لَهُ وَلَا مُؤْوِيَ

" هر قسم جي تعريف ان الله جي لاءِ جنهن اسان کي کارايو ۽ پياريو۽ اسان کي ڪافي ٿيو ۽ اسان کي جڳهه ڏنائين حالانڪه ڪيترائي اهڙا به انسان آهن جن جونه ڪو ڪفايت ڪندڙ آهي ۽ نه ٺڪاڻوڏيندڙ ـ“

مسلم :حديث نمبر2715

13 اللَّهُمَّ رَبَّ السَّمَاوَاتِ وَرَبَّ الْأَرْضِ وَرَبَّ الْعَرْشِ الْعَظِيمِ رَبَّنَا وَرَبَّ كُلِّ شَيْءٍ فَالِقَ الْحَبِّ وَالنَّوَى وَمُنْزِلَ التَّوْرَاةِ وَالْإِنْجِيلِ وَالْفُرْقَانِ أَعُوذُ بِكَ مِنْ شَرِّ كُلِّ شَيْءٍ أَنْتَ آخِذٌ بِنَاصِيَتِهِ اللَّهُمَّ أَنْتَ الْأَوَّلُ فَلَيْسَ قَبْلَكَ شَيْءٌ وَأَنْتَ الْآخِرُ فَلَيْسَ بَعْدَكَ شَيْءٌ وَأَنْتَ الظَّاهِرُ فَلَيْسَ فَوْقَكَ شَيْءٌ وَأَنْتَ الْبَاطِنُ فَلَيْسَ دُونَكَ شَيْءٌ اقْضِ عَنَّا الدَّيْنَ وَأَغْنِنَا مِنْ الْفَقْرِ

" اي الله!ستن آسمانن جا پالڻهار۽ زمينن جا پالڻهار!عظيم عرش جا ڌڻي!اي پالڻهار اسانجا ! اي داڻي ۽ککڙي کي چيرڻ وارا!اي تورات ، انجيل ۽ قرآن جا نازل فرمائيندڙ!آئون هران شيءَ جي برائي کان تنهنجي پناھ گھران ٿوجنهن جي پيشاني کي تون پڪڙيندڙ آهين ـ اي الله! تون ئي اول آهين توکان پهريائين ڪابه شيءِ نه آهي ،تون ئي آخر آهين، توکان پوءِ ڪابه شي نه آهي، تون ئي ظاهر آهين، توکان مٿي ڪابه شيءِ نه آهي، تون ڳجھو آهين، توکان ڪابه شيءِ لڪيل نه آهي ، اسان جي طرفان قرض کي ادا فرماءِ ۽ سان کي شاهوڪارڪر ۽ فقيري کان

بچاءِ .“

مسلم: حديث نمبر 2713

رات جو پاسو بدلائڻ جي جي دعا

لا إله إلا الله الواحد القهار, رب السماوات والأرض وما بينهما العزيز الغفار

" الله کان سواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي ، هو اڪيلو، زبردست ، آسمانن ۽ زمينن ۽ٻنهي جي درميان وارن جو ڌڻي ،غالب ۽ گھڻو معاف ڪندڙ آهي ـ“

الحاڪم: 1 /540 امام حاڪم صحيح قرار ڏنو آهي ۽ امام ذهبي سندس تائيد ڪئي آهي , صحيح الجامع: 4 / 213 .

ننڍ دوران ڳهٻراهٽ ۽ وحشت جي دعا

أَعُوذُ بِكَلِمَاتِ اللَّهِ التَّامَّاتِ مِنْ غَضَبِهِ وَعِقَابِهِ وَشَرِّ عِبَادِهِ وَمِنْ هَمَزَاتِ الشَّيَاطِينِ وَأَنْ يَحْضُرُونِ

"اللھ جي مڪمل ڪلمن جي ذريعي سان پناھ گھران ٿو سندس ناراضگي ۽ سزا کان ۽ سندس ٻانهن جي برائي کان ۽ وجھڻ شيطانن جي وسوسن کان ۽هن ڳالھ کان جو اهي مون وٽ اچن .“

ترمذي : حديث نمبر: 3528، صحيح الترمذي: 3 / 171 .

سٺو يابرو خواب ڏسڻ وقت ڇا ڪجي ؟

سٺو خواب الله تعالى جي طرفان هوندو آهي جيڪو شخص سٺو خواب ڏسي ان کي الله تعالى جي واکاڻ بيان ڪرڻ گھرجي۽ پنهنجي دلي دوستن (يا خير خواهن ) کانسواءِ ڪنهن سان بيان نه ڪري .

صحيح البخاري: حديث نمبر6585

برو خواب ڏسي ته کاٻي طرف ٽي دفعا ٿڪي ـ

مسلم :حديث نمبر 2263

شيطان ۽ ڏٺل خواب جي برائي کان الله جي پناھ طلب ڪري ـ

مسلم :حديث نمبر2263

برو خواب ڪنهن سان بيان نه ڪري ـ

مسلم :حديث نمبر 2263

جنهن پاسي ڀر ليٽيل هجي ،ان کي بدلائي ڇڏي ـ

مسلم: حديث نمبر2263

جيڪڏهن چاهي ته اٿي نماز پڙهي ـ

مسلم: حديث نمبر2263

ننڊ دوران جاڳڻ وقت دعا

جنهن شخص رات جو ڪنهن وقت جاڳي هيٺين ڪلمن جو ورد ڪيو ته ان کي بخشيو ويندو ، جيڪڏهن وضو ڪري نماز پڙهي ته ان جي نماز قبول ڪئي ويندي .

لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ وَحْدَهُ لَا شَرِيكَ لَهُ لَهُ الْمُلْكُ وَلَهُ الْحَمْدُ وَهُوَ عَلَى كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ سُبْحَانَ اللَّهِ وَالْحَمْدُ لِلَّهِ وَلَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ وَاللَّهُ أَكْبَرُ وَلَا حَوْلَ وَلَا قُوَّةَ إِلَّا بِاللَّهِ الْعَلِيِّ الْعَظِيمِ رَبِّ اغْفِرْ لِي

" الله تعالى کان سواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي ،ان لاءِ ئي بادشاهي آهي ۽ان لاءِ واکاڻ آهي هر شيءَ تي قدرت رکندڙ آهي ـ الله پاڪ آهي ۽هر قسم جي واکاڻ الله جي لاءِ آهي ۽ الله کانسواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي ۽الله سڀ کان وڏوآهي۽نه آهي برائي کان بچڻ جي همت ۽ نه وري نيڪي ڪرڻ جي طاقت ، سواءِ بلند ۽ عظمت واري الله جي توفيق جي ، اي رب منهنجا ! مون کي بخش فرماءِ .“

سنن ابن ماجہ : حديث نمبر 3878

ننڊ مان جاڳڻ وقت جون دعائون

1 الْحَمْدُ لِلَّهِ الَّذِي أَحْيَانَا بَعْدَ مَا أَمَاتَنَا وَإِلَيْهِ النُّشُورُ

مسلم حديث نمبر: 2713

" سڀ واکاڻ الله جي لاءِ آهي جنهن اسان کي مارڻ کان پوءِ زندھ ڪيو ۽ان جي طرف ئي موٽڻو آهي . “

2 الْحَمْدُ لِلَّهِ الَّذِي عَافَانِي فِي جَسَدِي وَرَدَّ عَلَيَّ رُوحِي وَأَذِنَ لِي بِذِكْرِهِ

" ھر قسم جي واکاڻ الله تعالى جي لاءِ خاص آهي جنهن مون کي جسماني عافيت ۽ صحتمندي ڏني ـ مون تي منهنجي روح کي واپس ڪيائين۽مون کي سندس ذڪرڪرڻ جي توفيق ڏنائين . “

الترمذي: حديث نمبر 3401، صحيح الترمذي: 3 / 144 .

3 إِنَّ فِي خَلْقِ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ وَاخْتِلَافِ اللَّيْلِ وَالنَّهَارِ لَآَيَاتٍ لِأُولِي الْأَلْبَابِ (190) الَّذِينَ يَذْكُرُونَ اللَّهَ قِيَامًا وَقُعُودًا وَعَلَى جُنُوبِهِمْ وَيَتَفَكَّرُونَ فِي خَلْقِ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ رَبَّنَا مَا خَلَقْتَ هَذَا بَاطِلًا سُبْحَانَكَ فَقِنَا عَذَابَ النَّارِ (191) رَبَّنَا إِنَّكَ مَنْ تُدْخِلِ النَّارَ فَقَدْ أَخْزَيْتَهُ وَمَا لِلظَّالِمِينَ مِنْ أَنْصَارٍ (192) رَبَّنَا إِنَّنَا سَمِعْنَا مُنَادِيًا يُنَادِي لِلْإِيمَانِ أَنْ آَمِنُوا بِرَبِّكُمْ فَآَمَنَّا رَبَّنَا فَاغْفِرْ لَنَا ذُنُوبَنَا وَكَفِّرْ عَنَّا سَيِّئَاتِنَا وَتَوَفَّنَا مَعَ الْأَبْرَارِ (193) رَبَّنَا وَآَتِنَا مَا وَعَدْتَنَا عَلَى رُسُلِكَ وَلَا تُخْزِنَا يَوْمَ الْقِيَامَةِإِنَّكَ لَا تُخْلِفُ الْمِيعَادَ (194) فَاسْتَجَابَ لَهُمْ رَبُّهُمْ أَنِّي لَا أُضِيعُ عَمَلَ عَامِلٍ مِنْكُمْ مِنْ ذَكَرٍ أَوْ أُنْثَى بَعْضُكُمْ مِنْ بَعْضٍ فَالَّذِينَ هَاجَرُوا وَأُخْرِجُوا مِنْ دِيَارِهِمْ وَأُوذُوا فِي سَبِيلِي وَقَاتَلُوا وَقُتِلُوا لَأُكَفِّرَنَّ عَنْهُمْ سَيِّئَاتِهِمْ وَلَأُدْخِلَنَّهُمْ جَنَّاتٍ تَجْرِي مِنْ تَحْتِهَا الْأَنْهَارُ ثَوَابًا مِنْ عِنْدِ اللَّهِ وَاللَّهُ عِنْدَهُ حُسْنُ الثَّوَابِ (195) لَا يَغُرَّنَّكَ تَقَلُّبُ الَّذِينَ كَفَرُوا فِي الْبِلَادِ (196) مَتَاعٌ قَلِيلٌ ثُمَّ مَأْوَاهُمْ جَهَنَّمُ وَبِئْسَ الْمِهَادُ (197) لَكِنِ الَّذِينَ اتَّقَوْا رَبَّهُمْ لَهُمْ جَنَّاتٌ تَجْرِي مِنْ تَحْتِهَا الْأَنْهَارُ خَالِدِينَ فِيهَا نُزُلًا مِنْ عِنْدِ اللَّهِ وَمَا عِنْدَ اللَّهِ خَيْرٌ لِلْأَبْرَارِ (198) وَإِنَّ مِنْ أَهْلِ الْكِتَابِ لَمَنْ يُؤْمِنُ بِاللَّهِ وَمَا أُنْزِلَ إِلَيْكُمْ وَمَا أُنْزِلَ إِلَيْهِمْ خَاشِعِينَ لِلَّهِ لَا يَشْتَرُونَ بِآَيَاتِ اللَّهِ ثَمَنًا قَلِيلًا أُولَئِكَ لَهُمْ أَجْرُهُمْ عِنْدَ رَبِّهِمْ إِنَّ اللَّهَ سَرِيعُ الْحِسَابِ (199) يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آَمَنُوا اصْبِرُوا وَصَابِرُوا وَرَابِطُوا وَاتَّقُوا اللَّهَ لَعَلَّكُمْ تُفْلِحُونَ (200)

ترجمو: بيشڪ زمين ۽ آسمان جي پيدائش ۽ رات ڏينهن جي اچڻ وڃڻ ۾ عقل وارن لاءِ نشانيون آهن ـ اهي جيڪي الله کي ياد ڪن ٿا بيٺي ، ويٺي ۽ پنهجن پاسن ڀر ۽ سوچ ۽ ويچار ڪن ٿا آسمان ۽ زمين جي پيدائش ۾ ۽( چون ٿا ) اي رب اسان جا !جنهن کي توپيدا ڪيوآهي اهو اجايونه آهي تون پاڪ آهين سواسان کي دوزخ جي عذاب کان بچاءِ ـ اي اسان جا رب ! جنهن کي تودوزخ ۾وڌو تنهن کي تو بي شڪ خوار ڪيو۽ ظالمن جو ڪوبه مدد گار نه آهي ـ اي اسان جا رب !اسان ٻڌو هڪ پڪارڻ واري کي جيڪو پڪاري ٿو ايمان آڻڻ جي لاءِ ته پنهنجي رب تي ايمان آڻيوسو اسان ايمان آندو اي اسان جا رب ! اسان کي بخش فرماءِ اسانجا گناھ ميٽي ڇڏ ۽ نيڪ ماڻهن سان گڏ موت ڏي بيشڪ تون وعدي خلافي نٿو ڪرين پوءِ سندن رب انهن لاءِ دعا قبول ڪئي ته آئون توهان مان ڪنهن عمل ڪندڙ جو عمل ضايع نه ڪندس خواہ مرد هجي يا عورت ۽ پاڻ ۾ اوهين هڪ ٻي مان آهيو ـ پوءِ جن هجرت ڪئي ۽ پهنجي گھرن مان ڪڍيا ويا ۽ منهنجي راھ ۾ ڏکوئيا ويا ۽ لڙيا ۽ ماريا ويا ، آئون ضرور انهن جون برايون مٽائيندس ۽ ضرور انهن کي باغن ۾ داخل ڪندس جن جي هيٺيان نهرون وهن ٿيون ، اهو بدلو الله جي طرفان آهي ۽ الله تعالى وٽ سهڻو بدلو اهي ـ توکي ڪافرن جي شهر ۾ڦير گھير ڌوکي ۾ نه وجھي ،اهو ٿورو سامان آهي پوءِ آخرٺڪاڻو انهن جوجهنم آهي ۽ اها ڏاڍي بري جاءِ آهي ـ پر جيڪي پهنجي رب کان ڊنا ، انهن جي لاءِ عمدا باغ آهن جن جي هيٺيان نهرون وهن ٿيون هميشه ان ۾ رهندڙ هوندا ـ اها الله جي طرفان مهماني آهي ۽ جيڪي ڪجھ الله وٽ نيڪن لاءِ سو ڀلوآهي بيشڪ الله جلد حساب وٺندڙ آهي ۽ بي شڪ اهل ڪتاب مان ڪي اهڙا به آهن جيڪي الله تي ۽ جيڪي اوهان ڏي نازل ڪيو ويوآهي ۽ جيڪي ڏانهن نازل ڪيوويوآهي ان تي ايمان رکن ٿا ، الله جي لاءِ عاجزي ڪندڙ ، ڊڄندڙآهن الله تعالى جي آيتن تي ٿوروملھ نٿا وٺن اهي آهن جن لاءِانهن جو اجر سندس رب وٽ آهي بيشڪ الله تعالى جلدي حساب ڪندڙآهي ـ اي ايمان وارؤ! صبر ڪريو۽ ٻين کي صبر سيکاريو ۽ ڪرايو۽ الله کان ڊڄندا رهو تان ته اوهين ڪامياب ٿيو ـ“

آل عمران 190_200 ، صحيح البخاري : حديث نمبر 2570

پاڪائي ، ٻانگ ۽ نماز

بيت الخلا ۾ داخل ٿيڻ جي دعا

[ بسم الله ] اللَّهُمَّ إِنِّي أَعُوذُ بِكَ مِنْ الْخُبُثِ وَالْخَبَائِثِ

" الله جي نالي سان (داخل ٿيان ٿو ) اي الله!آئون تنهنجي پناه ۾ اچان ٿو ناپاڪ جنن ۽ جنڻين کان ـ“

البخاري:حديث نمبر 142

بيت الخلا مان نڪرڻ جي دعا

غُفْرَانَكَ

" اي (الله ! آئون) تنهنجي بخشش جو طلبگار آهيان ـ“

الترمذي : حديث نمبر 7

مسجد ڏانهن وڃڻ جي دعا

« اللهم اجعل في قلبي نورا وفي لساني نورا, وفي سمعي نورا , وفي بصري نورا , ومن فوقي نورا , ومن تحتي نورا , وعن يميني نورا , وعن شمالي نورا , ومن أمامي نورا , ومن خلفي نورا , واجعل في نفسي نورا , وأعظم لي نورا, وعظم لي نورا , واجعل لي نورا , واجعلني نورا , اللهم أعطني نورا , واجعل في عصبي نورا , وفي لحمي نورا , وفي دمي نورا , وفي شعري نورا , وفي بشري نورا »

" اي الله! منهنجي دل ۾ نور پيدا فرماءِ ۽منهنجي زبان ۽ ڪنن ۾ نور پيدا فرماءِ ۽اکين ۾ نور پيدا فرماءِ ۽ منهنجي هيٺان ۽مٿان کان نور پيدا فرماءِ، ساڄي ۽ کاٻي کان نور پيدا فرماءِ۽ منهنجي اڳيان نور پيدا فرماءِ ۽منهنجي پويان کان نور پيدا فرماءِ ۽ منهنجي جان ۾ به نور پيدا فرماءِ ۽مون کي وڏو ۽ عظمت ڀريو نور عطا فرماءِ منهنجي لاءِ (هر طرف) نور پيدافرماءِ ۽ مون کي سراپا نور بڻاءِ اي الله !مون کي نور عطا فرماءِ ، منهنجي جوڙن ۾ نور عطا فرماءِ منهنجي گوشت ۾ ۽منهنجي رت ۾ نور پيدا فرماءِ۽منهنجي وارن ۾ نور پيدا فرماءِ ۽ منهنجي کل ۾ نور پيدا فرماءِ اي الله !منهنجي لاءِ منهنجي قبرکي نور بڻاءِ ۽ منهنجي هڏن کي نور بڻاءِ ۽ منهنجي نور ۾ واڌاروفرماءِ ۽ منهنجي نور ۾ واڌارو ، ۽ منهنجي نور ۾ واڌارو ۽مون کي نورن مٿان نور عطا فرماءِ ـ“

مسلم حديث نمبر 763 فتح الباري 11 / 118 ۾ ابن حجر رحمہ الله هن کي ابن ابي عاصم جي ڪتاب ڪتاب الدعاءُ جي حوالي سان ذڪر ڪندي فرمائين ٿا ته مختلف روايتن مان پنجويھ شيون ثابت ٿين ٿيون ـ

مسجد ۾ داخل ٿيڻ جي دعا

أَعُوذُ بِاللَّهِ الْعَظِيمِ وَبِوَجْهِهِ الْكَرِيمِ وَسُلْطَانِهِ الْقَدِيمِ مِنْ الشَّيْطَانِ الرَّجِيمِ

بسم الله , والصلاة والسلام على رسول الله اللهم افتح لي أبواب رحمتك .

" آئون الله عظمت واري جي ۽ ان جي عزت واري چهري جي ۽ان جي هميشگي واري بادشاهت جي پناھ گهران ٿو شيطان تڙيل کان ،الله جي نالي سان(آئون داخل ٿيان ٿو)۽ درود ۽ سلام هجن الله جي رسول ﷺ جن تي اي الله !منهنجي لاءِپنهنجي رحمت جا دروازا کولي ڇڏ ـ“

ابوداؤد: حديث نمبر 465 , صحيح الجامع: حديث نمبر 4591 ،

ابن سني هن کي روايت ڪيو آهي : حديث نمبر 88 ،علامہ الباني هن

هن روايت کي صحيح چيو آهي ـ

مسلم 1 / 494 . ابن ماجہ : حديث نمبر 771_773 ۾ فاطمہ رضي الله عنها جي روايت ۾ هي لفظ آهن « اللهم اغفر لي ذنوبي وافتح لي أبواب رحمتڪ »انهن کي علامہ الباني شواهد جي ڪري صحيح قرار ڏنو آهي ڏسندا : صحيح ابن ماجہ 1 / 128 - 129 .

مسجد مان نڪرڻ جي دعا

« بسم الله والصلاة والسلام على رسول الله , اللَّهُمَّ إِنِّي أَسْأَلُكَ مِنْ فَضْلِكَ, اللهم اعصمني من الشيطان الرجيم »

"الله جي نالي سان(آئون نڪران ٿو )درود ۽سلام هجي رسول ﷺ جن تي اي الله !آئون توکان تنهنجي خصوصي ٻاجھ جو سوال ڪريان ٿو، اي الله!مونکي شيطان تڙيل کان پنهنجي پناھ ۾ رک ـ“

حوالي لاءِ اڳين حديث جا حوالا ڏسندا البته اللهم اعصمني من الشيطان الرجيم » جا لفظ ابن ماجہ جا آهن صحيح ابن ماجہ 22\1 ـ

وضو کان پھرين جي دعا

« بسم الله »

" الله جي نالي سان( وضو ڪريان ٿو )

ابوداؤد : حديث نمبر101 تفصيل لاءِ ڏسندا : إرواء الغليل 1 / 122

وضوکان پوءِ جون دعائون

أَشْهَدُ أَنْ لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ وَحْدَهُ لَا شَرِيكَ لَهُ وَأَشْهَدُ أَنَّ مُحَمَّدًا عَبْدُهُ وَرَسُولُهُ

" آئون گواهي ڏيان ٿو ته الله کان سواءِ ڪوبه سچو معبود نه آهي ۽ هو اڪيلو آهي ، جنهن جو ڪوبه شريڪ ناهي ۽آئون گواهي ٿو ڏيان ته محمد ﷺ جن الله جا ٻانها ۽ سندس رسول آهن ـ“

مسلم: حديث نمبر 234

اللَّهُمَّ اجْعَلْنِي مِنْ التَّوَّابِينَ وَاجْعَلْنِي مِنْ الْمُتَطَهِّرِينَ

" اي الله!مون کي توبه ڪرڻ وارن مان بڻاءِ ۽ مون کي پاڪ صاف رهڻ وارن مان بڻاءِ .“

الترمذي : حديث نمبر 55 ،صحيح الترمذي : 1 / 18 .

« سُبْحَانَكَ اللَّهُمَّ وَبِحَمْدِكَ ، أَشْهَدُ أَنْ لَا إِلَهَ إِلَّا أَنْتَ ، أَسْتَغْفِرُكَ وَأَتُوبُ إِلَيْكَ

" اي الله!تون پنهنجي سمورين ساراهن سميت پاڪ آهين ،آئون گواهي ڏيان ٿو ته توکان سواءِ ڪوبه سچو معبود نه آهي ،توکان ئي بخشش گھران ٿو ۽تنهنجي ئي اڳيان توبه تائب ٿيان ٿو ـ“

عمل اليوم والليلة للنسائي ص 173 تفصيل لاءِ ڏسندا :ارواء الغليل 1 / 135 و 2 / 94 .

ٻانگ

جيڪا ٻانگ بلال ﷦ ڏيندا هئا ان جا لفظ هي آهن :

اللَّهُ أَكْبَرُ اللَّهُ أَكْبَرُ، اللَّهُ أَكْبَرُ اللَّهُ أَكْبَرُ

أَشْهَدُ أَنْ لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ

أَشْهَدُ أَنْ لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ

أَشْهَدُ أَنَّ مُحَمَّدًا رَسُولُ اللَّهُ

أَشْهَدُ أَنَّ مُحَمَّدًا رَسُولُ اللَّهُ

حَيَّ عَلَى الصَّلَاةِ حَيَّ عَلَى الصَّلَاةِ

حَيَّ عَلَى الْفَلَاحِ حَيَّ عَلَى الْفَلَاحِ

اللَّهُ أَكْبَرُ اللَّهُ أَكْبَرُ

لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ

" الله سڀ کان وڏو آهي ، الله سڀ کان وڏو آهي ،الله سڀ کان وڏو آهي ، الله سڀ کان وڏو آهي ـ آئون گواهي ڏيان ٿو ته الله کانسواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي ،آئون گواهي ڏيان ٿو ته الله کانسواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي ـآئون گواهي ڏيان ٿو ته محمد ﷺ جن الله جا رسول آهن، آئون گواهي ڏيان ٿو ته محمد ﷺ جن الله جا رسول آهن ـ اچونماز ڏانهن ، اچونماز ڏانهن ـ اچو ڪاميابي ڏانهن ، اچو ڪاميابي ڏانهن ـ الله سڀ کان وڏو آهي ، الله سڀ کان وڏو آهي ، الله کانسواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي ـ“

ابوداؤد: حديث نمبر 499

ٻيڻي ٻانگ

هن کي دهري يا ترجيع واري ٻانگ به چيو ويندو آهي ـ

سيدنا ابو محذوره ﷦ کي رسول الله ﷺ جن ٻا نگ جو جيڪوطريقو سيکاريو اهو هن طرح آهي :

اللَّهُ أَكْبَرُ اللَّهُ أَكْبَرُ،

اللَّهُ أَكْبَرُ اللَّهُ أَكْبَرُ

"الله سڀ کان وڏو آهي ، الله سڀ کان وڏو آهي ، الله سڀ کان وڏو آهي ، الله سڀ کان وڏو آهي ـ“

پوءِ هلڪي آواز ۾ چوي

أَشْهَدُ أَنْ لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ

أَشْهَدُ أَنْ لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ

" آئون گواهي ڏيان ٿو ته الله کانسواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي ،

آئون گواهي ڏيان ٿو ته الله کانسواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي .“

أَشْهَدُ أَنَّ مُحَمَّدًا رَسُولُ اللَّهُ

أَشْهَدُ أَنَّ مُحَمَّدًا رَسُولُ اللَّهُ

" آئون گواهي ڏيان ٿو ته محمد ﷺ جن الله جا رسول آهن،

آئون گواهي ڏيان ٿو ته محمد ﷺ جن الله جا رسول آهن ـ“

پوءِ پهرين آواز کان ڪجھ وڌيڪ بلند آواز ۾ چوي :

أَشْهَدُ أَنْ لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ

أَشْهَدُ أَنْ لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ

" آئون گواهي ڏيان ٿو ته الله کانسواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي ،

آئون گواهي ڏيان ٿو ته الله کانسواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي ـ“

أَشْهَدُ أَنَّ مُحَمَّدًا رَسُولُ اللَّهُ

أَشْهَدُ أَنَّ مُحَمَّدًا رَسُولُ اللَّهُ

" آئون گواهي ڏيان ٿو ته محمد ﷺ جن الله جا رسول آهن،

آئون گواهي ڏيان ٿو ته محمد ﷺ جن الله جا رسول آهن ـ“

انهي کانپوءِ ٻانگ جو طريقو ساڳيو آهي جيئن مٿي گذريو ـ

مسلم : حديث نمبر 379

نوٽ : حَيَّ عَلَى الصَّلَاةِ حَيَّ عَلَى الصَّلَاةِ

چوڻ دوران پنهنجو منهن ساڄي طرف موڙي ۽

حَيَّ عَلَى الْفَلَاحِ حَيَّ عَلَى الْفَلَاحِ

چوڻ دوران پنهنجو منهن کاٻي طرف موڙي ـ

فجر جي ٻانگ

فجر جي ٻانگ جو طريقو ساڳيو آهي فقط

حَيَّ عَلَى الْفَلَاحِ حَيَّ عَلَى الْفَلَاحِ

کانپوءِ هيٺيان لفظ ٻه ڀيرا چوي

الصَّلَاةُ خَيْرٌ مِنْ النَّوْمِ ، الصَّلَاةُ خَيْرٌ مِنْ النَّوْمِ

نماز ننڊ کان بهتر آهي ،نماز ننڊ کان بهتر آهي ـ

ابو داؤد: حديث نمبر 501

ٻانگ جو جواب

اذان ٻڌڻ دوران اهي ئي لفظ چوي جيڪي لفظ ٻانگو چوي ٿو البته

حَيَّ عَلَى الصَّلَاةِ ، حَيَّ عَلَى الْفَلَاحِ

ٻڌڻ کانپوءِ چوي

لَا حَوْلَ وَلَا قُوَّةَ إِلَّا بِاللَّهِ

نه آهي برائي کان بچڻ جي همت ۽ نه وري نيڪي ڪرڻ جي طاقت ، سواءِ الله جي توفيق سان

ٻانگو جڏهن ٻئي گواهي وارا لفظ چئي وٺي ته هي ڪلما پڙهي:

أَشْهَدُ أَنْ لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ وَحْدَهُ لَا شَرِيكَ لَهُ وَأَنَّ مُحَمَّدًا عَبْدُهُ وَرَسُولُهُ رَضِيتُ بِاللَّهِ رَبًّا وَبِمُحَمَّدٍ رَسُولًا وَبِالْإِسْلَامِ دِينًا

" آئون گواهي ڏيان ٿو ته الله کان سواءِ ڪوبه سچو معبود نه آهي ،۽ هو اڪيلو آهي جنهن جو ڪوبه شريڪ ناهي ۽آئون گواهي ٿو ڏيان ته محمد ﷺ جن الله جا ٻانها ۽ سندس رسول آهن ـ“

" آئون الله تعالى جي رب هجڻ ۽ محمد ﷺ جن جي رسول هجڻ ۽اسلام جي دين هجڻ تي راضي آهيان ـ“

مسلم: حديث نمبر 386

ٻانگ کانپوءِ درود ۽ مسنون دعا

ٻانگ جي جواب کانپوءِ نبي ﷺ جن تي درود پڙهيووڃي

مسلم :حديث نمبر 384

اللَّهُمَّ رَبَّ هَذِهِ الدَّعْوَةِ التَّامَّةِ وَالصَّلَاةِ الْقَائِمَةِ آتِ مُحَمَّدًا الْوَسِيلَةَ وَالْفَضِيلَةَ وَابْعَثْهُ مَقَامًا مَحْمُودًا الَّذِي وَعَدْتَهُ [ إنك لا تخلف الميعاد ] »

" اي الله!هن مڪمل دعوت ۽ قائم ٿيندڙ نماز جا رب !محمد ﷺ جن کي خصوصي قرب ۽ فضيلت عطا فرماءِ ۽ کيس ان خاص جڳھ (مقام محمود ) تي فائز فرماءِ جنهن جو تو هن سان وعدو فرمايو آهي ـ بيشڪ تون وعدي خلافي نه ڪندو آهين ـ“

البخاري :حديث نمبر 614 بريڪٽ ۾ ڄاڻايل لفظ سنن الڪبرى بيهقي جا 1\ 410

آهن شيخ علامہ عبد العزيزهنن لفظن کي حسن قرارڏنو آهي تحفة الاخيار ص 38 .

تڪبير

اذان وانگر تڪبير به هڪوڻي ۽ ٻيڻي ٻئي ثابت آهن ، جڏهن ته بلال ﷦ هڪوڻي تڪبير چوندو هو ان ڪري هڪوڻي تڪبير چوڻ وڌيڪ بهتر آهي ، جيڪڏهن اذان ٻيڻي سيدنا ابو محذوره﷦ جي بيان ٿيل طريقي مطابق ڏني وڃي ته تڪبير به ٻيڻي چئي وڃي ـ

هڪوڻي تڪبير

اللَّهُ أَكْبَرُ اللَّهُ أَكْبَرُ،

أَشْهَدُ أَنْ لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ

أَشْهَدُ أَنَّ مُحَمَّدًا رَسُولُ اللَّهُ

حَيَّ عَلَى الصَّلَاةِ ، حَيَّ عَلَى الْفَلَاحِ

قَامَتْ الصَّلَاةُ قَدْ قَامَتْ الصَّلَاةُ

اللَّهُ أَكْبَرُ اللَّهُ أَكْبَرُ،

لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ

" الله سڀ کان وڏو آهي ، الله سڀ کان وڏو آهي ،

آئون گواهي ڏيان ٿو ته الله کانسواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي ،

آئون گواهي ڏيان ٿو ته محمد ﷺ جن الله جا رسول آهن ،

اچونماز ڏانهن ،

اچو ڪاميابي ڏانهن ،

نماز قائم ٿي چڪي آهي ، نماز قائم ٿي چڪي آهي ـ

الله سڀ کان وڏو آهي ، الله سڀ کان وڏو آهي ،

الله کانسواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي ـ“

بخاري : حديث نمبر 605

ٻيڻي تڪبير

اللَّهُ أَكْبَرُ اللَّهُ أَكْبَرُ،

اللَّهُ أَكْبَرُ اللَّهُ أَكْبَرُ

" الله سڀ کان وڏو آهي ، الله سڀ کان وڏو آهي ،

الله سڀ کان وڏو آهي ، الله سڀ کان وڏو آهي ـ“

أَشْهَدُ أَنْ لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ ، أَشْهَدُ أَنْ لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ

أَشْهَدُ أَنَّ مُحَمَّدًا رَسُولُ اللَّهُ

أَشْهَدُ أَنَّ مُحَمَّدًا رَسُولُ اللَّهُ

حَيَّ عَلَى الصَّلَاةِ حَيَّ عَلَى الصَّلَاةِ

حَيَّ عَلَى الْفَلَاحِ حَيَّ عَلَى الْفَلَاحِ

قَامَتْ الصَّلَاةُ قَدْ قَامَتْ الصَّلَاةُ

اللَّهُ أَكْبَرُ اللَّهُ أَكْبَرُ

لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ

" آئون گواهي ڏيان ٿو ته الله کانسواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي ،

آئون گواهي ڏيان ٿو ته الله کانسواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي ـ

آئون گواهي ڏيان ٿو ته محمد ﷺ جن الله جا رسول آهن،

آئون گواهي ڏيان ٿو ته محمد ﷺ جن الله جا رسول آهن ،

اچونماز ڏانهن ، اچونماز ڏانهن ،

اچو ڪاميابي ڏانهن ، اچو ڪاميابي ڏانهن ـ

نماز قائم ٿي چڪي آهي ، نماز قائم ٿي چڪي آهي ،

الله سڀ کان وڏو آهي ، الله سڀ کان وڏو آهي ،

الله کانسواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي ـ“

ابوداؤد: حديث نمبر 502،501

ٻانگ ۽ تڪبير جي وچ ۾ دعا گھري ڇوته ان وقت دعا رد نه ٿيندي آهي ـ

ابوداؤد : حديث نمبر 521 ترمذي : حديث 212

تڪبير تحريمه کانپوءِ جون دعائون

نمازي سڌوقبلي طرف منهن ڪري بيهي هٿن کي ڪنن برابر يا ڪلهن برابر کڻندي تڪبير تحريمه چوي :

الله اڪبر

الله سڀ کان وڏو آهي

ان کان پوءِ هيءَ دعا پڙهي :

1/ اللَّهُمَّ بَاعِدْ بَيْنِي وَبَيْنَ خَطَايَايَ كَمَا بَاعَدْتَ بَيْنَ الْمَشْرِقِ وَالْمَغْرِبِ اللَّهُمَّ نَقِّنِي مِنْ الْخَطَايَا كَمَا يُنَقَّى الثَّوْبُ الْأَبْيَضُ مِنْ الدَّنَسِ اللَّهُمَّ اغْسِلْ خَطَايَايَ بِالْمَاءِ وَالثَّلْجِ وَالْبَرَدِ

" اي الله !منهنجي۽ منهنجي گناهن جي درميان ائين فاصلو پيدا فرماءِ جيئن تو اولھ ۽ اڀرندي جي وچ ۾ فاصلو ڪيو آهي ،اي الله !مون کي گناهن کان ائين صاف فرماءِ جيئن اڇي ڪپڙي تان ميراڻ کي صاف ڪيو ويندوآهي ،اي الله! منهنجي گناهن کي برف ،پاڻي ۽ ڳڙن سان ڌوئي ڇڏ ـ“

البخاري :1 / 181 ومسلم: حديث: نمبر 598.

2- سُبْحَانَكَ اللَّهُمَّ وَبِحَمْدِكَ وَتَبَارَكَ اسْمُكَ وَتَعَالَى جَدُّكَ وَلَا إِلَهَ غَيْرَكَ

" اي الله !تون پاڪ آهين پنهنجي سمورين ساراهن ، سان برڪت ڀريو آهين، تنهنجو نالو ۽ تنهنجو شان بلند آهي ۽ توکانسواءِ ڪوبه سچو معبود نه آهي ـ“

ابودائود : حديث نمبر 775 صحيح الترمذي: 1 / 77 صحيح ابن ماجہ :1 / 135 .

3 وَجَّهْتُ وَجْهِيَ لِلَّذِي فَطَرَ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضَ حَنِيفًا وَمَا أَنَا مِنْ الْمُشْرِكِينَ إِنَّ صَلَاتِي وَنُسُكِي وَمَحْيَايَ وَمَمَاتِي لِلَّهِ رَبِّ الْعَالَمِينَ لَا شَرِيكَ لَهُ وَبِذَلِكَ أُمِرْتُ وَأَنَا مِنْ الْمُسْلِمِينَ اللَّهُمَّ أَنْتَ الْمَلِكُ لَا إِلَهَ إِلَّا أَنْتَ أَنْتَ رَبِّي وَأَنَا عَبْدُكَ ظَلَمْتُ نَفْسِي وَاعْتَرَفْتُ بِذَنْبِي فَاغْفِرْ لِي ذُنُوبِي جَمِيعًا إِنَّهُ لَا يَغْفِرُ الذُّنُوبَ إِلَّا أَنْتَ وَاهْدِنِي لِأَحْسَنِ الْأَخْلَاقِ لَا يَهْدِي لِأَحْسَنِهَا إِلَّا أَنْتَ وَاصْرِفْ عَنِّي سَيِّئَهَا لَا يَصْرِفُ عَنِّي سَيِّئَهَا إِلَّا أَنْتَ لَبَّيْكَ وَسَعْدَيْكَ وَالْخَيْرُ كُلُّهُ فِي يَدَيْكَ وَالشَّرُّ لَيْسَ إِلَيْكَ أَنَا بِكَ وَإِلَيْكَ تَبَارَكْتَ وَتَعَالَيْتَ أَسْتَغْفِرُكَ وَأَتُوبُ إِلَيْكَ

" مون پنهنجي چهري کي هڪ طرفوبڻائي ان ذات جي طرف موڙيوآهي ، جنهن آسمانن۽ زمين کي پيدافرمايو آهي ۽آئون شرڪ ڪندڙن مان نه آهيان ـ بيشڪ منهنجي نماز، منهنجي قرباني ، منهنجو جيئڻ ، منهنجو مرڻ ان الله جي لاءِ آهي جيڪو جهانن جو پالڻهار آهي ، جنهن جو ڪوبه شريڪ نه آهي ۽ ان عقيدي جو مون کي حڪم ڪيو ويو آهي ۽ مون کي حڪم ڏنو ويو ته آئون فرمانبردارن مان ٿيان ـ اي الله!تون ئي بادشاھ آهين ، توکان سواءِ ڪوبه سچومعبود نه آهي،تون ئي منهنجو پالڻهار آهين ۽آئون تنهنجوٻانهون آهيان مون پنهنجي پاڻ تي ظلم ڪيو ۽ پنهنجي گناهن جو اعتراف ڪريان ٿو، تنهنڪري منهنجي گناهن کي معاف فرماءِ ـ بيشڪ توکانسواءِ گناهن کي بخشيندڙ ڪوبه نه آهي۽ مون کي سهڻي اخلاق جي طرف هدايت فرماءِ تو کانسواءِ ڪوبه سهڻي اخلاق جي طرف رهنمائي نٿوڪري ۽ مون کي برن اخلاقن کان بچاءِ ۽ توکانسواءِ ڪوبه برن اخلاقن کان بچائي نٿو سگهي ـ اي الله! آئون حاضرآهيان، سموريون ڀلايون تنهنجي هٿ ۾ آهن ۽ڪابه برائي تنهنجي طرف منسوب نه آهي ـ آئون توکان ئي بخشش گهران ٿو ۽ تنهنجي طرف توبه تائب ٿيان ٿو ـ“

مسلم: حديث نمبر 771

نوٽ : مٿي بيان ٿيل دعائون فرض نماز لاءِ آهن البته تهجد يا ٻين نفلي نمازن لاءِ تڪبير تحريمه کان پوءِ ٻيون دعائون به ثابت آهن ، جن کي هيٺ ذڪر ڪجي ٿو :

4 اللَّهُمَّ رَبَّ جَبْرَائِيلَ وَمِيكَائِيلَ وَإِسْرَافِيلَ فَاطِرَ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ عَالِمَ الْغَيْبِ وَالشَّهَادَةِ أَنْتَ تَحْكُمُ بَيْنَ عِبَادِكَ فِيمَا كَانُوا فِيهِ يَخْتَلِفُونَ اهْدِنِي لِمَا اخْتُلِفَ فِيهِ مِنْ الْحَقِّ بِإِذْنِكَ إِنَّكَ تَهْدِي مَنْ تَشَاءُ إِلَى صِرَاطٍ مُسْتَقِيمٍ

" اي الله! جبرائيل ، ميڪائيل ۽ اسرافيل جا پالڻهار!زمين ۽ آسمان جا خلقيندڙ! لڪيل ۽ ظاهر شين کي ڄاڻندڙ! تون ئي فيصلو ڪندڙ آهين پنهنجي ٻانهن جي وچ ۾جن شين جي باري ۾ هو اختلاف ڪندا هئا ۽جن شين ۾ حق بابت اختلاف ٿي پيو آهي ،انهي بابت تون پنهنجي خاص حڪم سان هدايت عطا فرماءِ يقينا تون ئي سڌي راھ طرف هدايت ڪندڙ آهين ـ“

مسلم : حديث نمبر 770

5 اللَّهُمَّ لَكَ الْحَمْدُ أَنْتَ نُورُ السَّمَوَاتِ وَالْأَرْضِ وَلَكَ الْحَمْدُ أَنْتَ قَيِّمُ السَّمَوَاتِ وَالْأَرْضِ وَلَكَ الْحَمْدُ أَنْتَ رَبُّ السَّمَوَاتِ وَالْأَرْضِ وَمَنْ فِيهِنَّ أَنْتَ الْحَقُّ وَوَعْدُكَ الْحَقُّ وَقَوْلُكَ الْحَقُّ وَلِقَاؤُكَ الْحَقُّ وَالْجَنَّةُ حَقٌّ وَالنَّارُ حَقٌّ وَالنَّبِيُّونَ حَقٌّ وَالسَّاعَةُ حَقٌّ اللَّهُمَّ لَكَ أَسْلَمْتُ وَبِكَ آمَنْتُ وَعَلَيْكَ تَوَكَّلْتُ وَإِلَيْكَ أَنَبْتُ وَبِكَ خَاصَمْتُ وَإِلَيْكَ حَاكَمْتُ فَاغْفِرْ لِي مَا قَدَّمْتُ وَمَا أَخَّرْتُ وَمَا أَسْرَرْتُ وَمَا أَعْلَنْتُ أَنْتَ إِلَهِي لَا إِلَهَ إِلَّا أَنْتَ

" اي الله!تنهنجي لاءِ ئي سموريون ساراهون آهن۽ تون آسمانن ۽ زمين جو نور آهين ۽ جيڪي ڪجھ انهن جي اندر آهي انهيءَ جو نور آهين۽ سڀ ساراهون تنهنجي لاءِ آهن تون زمين آسمان جو قائم رکندڙ ۽ انهن ۾ رهندڙن کي قائم رکندڙ آهين ۽ تنهنجي لاءِ سڀ ساراهون آهن تون زمين ۽آسمان ۽انهن ۾ رهندڙن جو پالڻهار آهين ۽ تنهنجي لاءِ ئي سڀ ساراهون آهن ، آسمانن ۽ زمينن ۽ جيڪي ڪجھ انهن ۾ آهي تنهن جي بادشاهي تنهنجي لاءِ آهي ،تون ئي زمين۽ آسمانن انهن زمين۽ آسمانن انهن ۾ رهندڙهر شيءَ جو بادشاھ آهين ـ تنهنجي لاءِ واکاڻ آهي، تون سچو آهين ،تنهنجو وعدو سچو آهي ،تنهنجو هرفرمان سچو آهي، توسان ملاقات برحق آهي ، جنت جو( وجود )برحق آهي ، دوزخ جو وجود برحق آهي سڀ نبي سچا آهن ۽ محمد ﷺ سچا آهن۽ قيامت جو اچڻ برحق آهي اي الله!تنهنجو ئي فرمانبردار ٿيس ۽ تو تي ڀروسو ڪيم، تو تي ايمان آندم۽ تنهنجي طرف ئي رخ ڪيم ۽تنهنجي خاطرئي (ماڻهن )سان جھڳڙو ڪيم ۽توکي پنهنجو حاڪم مڃيم ، انڪري مون کي معاف فرماءِ منهنجا اڳيان۽پويان گناھ ، لڪ ۽ ظاهر۾ ٿيل گناھ معاف فرماءِ ۽ تون ئي اڳتي وڌائڻ وارو۽پوئتي ڪرڻ وارو آهين۽ توکان سواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي، تون ئي منهنجو معبود آهين ۽ توکان سواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي ـ“

البخاري :حديث نمبر 1102 مسلم : حديث نمبر 769

6 اللَّهُ أَكْبَرُ كَبِيرًا اللَّهُ أَكْبَرُ كَبِيرًا اللَّهُ أَكْبَرُ كَبِيرًا وَالْحَمْدُ لِلَّهِ كَثِيرًا وَالْحَمْدُ لِلَّهِ كَثِيرًا وَالْحَمْدُ لِلَّهِ كَثِيرًا وَسُبْحَانَ اللَّهِ بُكْرَةً وَأَصِيلًا

" الله سڀ کان وڏو آهي ، الله سڀ کان وڏو آهي ، الله سڀ کان وڏو آهي ، الله لاءِ گھڻي کان گھڻي واکاڻ آهي، الله لاءِ گھڻي کان گھڻي واکاڻ آهي،الله لاءِ گھڻي کان گھڻي واکاڻ آهي،آئون الله جي پاڪائي صبح شام بيان ڪريان ٿو ـ“

مٿين دعا ٽي ڀيرا پڙهڻ کان پوءِ چوي :

أَعُوذُ بِاللَّهِ مِنْ الشَّيْطَانِ مِنْ نَفْخِهِ وَنَفْثِهِ وَهَمْزِهِ

" آئون الله جي پناه گھران ٿو تڙيل شيطان جي ڦوڪ، ٿڪ ۽ وسوسي کان ـ“

ابوداؤد: حديث نمبر764 ، ابن ماجہ : حديث نمبر 807 ،مسندأحمد : 4 | 58

صحيح مسلم۾ابن عمر ﷦ کان روايت آهي : هڪ ڀيري رسول الله ﷺ جن سان نماز پڙهي رهيا هئاسين ته هڪ شخص هي ڪلما چيا :

اللَّهُ أَكْبَرُ كَبِيرًا اللَّهُ أَكْبَرُ كَبِيرًا اللَّهُ أَكْبَرُ كَبِيرًا وَالْحَمْدُ لِلَّهِ كَثِيرًا وَالْحَمْدُ لِلَّهِ كَثِيرًا وَالْحَمْدُ لِلَّهِ كَثِيرًا وَسُبْحَانَ اللَّهِ بُكْرَةً وَأَصِيلًا

رسول الله ﷺ جن فرمايو ته هي ڪلما ڪنهن چيا ؟ ٻيهر پاڻ ﷺ جن فرمايو ته : فلاڻا ڪلما چوڻ وارو ڪير آهي ؟ ويٺلن مان هڪ شخص عرض ڪيو ته اي الله جا رسول ! اهي ڪلما چوڻ وارو آئون آهيان ـ پاڻ ﷺ جن فرمايو ته آئون عجب ۾ پئجي ويس جڏهن انهن ڪلمن جي لاءِ آسمان جا دروازا کوليا ويا ـ

تعوذ ،بسملہ ۽ سوره فاتحه

أَعُوذُ بِاللَّهِ مِنْ الشَّيْطَانِ مِنْ نَفْخِهِ وَنَفْثِهِ وَهَمْزِهِ

" آئون الله هر شيءَ کي ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ جي پناه گھران ٿو تڙيل شيطان جي ڦوڪ، ٿڪ ۽ وسوسي کان ـ“

ابوداؤد : حديث نمبر 776

سورة الفاتحة بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَنِ الرَّحِيمِ

الْحَمْدُ لِلَّهِ رَبِّ الْعَالَمِينَ (2) الرَّحْمَنِ الرَّحِيمِ (3) مَالِكِ يَوْمِ الدِّينِ (4) إِيَّاكَ نَعْبُدُ وَإِيَّاكَ نَسْتَعِينُ (5) اهْدِنَا الصِّرَاطَ الْمُسْتَقِيمَ (6) صِرَاطَ الَّذِينَ أَنْعَمْتَ عَلَيْهِمْ غَيْرِ الْمَغْضُوبِ عَلَيْهِمْ وَلَا الضَّالِّينَ (7)

ترجمو :سڀ تعريفون الله پاڪ لاءِ آهن ،جو سڀني جهانن جو پالڻهار ،بي حد مهربان ، نهايت رحم وارو ،قيامت جي ڏينهن جو مالڪ آهي ـ

(اي الله)اسين فقط تنهنجي ئي عبادت ڪريون ٿا ۽ فقط توکان ئي مدد گھرون ٿا ـ اسان کي سڌي راھ تي هلائي اها سڌي راھ جيڪا تنهنجي انعام سان نوازيل (ٻانهن ) جي راھ آهي ،اهي هدايت جي نعمت ماڻيندڙ نه ڏمر هيٺ آيل ۽ نه گھمراهن مان آهن ـ

آمين:

سوره فاتحہ جي آخر ۾ آمين چوڻ هڪ مسنون عمل آهي ، جهري نمازن ۾ امام بلند آواز سان آمين چوي ۽ مقتدي بلند آوازا سان آمين چوي

نبي ﷺ جن خود به ولاالضآلين کانپوءِ ايتري ڏاڍيان آمين چوندا هئا جو سندن ڀر۾پهرين صف وارا ٻڌندا هئا ـ

ترمذي :حديث نمبر 248 ابوداؤد: حديث نمبر 932

عبد الله بن زبيررضي الله عنہ جن ۽ سندن مقتدي ايترو ڏاڍيان آمين چوندا هئا جو مسجد گونجي ويندي هئي ـ

امام بخاري هن روايت کي حديث نمبر 780 کان پهرين معلق بيان ڪيو آهي ـ

سوره فاتحہ کانپوءِ قرآني تلاوت

امام ،مقتدي يا اڪيلو نمازي سوره فاتحہ کانپوءِ قرآن جون ڪجھ آيتون يا جيڪا به سورت ياد هجي اها پڙهندو ـ

ابو سعيد خدري فرمائي ٿو ته اسان کي حڪم ڏنو ويو ته اسين سوره فاتحہ پڙهون ۽ جيڪا آسان لڳي اها سورت تلاوت ڪريون

سنن ابوداؤد :حديث نمبر 818 حافظ ابن حجر هن جي سند کي حديث نمبر (758) جي تشريح ۾ قوي قرار ڏنو آهي فتح الباري: 2/ 315

ڪجھ آسان سورتون ذڪر ڪجن ٿيون :

سورةالاخلاص

بسم الله الرحمن الرحيم

قُلْ هُوَ اللَّهُ أَحَدٌ (1) اللَّهُ الصَّمَدُ (2) لَمْ يَلِدْ وَلَمْ يُولَدْ (3) وَلَمْ يَكُنْ لَهُ كُفُوًا أَحَدٌ (4))

ترجمو : چئو اهوالله اڪيلوآهي ، الله بي نيازآهي ، نه ڪنهن کي ڄڻيائين ۽ نه ڄڻيوويو ۽ سندس برابر ڪوبه نه آهي ـ

سورةالفلق

بسم الله الرحمن الرحيم

قُلْ أَعُوذُ بِرَبِّ الْفَلَقِ (1) مِنْ شَرِّ مَا خَلَقَ (2) وَمِنْ شَرِّ غَاسِقٍ إِذَا وَقَبَ (3) وَمِنْ شَرِّ النَّفَّاثَاتِ فِي الْعُقَدِ (4) وَمِنْ شَرِّ حَاسِدٍ إِذَا حَسَدَ (5))

ترجمو:اي نبي چئو ته آئون صبح رب جي پناھ گھران ٿو ،سموري مخلوق جي برائي کان رات جي انڌيري جي برائي کان جڏهن ڇائجڻ لڳي ، ۽ ڳنڍيل ڌاڳن تي پڙهندڙ ( ڦوڪيندڙ ) جادوگرعورتن جي برائي کان ، حسد ڪندڙ جي حسدکان جڏهن هو پنهنجي حسد کي ظاهر کي ڪري ـ

سورةالناس

بسم الله الرحمن الرحيم

قُلْ أَعُوذُ بِرَبِّ النَّاسِ (1) مَلِكِ النَّاسِ (2) إِلَهِ النَّاسِ (3) مِنْ شَرِّ الْوَسْوَاسِ الْخَنَّاسِ (4) الَّذِي يُوَسْوِسُ فِي صُدُورِ النَّاسِ (5) مِنَ الْجِنَّةِ وَالنَّاسِ (6)

ترجمو : اي نبي! چئوآئون انسانن جي ان پالڻهار جي پناھ اچان ٿو جيڪو انسانن جو حقيقي بادشاھ ، ماڻهڻ جو ماڻهن حقيقي معبود آهي ، وسوسا وجھندڙ پوئتي هٽندڙ ( ڇپندڙ) شيطان جي برائي کان جيڪو ماڻهن جي دلين ۾وسوسا وجھي ٿو ،چاهي انهي شيطان جو تعلق انسانن سان هجي يا جنن مان هجي ـ

رڪوع ۾ وڃڻ وقت ڪلهن تائين رفع اليدين ڪري الله اڪبر چوي ـ

بخاري : حديث نمبر 336،335

رڪوع جون دعائون

« سُبْحَانَ رَبِّيَ الْعَظِيمِ »1

" منهنجو رب عظمت وارو پاڪ آهي ـ“

ابوداؤد: 871 ، أحمد : صحيح الترمذي: 1 / 83 .

2 سُبْحَانَكَ اللَّهُمَّ رَبَّنَا وَبِحَمْدِكَ اللَّهُمَّ اغْفِرْ لِي

البخاري : حديث نمبر 794 ، مسلم 1 / 350 .

" اي الله !رب اسان جا تون پاڪ آهين پنهنجي سموري واکاڻ سان ، اي لله !مون کي معاف فرماءِ ـ“

3 سُبُّوحٌ قُدُّوسٌ رَبُّ الْمَلَائِكَةِ وَالرُّوحِ

" اللھ )گھڻي کان گھڻو پاڪ ۽ انتهائي مقدس ، ملائڪن ۽ جبرائيل جو رب آهي ـ“

مسلم : حديث نمبر 487

4 سُبْحَانَ ذِي الْجَبَرُوتِ وَالْمَلَكُوتِ وَالْكِبْرِيَاءِ وَالْعَظَمَةِ ابوداؤد : حديث نمبر 837 ، النسائي : هن جي سند حسن آهي .

" پاڪ آهي الله وڏي قدرت ،وڏي بادشاهي ۽ وڏائي ۽وڏي عظمت واروـ“

5 اللَّهُمَّ لَكَ رَكَعْتُ وَبِكَ آمَنْتُ وَلَكَ أَسْلَمْتُ أَنْتَ رَبِّي خَشَعَ سَمْعِي وَبَصَرِي وَمُخِّي وَعَظْمِي وَعَصَبِي وَمَا اسْتَقَلَّتْ بِهِ قَدَمِي لِلَّهِ رَبِّ الْعَالَمِينَ

" اي الله!آئون تنهنجي لاءِ جھڪيس ،توتي ئي ايمان آندم، تنهنجي ئي فرمانبردار ٿيا منهنجا ڪن،.منهنجون اکيون ،منهنجو دماغ ،منهنجا هڏا ،منهنجا جوڙ ۽منهنجو اهو جسم جنهن کي منهنجا قدم بيهارين ٿا اهي سڀئي) جهانن جي پالڻهارکان ڊڄندي نوڙت جو اظهار ڪن ٿا ـ“

مسند احمد : 1 /119

رڪوع مان اٿڻ جون دعائون

1 « سَمِعَ اللَّهُ لِمَنْ حَمِدَهُ »

" الله ان جي ٻڌي ورتي جنهن سندس واکا ڻ بيان ڪئي ـ“

البخاري :حديث نمبر 795.

2 رَبَّنَا وَلَكَ الْحَمْدُ حَمْدًا كَثِيرًا طَيِّبًا مُبَارَكًا

اي الله !رب اسانجا ! تنهنجي لاءِ ئي هر طرح جي واکاڻ آهي، اهڙي واکاڻ جيڪا گهڻي کان گهڻي ۽ برڪت ڀري آهي ـ

البخاري : حديث نمبر779 .

3 اللَّهُمَّ رَبَّنَا لَكَ الْحَمْدُ مِلْءُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ وَمِلْءُ مَا شِئْتَ مِنْ شَيْءٍ بَعْدُ أَهْلَ الثَّنَاءِ وَالْمَجْدِ أَحَقُّ مَا قَالَ الْعَبْدُ وَكُلُّنَا لَكَ عَبْدٌ , اللَّهُمَّ لَا مَانِعَ لِمَا أَعْطَيْتَ وَلَا مُعْطِيَ لِمَا مَنَعْتَ وَلَا يَنْفَعُ ذَا الْجَدِّ مِنْكَ الْجَدُّ

" اي الله !رب اسان جا ! تنهنجي لاءِ تعريف آهي ، اهڙي تعريف جيڪا زمين ۽آسمان ۽ ٻنهي جي وچ وارين سمورين شين کي سمائجي وڃي ۽ هر ان شيءَ کي سمائجي وڃي جنهن کي تون چاهين اي بزرگي ۽ وڏائي جا وارث! سڀ کان سچي ۽ سهڻي جيڪا تنهنجي ٻانهي چئي آهي ۽ سڀ تنهنجا ئي ٻانها آهيون اي الله!جيڪا به شيءِ تون عطا ڪرين انهيءَ کي ڪوبه روڪيندڙ نه آهي۽ جنهن شيءِکي تون روڪين اها ڪوبه ڏيندڙ نه آهي ۽ تنهنجي مقابلي ۾ ڪنهن به حيثيت واري جي حيثيت فائدو نه ڏيندي ـ“

مسلم : حديث نمبر478

سجدي ۾ ويندي الله اڪبر جون دعائون چئو ـ

سجدي جون دعائون

1 « سُبْحَانَ رَبِّيَ الْأَعْلَى »

" پاڪ آهي منهنجو رب جيڪو سڀني کان بلند آهي ـ“

سنن ابي داود: 871 ، صحيح الترمذي: 1 / 83

2 سُبْحَانَكَ اللَّهُمَّ رَبَّنَا وَبِحَمْدِكَ اللَّهُمَّ اغْفِرْ لِي

" پاڪ آهين تون اي الله !رب اسان جا ! پنهنجي سموري واکاڻ سان اي لله !مونکي معاف فرماءِ ـ“

البخاري : 794

3 سُبُّوحٌ قُدُّوسٌ رَبُّ الْمَلَائِكَةِ وَالرُّوحِ

" (اللھ )گھڻي کان گھڻو پاڪ انتهائي مقدس ۽ ملائڪن ۽ جبرائيل جو رب آهي ـ“

مسلم : حديث نمبر 487

4 سُبْحَانَ ذِي الْجَبَرُوتِ وَالْمَلَكُوتِ وَالْكِبْرِيَاءِ وَالْعَظَمَةِ

" پاڪ آهي الله وڏي قدرت ،وڏي بادشاهي ۽ وڏائي ۽ عظمت وارو ـ“

ابوداؤد : حديث نمبر 837 وأحمد ، والنسائي علامہ الباني هن روايت کي صحيح چيو آهي ـ صحيح ابوداؤد 1 / 166

5 اللَّهُمَّ اغْفِرْ لِي ذَنْبِي كُلَّهُ دِقَّهُ وَجِلَّهُ وَأَوَّلَهُ وَآخِرَهُ وَعَلَانِيَتَهُ وَسِرَّهُ

مسلم : حديث نمبر 483

" اي الله! منهنجا ننڍا۽ وڏا ، اڳيان ۽ پويان ، لڪيل ۽ ظاهر سمورا گناھ معاف فرماءِ ـ“

6 اللَّهُمَّ لَكَ سَجَدْتُ وَبِكَ آمَنْتُ وَلَكَ أَسْلَمْتُ سَجَدَ وَجْهِي لِلَّذِي خَلَقَهُ وَصَوَّرَهُ وَشَقَّ سَمْعَهُ وَبَصَرَهُ تَبَارَكَ اللَّهُ أَحْسَنُ الْخَالِقِينَ

" اي الله!تنهنجي لاءِ سجدو ڪيم ،توتي ئي ايمان آندم، تنهنجي ئي فرمانبردار ٿيس ، منهنجي چهري ان ذات کي سجدو ڪيو جنهن ان کي پيدا ڪيو ۽ ان ۾ پنهنجي طاقت ۽ قوت سان ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جا سوراخ بنايا ۽ برڪت ڀريو آهي الله ، جيڪو بهترين خلقيندڙ آهي ـ“

مسلم : حديث نمبر 771

7اللَّهُمَّ أَعُوذُ بِرِضَاكَ مِنْ سَخَطِكَ وَبِمُعَافَاتِكَ مِنْ عُقُوبَتِكَ وَأَعُوذُ بِكَ مِنْكَ لَا أُحْصِي ثَنَاءً عَلَيْكَ أَنْتَ كَمَا أَثْنَيْتَ عَلَى نَفْسِكَ مسلم 1 / 352

" اي الله !تنهنجي راضپي سان تنهنجي ناراضگي کان پناھ گھران ٿو ۽ تنهنجي عافيت سان تنهنجي سزا کان پناھ گھران ٿو، آئون توکان تنهنجي ئي پناھ گھران ٿو ۽ تنهنجي اهڙي واکاڻ بيان نٿو ڪري سگهان جيڪا تو خود پهنجي واکاڻ بيان ڪئي آهي ـ“

مسلم: حديث نمبر 486

مٿي ڄاڻايل دعائن علاؤ سجدي ۾ وڌيڪ مسنون دعائون به پڙهي سگھجن ٿيون

سجدي مان اٿندي الله اڪبر چئو

سجدن جي وچ جو دعائون

رَبِّ اغْفِرْ لِي رَبِّ اغْفِرْ لِي

" اي منهنجا رب !مونکي معاف فرماءِ ، اي منهنجا رب!مونکي معاف فرماءِ ـ“

سنن ابي داؤد : حديث نمبر 874

ابوداؤد : حديث نمبر 874 صحيح ابن ماجہ : 1 / 148

اللهم اغْفِرْ لِي وَارْحَمْنِي واهدني وَاجْبُرْنِي وعافني وَارْزُقْنِي وَارْفَعْنِي

" اي الله !مون کي معاف فرماءِ ۽ مون تي رحم فرماءِ ۽ مونکي هدايت عطا فرماءِ ۽ منهنجي نقصان جو پورائوفرماءِ مون کي عافيت عطا فرماءِ مون کي رزق عطا فرما۽ مون کي بلند فرماءِ ـ“

سنن ابوداؤد: حديث نمبر 850 ،جامع الترمذي : حديث نمبر 284 سنن ابن ماجہ : حديث نمبر 898 صحيح الترمذي : 1 / 90 وصحيح ابن ماجہ : 1 / 148 .

ان کانپوءِ نمازي الله اڪبر چئي ٻيو سجدو ڪري ۽سجدي ۾ ذڪر ٿيل دعائن مان جيڪي ياد هجن اهي پڙهي، پوءِ الله اڪبر چئي سجدي مان اٿي باقي نماز مڪمل ڪري ـ

تشهد ،درود ۽ سلام

التحيات

التَّحِيَّاتُ لِلَّهِ وَالصَّلَوَاتُ وَالطَّيِّبَاتُ السَّلَامُ عَلَيْكَ أَيُّهَا النَّبِيُّ وَرَحْمَةُ اللَّهِ وَبَرَكَاتُهُ السَّلَامُ عَلَيْنَا وَعَلَى عِبَادِ اللَّهِ الصَّالِحِينَ أَشْهَدُ أَنْ لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ وَأَشْهَدُ أَنَّ مُحَمَّدًا عَبْدُهُ وَرَسُولُهُ

البخاري : حديث نمبر 831

" منهنجيون سموريون قولي عبادتون،فعلي عبادتون ۽مالي عبادتون الله تعالى جي لاءِ ئي آهن اي نبي! توتي سلامتي ۽ الله جي رحمت ۽ برڪت هجي ۽ سلامتي هجي اسان تي ۽ تمام نيڪ ٻانهن تي آئون گواهي ڏيان ٿو ته الله کانسواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي ۽ محمد ﷺ جن الله جا ٻانها ۽ رسول آهن “ـ

بخاري : حديث نمبر 831

درود ابراهيمي

1 اللَّهُمَّ صَلِّ عَلَى مُحَمَّدٍ وَعَلَى آلِ مُحَمَّدٍ كَمَا صَلَّيْتَ عَلَى إِبْرَاهِيمَ وَعَلَى آلِ إِبْرَاهِيمَ إِنَّكَ حَمِيدٌ مَجِيدٌ اللَّهُمَّ بَارِكْ عَلَى مُحَمَّدٍ وَعَلَى آلِ مُحَمَّدٍ كَمَا بَارَكْتَ عَلَى إِبْرَاهِيمَ وَعَلَى آلِ إِبْرَاهِيمَ إِنَّكَ حَمِيدٌ مَجِيدٌ

" اي الله!رحمت نازل ڪر محمد ﷺ۽ محمد ﷺجن جي آل تي ،جيئن تو رحمت نازل ڪئي ابراهيم عليه السلام ۽ ابراهيم عليه السلام جي آل تي، بيشڪ تون واکاڻيل ۽ بزرگي وارو آهين ـ اي الله !برڪت نازل ڪرمحمد ﷺ ۽ محمد ﷺ جن جي آل تي ،جيئن تو برڪت نازل ڪئي ابراهيم عليه السلام ۽ ابراهيم عليه السلام جي آل تي ، بيشڪ تون واکاڻيل ۽ بزرگي وارو آهين ـ“

البخاري: حديث نمبر 3370

2 اللَّهُمَّ صَلِّ عَلَى مُحَمَّدٍ وَأَزْوَاجِهِ وَذُرِّيَّتِهِ كَمَا صَلَّيْتَ عَلَى آلِ إِبْرَاهِيمَ وَبَارِكْ عَلَى مُحَمَّدٍ وَأَزْوَاجِهِ وَذُرِّيَّتِهِ كَمَا بَارَكْتَ عَلَى آلِ إِبْرَاهِيمَ إِنَّكَ حَمِيدٌ مَجِيدٌ

البخاري حديث نمبر 3369

" أي الله! محمد ﷺ جن تي ۽ سندس گھر وارين تي ۽ سندس اولاد تي رحمت نازل فرماءِ جيئن تو رحمت نازل فرمائي ابراهيم عليه السلام جي آل تي ۽ برڪت نازل فرماءِ محمد ﷺ ۽ سندس آل تي ۽ سندس اولاد تي جيئن تو برڪت نازل ڪئي ابراهيم عليہ السلام جي آل تي ممححهحبيشڪ تون واکاڻيل ۽ بزرگي وارو آهين ـ“

تشهد کانپوءِ سلام ورائڻ کان اڳ جون دعائون

1 اللَّهُمَّ إِنِّي أَعُوذُ بِكَ مِنْ عَذَابِ الْقَبْرِ وَمِنْ عَذَابِ جَهَنَّمَ ِ وَمِنْ فِتْنَةِ الْمَحْيَا وَالْمَمَاتِ وَمِنْ شَرِّ فِتْنَةِ الْمَسِيحِ الدَّجَّالِ

" اي الله! آئون تنهنجي ئي پناھ گھران ٿو قبر جي عذاب کان ،دوزخ جي عذاب کان، زندگي ۽ موت جي فتني کان۽ مسيح دجال جي فتني کان ـ“

مسلم :حديث نمبر 588

2 اللَّهُمَّ إِنِّي أَعُوذُ بِكَ مِنْ عَذَابِ الْقَبْرِ وَأَعُوذُ بِكَ مِنْ فِتْنَةِ الْمَسِيحِ الدَّجَّالِ وَأَعُوذُ بِكَ مِنْ فِتْنَةِ الْمَحْيَا وَالْمَمَاتِ اللَّهُمَّ إِنِّي أَعُوذُ بِكَ مِنْ الْمَأْثَمِ وَالْمَغْرَمِ

" اي الله! آئون تنهنجي پناھ گھران ٿو قبر جي عذاب کان ۽ تنهنجي پناھ گھران ٿو مسيح دجال جي فتني کان ۽ تنهنجي پناھ گھران ٿو زندگي ۽ موت جي فتني کان ۽ تنهنجي پناھ گھران ٿو گناھ ۽ قرض جي فتني کان ـ“

مسلم : حديث نمبر 589

3 اللَّهُمَّ إِنِّي أَعُوذُ بِكَ مِنْ الْبُخْلِ وَأَعُوذُ بِكَ مِنْ الْجُبْنِ وَأَعُوذُ بِكَ أَنْ أُرَدَّ إِلَى أَرْذَلِ الْعُمُرِ وَأَعُوذُ بِكَ مِنْ فِتْنَةِ الدُّنْيَا وَمِنْ عَذَابِ الْقَبْرِ

" اي الله ! آئون تنهنجي پناھ گھران ٿوڪنجوسي کان ۽ تنهنجي پناھ گھران ٿو بزدلي کان ۽ تنهنجي پناھ گھران ٿو زندگي جي بيڪار حصي جي طرف موٽڻ کان ۽ تنهنجي پناھ گھران ٿو دنيا جي فتني کا ن ۽ قبر جي عذاب کان ـ“

البخاري حديث نمبر 6374.

4 اللَّهُمَّ إِنِّي ظَلَمْتُ نَفْسِي ظُلْمًا كَثِيرًا وَلَا يَغْفِرُ الذُّنُوبَ إِلَّا أَنْتَ فَاغْفِرْ لِي مَغْفِرَةً مِنْ عِنْدِكَ وَارْحَمْنِي إِنَّكَ أَنْتَ الْغَفُورُ الرَّحِيمُ

" اي الله !بيشڪ مون پنهنجو پاڻ تي تمام گھڻو ظلم ڪيو ۽ توکان سواء گناهن کي ڪوبه بخشڻ وارو نه آهي تنهن ڪري مون کي پهنجي خاص بخشش سان معاف فرماءِ ۽ رحم ڪر بيشڪ تون گھڻو بخشيندڙ ۽ گھڻو معاف ڪندڙ آهين ـ“

البخاري : حديث نمبر834

5 اللَّهُمَّ اغْفِرْ لِي مَا قَدَّمْتُ وَمَا أَخَّرْتُ وَمَا أَسْرَرْتُ وَمَا أَعْلَنْتُ وَمَا أَسْرَفْتُ وَمَا أَنْتَ أَعْلَمُ بِهِ مِنِّي أَنْتَ الْمُقَدِّمُ وَأَنْتَ الْمُؤَخِّرُ لَا إِلَهَ إِلَّا أَنْتَ

" اي الله! اڳين ۽ پوين گناهن کي معاف فرماءِ ، اهي گناھ معاف فرماءِ جيڪي مون لڪي ڪيا ۽ جيڪي مون ظاهر ڪيا مون کي پنهنجي پاڻ تي ڪيل زيادتيون معاف فرماءِ ۽ هر ان شيءِ کي معاف فرماءِ جيڪا تون مون کان به وڌيڪ ڄاڻين ٿو بيشڪ تون ئي اڳتي ڪرڻ وارو ۽ تون ئي پوئتي ڪرڻ وارو آهين ۽ تو کان سواء ڪوبه برحق معبود نه آهي ـ“

مسلم حديث نمبر771

6 اللَّهُمَّ إِنِّي أَسْأَلُكَ الْجَنَّةَ وَأَعُوذُ بِكَ مِنْ النَّارِ

"اي الله!آئون توکان جنت جو سوال ڪريان ٿو ۽ دوزخ جي باھ کان پناھ گھران ٿو ـ“

ابوداؤد : حديث نمبر 792 ,صحيح ابن ماجہ 2 / 328

7 اللَّهُمَّ بِعِلْمِكَ الْغَيْبَ وَقُدْرَتِكَ عَلَى الْخَلْقِ أَحْيِنِي مَا عَلِمْتَ الْحَيَاةَ خَيْرًا لِي وَتَوَفَّنِي إِذَا عَلِمْتَ الْوَفَاةَ خَيْرًا لِي اللَّهُمَّ وَأَسْأَلُكَ خَشْيَتَكَ فِي الْغَيْبِ وَالشَّهَادَةِ وَأَسْأَلُكَ كَلِمَةَ الْحَقِّ فِي الرِّضَا وَالْغَضَبِ وَأَسْأَلُكَ الْقَصْدَ فِي الْفَقْرِ وَالْغِنَى وَأَسْأَلُكَ نَعِيمًا لَا يَنْفَدُ وَأَسْأَلُكَ قُرَّةَ عَيْنٍ لَا تَنْقَطِعُ وَأَسْأَلُكَ الرِّضَاءَ بَعْدَ الْقَضَاءِ وَأَسْأَلُكَ بَرْدَ الْعَيْشِ بَعْدَ الْمَوْتِ وَأَسْأَلُكَ لَذَّةَ النَّظَرِ إِلَى وَجْهِكَ وَالشَّوْقَ إِلَى لِقَائِكَ فِي غَيْرِ ضَرَّاءَ مُضِرَّةٍ وَلَا فِتْنَةٍ مُضِلَّةٍ اللَّهُمَّ زَيِّنَّا بِزِينَةِ الْإِيمَانِ وَاجْعَلْنَا هُدَاةً مُهْتَدِينَ

" اي الله!تون پهنجي غيب جي علم ۽ مخلوق تي قدرت سان مون کي ان وقت تائين زندھ رک جيستائين تنهنجي علم جي مطابق منهنجي لاءِ زندگي بهتر هجي ۽ مون کي موت عطا ڪر جڏهن تنهنجي علم جي مطابق منهنجي لاءِ موت وڌيڪ بهتر هجي ـ اي الله!آئون ظاهر ۽ لڪ ۾ تنهنجو ئي خوف گھران ٿو، خوشي ۽ ڪاوڙ ۾ حق سچ چوڻ جي توفيق گھران ٿو ۽ تونگري ۽ فقيري ۾ وڇٿرائي گھران ٿو ۽ توکان اهڙين نعمتن جو سوال ڪريان ٿو جيڪي ختم نه ٿين ۽ اکين جي اهڙي ٿڌاڻ گھران ٿو جيڪا ختم نه ٿئي ۽ تنهنجي فيصلن تي راضي رهڻ جي توفيق گھران ٿو ۽ موت کانپوءِ زندگي جي ٿڌاڻ گھران ٿو ۽ تنهنجي چهري جي ديدار جي لذت گھران ٿو ۽ تنهنجي ديدار جو اهڙو شوق گهران ٿو جيڪو سواءِ ڪنهن تڪليف ۽ گمراھ ڪندڙ فتني جي ملي ـ اي الله!اسان کي ايمان جي زيور سان سينگار اسان کي هدايت مليل اڳواڻ بناءِ ـ“

النسائي : حديث نمبر 1308 وأحمد 4 / 364 علامہ الباني صحيح قرار ڏنو آهي صحيح النسائي 1 / 281

8 اللَّهُمَّ إِنِّي أَسْأَلُكَ يَا أَللَّهُ بِأَنَّكَ الْوَاحِدُ الْأَحَدُ الصَّمَدُ الَّذِي لَمْ يَلِدْ وَلَمْ يُولَدْ وَلَمْ يَكُنْ لَهُ كُفُوًا أَحَدٌ أَنْ تَغْفِرَ لِي ذُنُوبِي إِنَّكَ أَنْتَ الْغَفُورُ الرَّحِيمُ

" اي الله!آئون توکان ئي گھران ٿو اي الله!هن لاءِ جو تون اڪيلو،اهڙو بي نيازآهين جنهن کي نه ڪنهن ڄڻيو آهي نه وري ڪنھن کي ڄڻيو آهي ( آئون توکان سوال ڪريان ٿو ته) تون منهنجي گناهن کي معاف فرماءِ ۽ بيشڪ تون گھڻو بخشڻهار ۽ معاف ڪندڙ آهين ـ “

النسائي : حديث نمبر 1302 ، أحمد: 4 / 338

9 اللَّهُمَّ إِنِّي أَسْأَلُكَ بِأَنَّ لَكَ الْحَمْدَ لَا إِلَهَ إِلَّا أَنْتَ وَحْدَكَ لَا شَرِيكَ لَكَ الْمَنَّانُ بَدِيعُ السَّمَوَاتِ وَالْأَرْضِ ذُو الْجَلَالِ وَالْإِكْرَامِ, يا حي يا قيوم ( اللَّهُمَّ إني أسألك الجنة وأعوذ بك من النار )

" اي الله!آئون توکان ئي سوال ڪريان ٿو ڇاڪاڻ جو تنهنجي لاءِ ئي سموريون ساراهون آهن توکان سواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي ، تون اڪيلو آهين ، تنهنجو ڪوبه شريڪ نه آهي ، اي آسمانن ۽ زمينن کي بي مثل پيدا ڪندڙ! اي عزت ۽ بزرگي جا ڌڻي!اي هميشه زندھ رهندڙ ۽اي قائم ۽ دائم رهڻ وارا ! أي الله! آئون توکان جنت جو سوال ڪريان ٿو۽ تنهنجي پناھ گھران ٿو دوزخ جي باھ کان ـ“

سنن ابن ماجہ : حديث نمبر 3858 ,صحيح ابن ماجه 2 / 329 سنن ابو دائود : حديث نمبر 792

10اللَّهُمَّ إِنِّي أَسْأَلُكَ بِأَنِّي أَشْهَدُ أَنَّكَ أَنْتَ اللَّهُ لَا إِلَهَ إِلَّا أَنْتَ الْأَحَدُ الصَّمَدُ الَّذِي لَمْ يَلِدْ وَلَمْ يُولَدْ وَلَمْ يَكُنْ لَهُ كُفُوًا أَحَدٌ

اي الله !آئون توکان ئي هن لاءِ گھران ٿو جو آئون گواهي ڏيان ٿو ته تون ئي اڪيلو اهڙو بي نياز آهين جنهن لاءِ نه ڪو اولاد آهي ۽ نه وري اهو ڪنهن جو اولاد آھي نه ئي سندس ڪو برابر ۽ثاني آهي

الترمذي : حديث نمبر 3475,أحمد 5 / 360 ,صحيح ابن ماجہ : 2 / 329 , صحيح الترمذي : 3 / 163

سلام

تشهد جي دعائن کان فارغ ٿي سلام ڦيري ، پهريائين ساڄي طرف ، پوءِ کاٻي طرف ، سلام جا هي لفظ آهن :

السَّلَامُ عَلَيْكُمْ وَرَحْمَةُ اللَّهِ

" توهان تي سلامتي ۽ الله جي رحمت هجي .“

سنن ابو داؤد : حديث نمبر 996

سلام ورائڻ کانپوءِ جون دعائون

1 الله اڪبر

" الله سڀ کان وڏو آهي ـ“

مسلم: حديث نمبر583

2 أَسْتَغْفِرُ اللَّهَ أَسْتَغْفِرُ اللَّهَ أَسْتَغْفِرُ اللَّهَ اللَّهُمَّ أَنْتَ السَّلَامُ وَمِنْكَ السَّلَامُ تَبَارَكْتَ ذَا الْجَلَالِ وَالْإِكْرَامِ

" آئون الله کان بخشش گھران ٿو ،

آئون الله کان بخشش گھران ٿو ،

آئون الله کان بخشش گھران ٿو ،

أي الله! تون ئي سلامتي وارو آهين ۽ تنهنجي طرفان ئي سلامتي آهي تون تمام با برڪت آهين أي وڏي بزرگي ۽ عزت وارا! “

مسلم :حديث نمبر 591

3 نبي ﷺ جن معاذ رضي الله عنہ کي فرمايو اي معاذ ! الله جو قسم! آئون توسان محبت ڪريان ٿو آئون توکي وصيت ڪريان ٿو ته ڪنهن به نماز کان پوءِ هي دعا نه ڇڏجانءِ

اللَّهُمَّ أَعِنِّي عَلَى ذِكْرِكَ وَشُكْرِكَ وَحُسْنِ عِبَادَتِكَ

" اي الله!تون پنهنجي ذڪر جي توفيق عطا فرماءِ ۽ پنهنجي شڪراداڪرڻ ۽ سٺي طريقي سان عبادت ڪرڻ جي توفيق عطا .“

ابوداؤد :حديث نمبر 1522

4

لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ وَحْدَهُ لَا شَرِيكَ لَهُ , لَهُ الْمُلْكُ وَلَهُ الْحَمْدُ وَهُوَ عَلَى كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ اللَّهُمَّ لَا مَانِعَ لِمَا أَعْطَيْتَ وَلَا مُعْطِيَ لِمَا مَنَعْتَ وَلَا يَنْفَعُ ذَا الْجَدِّ مِنْكَ الْجَدُّ

" الله کانسواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي ۽ هو اڪيلو آهي جنهن جو ڪوبه شريڪ نه آهي ۽ انهيءَ جي لاءِ ئي بادشاهي آهي ۽ انهي جي لاءِ ئي تعريف آهي ۽ هوهر شيءَ تي وس واروآهي ـ اي الله! جيڪا تون شيءِ عطا ڪرين ان کي ڪوبه روڪيندڙ نه آهي ۽ جيڪا شيءِ تون روڪين ان جوڏيڻ وارو ٻيوڪوبه نه آهي ، تو وٽ ڪنهن به حيثيت واري کي ان جي حيثيت فائدو نه ڏيندي .“

بخاري: حديث نمبر5 844

لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ وَحْدَهُ لَا شَرِيكَ لَهُ , لَهُ الْمُلْكُ وَلَهُ الْحَمْدُ وَهُوَ عَلَى كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ , لَا حَوْلَ وَلَا قُوَّةَ إِلَّا بِاللَّهِ لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ وَلَا نَعْبُدُ إِلَّا إِيَّاهُ , لَهُ النِّعْمَةُ وَلَهُ الْفَضْلُ وَلَهُ الثَّنَاءُ الْحَسَنُ لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ مُخْلِصِينَ لَهُ الدِّينَ وَلَوْ كَرِهَ الْكَافِرُونَ

" الله کانسواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي ۽ هو اڪيلو آهي جنهن جو ڪوبه شريڪ نه آهي ۽انهيءَ جي لاءِ ئي بادشاهي آهي ۽ انهي جي لاءِ ئي تعريف آهي ۽ هو هر شيءِ تي وس واروآهي ـ نه آهي برائي کان بچڻ جي همت ۽ نه وري نيڪي ڪرڻ جي طاقت ، سواءِ الله جي توفيق جي اسين فقط انهيءَ جي ئي عبادت ڪريون ٿا انهيءَ جي لاءِ ئي فضيلت آهي ، انهيءَ جي لاءِ ئي تعريف آهي ـ الله کانسواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي اسين ان جيِ لاءِ خالص بندگي ڪندڙ آهيون اها ڳالھ ڪافرن کي ڀلي ناگوار ئي لڳي .“

مسلم :حديث نمبر 594

6 جيڪو شخص هر نماز کانپوءِ هي ذڪر ڪري ان جا گناھ سمنڊ جي جھاڳ برابر هوندا تڏهن به معاف ڪيا ويندا

سبحان الله 33 ڀيرا

الحمد لله 33 ڀيرا

الله اڪبر 33 ڀيرا

آخر ۾ هڪ دفعو هي دعا پڙهي

لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ وَحْدَهُ لَا شَرِيكَ لَهُ , لَهُ الْمُلْكُ وَلَهُ الْحَمْدُ وَهُوَ عَلَى كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ

" الله کانسواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي ، انهيءَ جي لاءِ ئي سموري بادشاهي آهي ۽

انهيءَ لاءِ هر قسم جي تعريف آهي ۽ هو هر شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي ـ“

مسلم :حديث نمبر 597

7 هر نماز کانپوءِ ٽي قل ۽ آية الڪرسي پڙهي وڃي ، جنهن شخص هر نماز کان پوءِ آية الڪرسي پڙهي ان کي موت کان سواءِ ڪابه شيءِ جنت ۾ داخل ٿيڻ کان نه روڪيندي ـ

{ اللَّهُ لَا إِلَهَ إِلَّا هُوَ الْحَيُّ الْقَيُّومُ لَا تَأْخُذُهُ سِنَةٌ وَلَا نَوْمٌ لَهُ مَا فِي السَّمَاوَاتِ وَمَا فِي الْأَرْضِ مَنْ ذَا الَّذِي يَشْفَعُ عِنْدَهُ إِلَّا بِإِذْنِهِ يَعْلَمُ مَا بَيْنَ أَيْدِيهِمْ وَمَا خَلْفَهُمْ وَلَا يُحِيطُونَ بِشَيْءٍ مِنْ عِلْمِهِ إِلَّا بِمَا شَاءَ وَسِعَ كُرْسِيُّهُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضَ وَلَا يَئُودُهُ حِفْظُهُمَا وَهُوَ الْعَلِيُّ الْعَظِيمُ }

ترجمو : الله کان سواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي ،هو هميشه زندھ ،( سموري ڪائنات) جو انتظام ڪرڻ واروآهي ، ان کي نه ڳهر وٺي ٿي ،نه ننڊ ـ جيڪي ڪجھ آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سوسڀ انهيءَ الله جو آهي ، ڪير آهي جيڪو جو سندس اجازت کان سواءِ ان وٽ سفارش ڪري سگھي ـ جيڪي انهن جي اڳيان آهي ۽ جيڪي انهن جي پويان آهي تنهن کي ڄاڻي ٿو ـ سندس علم مان ڪنهن به شيءَ کي گھيرو يا ڄاڻي نٿا سگھن پر جيتري قدر هوگھري ـ ان جي ڪرسي آسمانن ۽ زمينن کي گھيريل آهي ۽ اهو سڀني کان مٿاهون ۽ وڏو آهي ـ

البقرہ 255 ، عمل اليوم والليلة للنسائي: حديث نمبر 100, وابن السني : حديث نمبر121 علامہ الباني هن روايت کي صحيح قرار ڏنو آهي صحيح الجامع: 5 / 339 وسلسلة الاحاديث الصحيحة: 2 / 697 حديث نمبر 972

8 فجر ۽ سانجهي جي نماز کانپوءِ هي دعا ڏھ ڀيرا پڙهي

لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ وَحْدَهُ لَا شَرِيكَ لَهُ لَهُ الْمُلْكُ وَلَهُ الْحَمْدُ يُحْيِي وَيُمِيتُ وَهُوَ عَلَى كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ

" الله کانسواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي انهيءَ جي لاءِ ئي سموري بادشاهي آهي ۽ انهيءَ لاءِ هر قسم جي تعريف آهي ۽ اهو ئي جياريندڙ ۽اهو ماريندڙآهي هو هر شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي ـ“

الترمذي : حديث نمبر 3474 ، أحمد 4 / 227 ـ

فجر جي نماز کان پوءِ هي دعا پڙهي :9

اللَّهُمَّ إِنِّي أَسْأَلُكَ عِلْمًا نَافِعًا وَرِزْقًا طَيِّبًا وَعَمَلًا مُتَقَبَّلًا

" اي الله ! آئون توکان فائدو ڏيندڙ علم،پاڪ رزق ۽ قبول پيل عمل جو سوال ڪريان ٿو ـ“

ابن ماجہ :حديث نمبر 925 , صحيح ابن ماجہ:1 / 152 , مجمع الزوائد: 10 / 111

تسبيح جو نبوي طريقو

عبد الله بن عمررضي الله عنہ فرمائي ٿو ته مون نبي ﷺ جن کي ڏٺوته پاڻ ساڄي هٿ مبارڪ تي تسبيح ڳڻيندا هئا ـ

ابو داؤد : حديث نمبر 1502 الجامع الصغير: حديث نمبر 4989

قنوت وتر جون دعائون

اللَّهُمَّ اهْدِنِي فِيمَنْ هَدَيْتَ وَعَافِنِي فِيمَنْ عَافَيْتَ وَتَوَلَّنِي فِيمَنْ تَوَلَّيْتَ وَبَارِكْ لِي فِيمَا أَعْطَيْتَ وَقِنِي شَرَّ مَا قَضَيْتَ إِنَّكَ تَقْضِي وَلَا يُقْضَى عَلَيْكَ وَإِنَّهُ لَا يَذِلُّ مَنْ وَالَيْتَ وَلَا

يَعِزُّ مَنْ عَادَيْتَ تَبَارَكْتَ رَبَّنَا وَتَعَالَيْتَ

" اي الله !مون کي انهن ماڻهن ۾ شامل ڪرجن کي تو هدايت عطا فرمائي ۽ مون کي عافيت ڏيئي انهن ۾ شامل فرماءِ جن کي تو عافيت ڏني جيڪي ڪجھ مون کي عطا ڪيو اٿئي ان ۾ برڪت عطا فرماءِ بيشڪ تون فيصلو ڪندڙ آهين ۽ تنهنجي خلاف ڪوبه فيصلو نٿو ٿي سگھي بيشڪ جنهن جو تون دوست بڻجي وڃين اهو خوار نٿو ٿو سگھي ۽ جنهن جو تون دشمن بڻجي وڃين اهو عزت وارو نٿو ٿي سگھي ـ“

ابوداؤد: حديث نمبر 1425 ,الترمذي حديث نمبر 464 ,صحيح ابن ماجہ 1 / 194 آهن ارواء الغليل للالباني 2 / 172 . ڏنگي وار لفظ ابو داؤد ۽ بيهقي جا آهن

2 « اللَّهُمَّ إِنِّي أَعُوذُ بِرِضَاكَ مِنْ سُخْطِكَ وَبِمُعَافَاتِكَ مِنْ عُقُوبَتِكَ وَأَعُوذُ بِكَ مِنْكَ لَا أُحْصِي ثَنَاءً عَلَيْكَ أَنْتَ كَمَا أَثْنَيْتَ عَلَى نَفْسِكَ

" اي الله !تنهنجي راضپي سان تنهنجي ناراضگي کان پناھ گھران ٿو ۽ تنهنجي عافيت سان تنهنجي سزا کان پناھ گھران ٿو ـ آئون توکان تنهنجي ئي پناھ گھران ٿو ۽تنهنجي اهڙي واکاڻ بيان نٿو ڪري سگهان جيڪا تو خود پنهنجي واکاڻ بيان ڪئي ـ“

آهي ابوداؤد:حديث نمبر 1427 ،صحيح الترمذي:3 / 180 صحيح ابن ماجہ: 1 / 194الارواء 2 / 175

وتر نماز کانپوءِ جي دعا

« سُبْحَانَ الْمَلِكِ الْقُدُّوسِ

پاڪ آهي بادشاھ ،گھڻي پاڪائي وارو.“ "

ابوداؤد : حديث نمبر 1430

اهي ڪلما ٽي ڀيرا چوي ٽئين ڀيري ڊگھي ۽ بلند آواز سان پڙهندي چوي :

رَبِّ الْمَلاَئِكَةِ وَالرُّوحِ

ملائڪن ۽ جبرائيل جو ڌڻي.“ "

الدراقطني حديث نمبر 1644 زاد المعاد 1 /337

نماز استخارہ جي دعا

جابررضي الله عنہ فرمائي ٿو ته نبي ﷺ جن اسان کي سمورن معاملن ۾ استخارہ ڪرڻ ائين سيکاريندا هئا جيئن قرآن جون سورتون سيکاريندا هئا ۽ فرمائيندا هئا جڏهن اوهان مان ڪوبه ڪنهن ڪم جو ارادو ڪري ته فرض کان سواءِ ٻه رڪعتون ادا ڪري پوءِ هيءَ دعا گھري :

اللَّهُمَّ إِنِّي أَسْتَخِيرُكَ بِعِلْمِكَ وَأَسْتَقْدِرُكَ بِقُدْرَتِكَ وَأَسْأَلُكَ مِنْ فَضْلِكَ الْعَظِيمِ فَإِنَّكَ تَقْدِرُ وَلَا أَقْدِرُ وَتَعْلَمُ وَلَا أَعْلَمُ وَأَنْتَ عَلَّامُ الْغُيُوبِ اللَّهُمَّ إِنْ كُنْتَ تَعْلَمُ أَنَّ هَذَا الْأَمْرَ خَيْرٌ لِي فِي دِينِي وَمَعَاشِي وَعَاقِبَةِ أَمْرِي أَوْ قَالَ عَاجِلِ أَمْرِي وَآجِلِهِ فَاقْدُرْهُ لِي وَيَسِّرْهُ لِي ثُمَّ بَارِكْ لِي فِيهِ وَإِنْ كُنْتَ تَعْلَمُ أَنَّ هَذَا الْأَمْرَ شَرٌّ لِي فِي دِينِي وَمَعَاشِي وَعَاقِبَةِ أَمْرِي أَوْ قَالَ فِي عَاجِلِ أَمْرِي وَآجِلِهِ فَاصْرِفْهُ عَنِّي وَاصْرِفْنِي عَنْهُ وَاقْدُرْ لِي الْخَيْرَ حَيْثُ كَانَ ثُمَّ أَرْضِنِي بِهِ

" اي الله! آئون توکان تنهنجي علم سان خير ۽ ڀلائي گھران ٿو ۽ تنهنجي قدرت سان طاقت گھران ٿو ۽ توکان تنهنجي وڏي ٻاجھ جو طلبگار آهيان ، ڇوته تون ئي قدرت رکين ٿو آئون قدرت ٿو رکان ـ تون ئي ڄاڻين ٿوآئون نه ٿو ڄاڻان ۽ تون ئي غيب کي ڄاڻندڙ آهين ـ

اي الله! جيڪڏهن تنهنجي علم جي مطابق هي ڪم (انهيءَ ڪم جو نالو وٺي ) منهنجي لاءِ ، منهنجي دين ۽ گذران بابت ڀلائي وارو آهي ۽ منهنجي ڪم جي پڄاڻي جي لحاظ کان به ڀلوآهي ته ان جو منهنجي حق ۾ فيصلو ڪري ڇڏ ۽ منهنجي لاءِ (اهو ڪم ) آسان فرماءِ ۽ پوءِ انهيءَ ۾ برڪت پيدا فرماءِ اي الله ! جيڪڏهن تنهنجي علم جي مطابق هي ڪم (انهي ڪم جو نالو وٺي ) منهنجي لاءِ ۽ منهنجي دين ۽گذران بابت بروآهي ۽منهنجي ڪم جي پڄاڻي جي لحاظ کان به برو آهي ته ان کي مون کان پري ڪر ۽ مون کي ان کان پري ڪر ۽ ڀلائي جتي به هجي ان جو منهنجي حق ۾ فيصلو ڪري ڇڏ ۽ مون کي ان تي راضي ڪري ڇڏ ـ “

البخاري : حديث نمبر1162

خيرخواهن سان مشورو:

جيڪو شخص الله جي اڳيان استخارہ ڪري ۽ مؤمن مسلمانن سان مشورو ڪري پوءِ ان ڪم تي ثابت قدم رهيو ته ان کي پڇتاءُ نه ٿيندو ڇاڪاڻ جو الله تعالى جو فرمان مبارڪ آهي ته :

وَشَاوِرْهُمْ فِي الْأَمْرِ فَإِذَا عَزَمْتَ فَتَوَكَّلْ عَلَى اللَّهِ

آل عمران : 159 .

" ۽ انهن سان ڪم بابت مشورو ڪر پوءِ جڏهن ان جي ڪرڻ جو پختو ارادو ڪرين ته الله تي ڀروسو رک ـ

قنوت نازلہ

نازلہ جي معنى آهي مصيبت ،آفت ،آزمائش ۽ تڪليف جڏهن مسلمان آفتن ۽ حادثن ۾ مبتلا هجن يا ڪافرن سان جهادڪندا هجن يا ڪافرن جي گھيري ۾ ڦاسي پيا هجن ته اهڙن موقعن تي مسلمانن جي ڇوٽڪاري ۽ فتح جي لاءِ دعا گھرڻ مسنون عمل آهي ،اهڙن ئي موقعن تي نبي ﷺ جن رعل ،ذڪوان،مضر ۽ ٻين قبيلن جي بربادي لاءِ بد دعا ۽ قيد ٿيل صحابه ڪرام جي آزاديءَ جي لاءِ دعا گھري پاڻ ﷺ جن هڪ مهيني تائين مسلسل پنجن نمازن ۾ صحابه ڪرام جي آزادي جي دعا ۽ ڪافرن لاءِ بد دعا ڪندا رهيا ـ

بخاري : حديث نمبر 4560

انهيءَ کي قنوت نازلہ چيو ويندو آهي

سيدنا عمررضي الله عنہ کان قنوت نازلہ جي هي دعا منقول آهي

« اللهم إياك نعبد , ولك نصلي ونسجد , وإليك نسعى ونحفد , ونرجو رحمتك ونخشى عذابك , إن عذابك بالكافرين مُلْحَق . اللهم إنا نستعينك , ونستغفرك , ونثني عليك الخير, ولا نكفرك , ونؤمن بك , ونخضع لك , ونخلع من يكفرك » ...

" اي الله ! اسان کي بخش فرماءِ ۽ مؤمن مردن ۽ عورتن کي ۽ مسلمان مرد ۽ مسلمان عورتن کي معاف فرماءِ ۽ انهن جي انهن جي دلين ۾الفت پيدا فرماءِ ۽ انهن جي معاملن جي اصلاح فرماءِ ۽ تنهنجي ۽ انهن جي دشمن جي مقابلي ۾ انهن جي مدد فرماءِ ـ

اي الله !اهل ڪتاب (يهودين ۽ عيسائين ) جي ڪافرن تي لعنت فرماءِ، جيڪي تنهنجي تنهنجي رسولن کي ڪوڙو قرار ڏين ٿا ۽ تنهنجي دوستن سان جنگ ڪن ٿا ـ اي الله !

انهن جي ڳالهين ۾ اختلاف پيدا فرماءِ ۽ انهن تي پنهنجو اهو عذاب نازل فرماءِ جيڪوتون مجرمن تان نه هٽائيندو آهين ـ

الله جي نالي سان شروع جيڪو گھڻو مهربان ۽نها يت ٻاجھارو آهي اي الله!اسين توکان ئي مدد طلب ڪريون ٿا ۽ توکان بخشش گھرون ٿا ۽ تنهنجي تعريف ڪريون ٿا ۽تنهنجو انڪار نٿا ڪريون ۽ تنهنجي نافرماني ڪندڙن سان پنهنجا تعلقات ٽوڙي ڇڏيون ٿا ۽ کانئن جدا ٿي وڃون ٿا ـ الله جي نالي سان شروع جيڪو گھڻو مهربان ۽نها يت ٻاجھارو آهي

اي الله!اسين تنهنجي ئي عبادت ڪريون ٿا ،تنهنجي لاءِ ئي نمازپڙهون ۽سجدا ڪريون ٿا ، تنهنجي ئي طرف ڪوشش ۽ جلدي ڪريون ٿا تنهنجي عذاب کان ڊڄون ٿا ۽ تنهنجي رحمت جا اميدوار آهيون ، بيشڪ تنهنجو عذاب ڪافرن کي گھيريندڙ آهي ـ“

السنن الڪبرى : امام بيهقي هن جي سند کي صحيح چيو آهي 2 / 211 علامہ الباني هن جي سند کي صحيح چيو آهي ،.هي روايت ابن عمر کان موقوفا ثابت آهي ـ المصنف عبد الرزاق

جنازي نماز

جنازي نماز بيهي ڪري رڪوع ۽ سجدي کانسواءِ ادا ڪئي ويندي آهي ـ

هن نماز ۾ چار تڪبيرون آهن ـ

پهرين تڪبير ۾ الله اڪبر کانپوءِ سورت فاتحہ ۽ ٻي ڪنهن سورت يا چند آيتن جي تلاوت ڪجي ـ

ٻي تڪبير ۾ درود ابراهيمي پڙهجي ـ

ٽين تڪبير کانپوءِ ميت جي لاءِ هيٺ ڄاڻايل دعائون پڙهڻ گھرجن ـ

چوٿين تڪبير بعد سلام ورائي ـ

جنازي نماز جون دعائون

1 اللَّهُمَّ اغْفِرْ لَهُ وَارْحَمْهُ وَعَافِهِ وَاعْفُ عَنْهُ وَأَكْرِمْ نُزُلَهُ وَوَسِّعْ مُدْخَلَهُ وَاغْسِلْهُ بِالْمَاءِ وَالثَّلْجِ وَالْبَرَدِ وَنَقِّهِ مِنْ الْخَطَايَا كَمَا نَقَّيْتَ الثَّوْبَ الْأَبْيَضَ مِنْ الدَّنَسِ وَأَبْدِلْهُ دَارًا خَيْرًا مِنْ دَارِهِ وَأَهْلًا خَيْرًا مِنْ أَهْلِهِ وَزَوْجًا خَيْرًا مِنْ زَوْجِهِ وَأَدْخِلْهُ الْجَنَّةَ وَأَعِذْهُ مِنْ عَذَابِ الْقَبْرِ وَ مِنْ عَذَابِ النَّارِ

" اي الله !هن کي معاف فرماءِ ۽ مٿس رحم فرماءِ ۽ کيس عافيت عطا فرمائي، ۽کانئس درگذر فرماءِ ۽ سندس عزت ڀري مهماني فرماءِ ۽ سندس قبر کي ڪشادو فرماءِ ۽ هن جي گناهن کي پاڻي ،برف ۽ ڳڙن سان ڌوئي ائين صاف فرماءِ جيئن اڇي ڪپڙي کي مرمٽي کان صاف ڪيو اٿئي ۽کيس سندس گھر کان بهتر گھر عطا فرماءِ ۽ سندس خاندان کان بهتر خاندان عطا فرماءِ ۽ کيس سندس زال کان بهترزال عطا فرماءِ ۽ کيس جنت ۾داخل فرماءِ ۽کيس قبر جي عذاب ۽ باھ جي عذاب کان بچائي ـ“ مسلم :حديث نمبر 963

2 اللَّهُمَّ اغْفِرْ لِحَيِّنَا وَمَيِّتِنَا وَشَاهِدِنَا وَغَائِبِنَا وَصَغِيرِنَا وَكَبِيرِنَا وَذَكَرِنَا وَأُنْثَانَا اللَّهُمَّ مَنْ أَحْيَيْتَهُ مِنَّا فَأَحْيِهِ عَلَى الْإِسْلَامِ وَمَنْ تَوَفَّيْتَهُ مِنَّا فَتَوَفَّهُ عَلَى الْإِيمَانِ اللَّهُمَّ لَا تَحْرِمْنَا أَجْرَهُ وَلَا تُضِلَّنَا بَعْدَهُ

" اي الله!اسان جي جيئرن ۽ اسان جي مري ويلن کي بخش فرماءِ ِاسان مان موجود ( مسلمانن ) غير موجود ( مسلمانن) کي معاف فرمائي اسان جي وڏن ۽ ننڍن کي بخش فرماءِ اسان جي مردن ۽ عورتن کي معاف فرمائي اي الله !اسان مان جنهن کي جيئارين ان کي اسلام تي جيئار ۽ جنهن کي مارئين ان کي اسلام تي موت ڏي ـ اي الله !اسان کي ان جي ثواب کان محروم نه فرماءِ ۽ اسان کي ان کانپوءِ گمراھ نه ڪجانءِ ـ“

ابن ماجہ : حديث نمبر1498 , مسنداحمد : 2 / 368

3 اللَّهُمَّ إِنَّ فُلَانَ بْنَ فُلَانٍ فِي ذِمَّتِكَ وَحَبْلِ جِوَارِكَ فَقِهِ مِنْ فِتْنَةِ الْقَبْرِ وَعَذَابِ النَّارِ وَأَنْتَ أَهْلُ الْوَفَاءِ وَالْحَقِّ فَاغْفِرْ لَهُ وَارْحَمْهُ إِنَّكَ أَنْتَ الْغَفُورُ الرَّحِيمُ

" اي الله! فلاڻو پٽ فلاڻي جو تنهنجي ذمي ۽ پناھ ۾ آهي ، ان ڪري کيس قبر جي امتحان ۽ باھ جي عذاب کان بچاءِ ، تون ئي وفا ۽ حق وارو آهين ، پوءِ هن کي معاف فرماءِ ۽ مٿس رحم فرماءِ بيشڪ تون گھڻو بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙآهين ـ“

ابن ماجہ: حديث نمبر 1499 , صحيح ابن ماجہ: 1 / 251 ،ابوداؤد 3 / 211 .

4 « اللهم عبدك وابن أمتك احتاج إلى رحمتك , وأنت غني عن عذابه , إن كان محسنا فزد في حسناته , وإن كان مسيئا فتجاوز عنه »

الحاڪم حديث نمبر 1328 امام حاڪم هن روايت کي صحيح چيوآهي ۽امام ذهبي سندس تائيد ڪئي آهي 1 / 359 احڪام الجنائز للالباني ص 159

" اي الله!تنهنجو ٻانهو۽ تنهنجي ٻانهيءَ جوپٽ ، تنهنجي رحمت جو محتاج آهي ـ تون کيس عذاب ڏيڻ کان بي نياز آهين، جيڪڏهن نيڪوڪار آهي ته سندس نيڪين ۾ واڌارو فرماءِ ۽جيڪڏهن گنهگار آهي ته کيس معاف فرماءِ ـ“

ٻار تي جنازي جون دعائون

1 « اللَّهُمَّ أَعِذْهُ مِنْ عَذَابِ الْقَبْرِ »

" اي الله!هن کي قبر جي عذاب کان بچاءِ ـ“

سعيد بن مسيب فرمائي ٿو ته مون ابو هريره رضي الله عنہ جي پٺيان گناهن کان معصوم ٻار جي جنازي نماز پڙهي ته پاڻ هيءَ دعا پڙهيائون ـ

الموطا 1 / 228 , ابن أبي شيبة في المصنف 3 / 217 ، البيهقي 4 / 9 , شعيب الارناؤط هن جي سند کي صحيح چيو آهي ڏسندا :تحقيقہ لشرح السنة للبغوي 5 / 357 .

2 اللهم اجعله فرطا وذخرا لوالديه , وشفيعا مجابا . اللهم ثقل به موازينهما وأعظم به أجورهما , وألحقه بصالح المؤمنين , واجعله في كفالة إبراهيم , وقه برحمتك عذاب الجحيم, وأبدله دارا خيرا من داره ، وأهلا خيرا من أهله , اللهم اغفر لأسلافنا , وأفراطنا , ومن سبقنا بالإيمان

" اي الله!هن کي سندس ماءُ ۽ پيءُ جي لاءِ اڳيان وڃي ميزباني ڪندڙ۽ ذخيرو ڪندڙ بڻاءِ هن کي اهڙو سفارشي بناءِ جنهن جي سفارش قبول ڪئي وڃي ـ اي الله ! هن سان هن جي ماءُ ۽ پيءُ جي (عملن ) جي ترازو کي ڳرو ڪر ۽ هن جي ذريعي سان سندس ماءُ پيءُ جي ثواب ۾ واڌارو فرماءِ ۽کيس نيڪ ٻانهن ۾ شامل فرماءِ ۽ کيس ابراهيم عليه السلام جي پرورش ۾ داخل فرماءِ ۽کيس پنهنجي رحمت سان دوزخ جي عذاب کان بچاءِ ۽ کيس سندس گھر جي بدلي ۾ بهتر گھر عطا فرماءِ ۽ کيس سندس گھر وارن جي بدلي ۾ بهتر گھر وارا عطا فرماءِ اي الله !اسان جو اڳيان استقبال ڪندڙن ۽اڳيان ملندڙن کي بخش فرماءِ ۽ انهن کي معاف فرماءِ جن جو خاتمو اسان کان پهريائين ايمان تي ٿيو ـ“

المغني لابن قدامة 3 / 416 ، الدروس المهمة لعامة الامة للشيخ عبد العزيز بن عبد الله بن باز حفظہ الله ص 15

3 « اللهم اجعله لنا فرطا , وسلفا , وأجرا

" اي الله!هن کي اسان جي لاءِ اڳيان وڃي ميزباني ڪندڙ۽استقبال ڪندڙ ۽ اجر (جو ذريعو بناءِ ـ“

البغوي : شرح السنة 5 / 357 ,عبد الرزاق: حديث نمبر 6588 , امام بخاري هن کي معلق ذڪر ڪيو آهي صحيح البخاري :ڪتاب الجائز ، باب قراءة فاتحة الڪتاب علي الجنازة

تعزيت جون دعائون

1 إِنَّ لِلَّهِ مَا أَخَذَ وَلَهُ مَا أَعْطَى وَكُلٌّ عِنْدَهُ بِأَجَلٍ مُسَمًّى

" يقينًا اهو سڀ ڪجھ الله جو ئي آهي جيڪي وٺي ورتائين ۽(الله) جو ئي آهي جيڪي عطا ڪيائين ، وٽس هر شيءِ جو هڪ مقرر وقت آهي ، هن دعا کانپوءِ ميت جي پونيرن کي صبر جي نصيحت ڪري ـ“

البخاري : حديث نمبر 7377

2 هي دعا به وڌيڪ بهتر آهي

« أعظم الله أجرك , وأحسن عزاءك وغفر لميتك

" الله تعالى تنهنجي ثواب کي گھڻي کان گھڻو وڌائي ۽ توکي سهڻي تسلي ڏي ۽ تنهنجي ميت کي معاف فرمائي ـ“

الاذڪار للنووي: ص 190

ميت کي قبر ۾ لاهڻ وقت دعا

« بِسْمِ اللَّهِ وَعَلَى سُنَّةِ رَسُولِ اللَّهِ »

" الله تعالى جي نالي سان ۽ رسول الله ﷺ جن جي سنت جي مطابق (دفن ڪريون ٿا) ـ“

ابوداؤد : حديث نمبر 3213 مسند احمد : 2 /27 جا لفظ آهن" بسم الله وعلى ملة رسول الله “ هن جي سند صحيح آهي ـ

ميت کي دفن ڪرڻ کانپوءِ جي دعا

« اللهم اغفر له اللهم ثبته »

" اي الله!کيس معاف فرماءِ ۽ کيس ثابت قدم رک ـ“

نبي ﷺ جن ميت کي دفن ڪري فارغ ٿيندا هئا ،اتي بيهي فرمائيندا هئا ته : پنهنجي ڀاءُ جي بخشش ۽ ثابت قدمي جي دعا گھرو ڇوته کانئس هن وقت پڇاڻو پيو ٿئي ـ

ابوداؤد : حديث نمبر 3221 امام حاڪم هن کي صحيح چيو آهي امام ذهبي سندس تائيد ڪئي آهي 1 / 370 .

قبر جي زيارت ڪرڻ وقت دعا

السَّلَامُ عَلَيْكُمْ أَهْلَ الدِّيَارِ مِنْ الْمُؤْمِنِينَ وَالْمُسْلِمِينَ وَإِنَّا إِنْ شَاءَ اللَّهُ لَلَاحِقُونَ [ ويرحم الله المستقدمين منا والمستأخرين ] أَسْأَلُ اللَّهَ لَنَا وَلَكُمْ الْعَافِيَةَ

" اي هنن گھرن (قبرن) ۾ رهندڙ مؤمنو ۽ مسلمانو!اوهان تي سلامتي هجي يقينا جيڪڏهن الله چاهيو ته اسين به اوهان ملڻ وارا آهيون ـ الله اسان مان اڳ ۾ وڃڻ وارن ۽ بعد ۾ وڃڻ وارن تي رحم فرمائي ۽ آئون الله کان پنهنجي لاءِ ۽ اوهان لاءِ عافيت گھران ٿوـ“

مسلم :حديث نمبر 975 ، 974 ابن ماجہ: حديث نمبر 1547 ابن ماجہ جي روايت بريدہ ﷦ کان منقول آهي ۽ ڏنگي وارا لفظ مسلم ۾عائشہ رضي الله عنها کان مروي آهن ـ

قرآن ۽ نماز ۾ وسوسي کان بچڻ جي دعا

اعوذ بالله من الشيطان الرجيم

" آئون الله تعالى جي پناھ گھران ٿوشيطان تڙيل کان ـ“

هي دعا پڙهي کاٻي پاسي ٽي ڀيرا ٿڪي ڇڏيو ـ

مسلم:حديث نمبر 2203

تلاوت جي سجدي جون دعائون

سَجَدَ وَجْهِي لِلَّذِي خَلَقَهُ وَشَقَّ سَمْعَهُ وَبَصَرَهُ بِحَوْلِهِ وَقُوَّتِه { فَتَبَارَكَ اللَّهُ أَحْسَنُ الْخَالِقِينَ }»

" منهنجي چهري ان ذات کي سجدو ڪيو جنهن ان کي پيدا ڪيو ۽ ان ۾ پنهنجي طاقت ۽ قوت سان ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جا سوراخ بڻايا ۽ برڪت ڀريو آهي الله ، جيڪو بهترين خلقيندڙ آهي ـ“

الترمذي :حديث نمبر3425 ، أحمد امام حاڪم هن کي صحيح چيو آهي امام ذهبي سندس تائيد ڪئي آهي 1 / 220 حديث نمبر 802

2 اللَّهُمَّ اكْتُبْ لِي بِهَا عِنْدَكَ أَجْرًا وَضَعْ عَنِّي بِهَا وِزْرًا وَاجْعَلْهَا لِي عِنْدَكَ ذُخْرًا وَتَقَبَّلْهَا مِنِّي كَمَا تَقَبَّلْتَهَا مِنْ عَبْدِكَ دَاوُدَ

" اي الله!هن سجدي جي بدلي ۾ منهنجي لاءِ پاڻ وٽ ثواب لک ۽ انهيءَ سببان مون تان (گناهن ) جو بار لاهي انهي سجدي کي منهنجي لاءِ پاڻ وٽ ذخيرو بڻاءِ مون کان انهيءَ کي ائين قبول فرماءِ جيئن پنهنجي ٻانهي داؤد عليہ السلام کان قبول ڪيئي “ـ

الترمذي : حديث نمبر3424 امام حاڪم هن کي صحيح چيو آهي امام ذهبي سندس تائيد ڪئي آهي 1 / 219 حديث نمبر 799

صبح ۽ شام جا ذڪر ۽ دعائون

سيدنا انس ﷦ بيان ڪري ٿو ته رسول الله ﷺ جن فرمايو: مون کي اسماعيل عليه السلام جي اولاد مان چار غلام آزاد ڪرڻ کان وڌيڪ پسند آهي جو آئون اهڙن ماڻهن سان ويهان جيڪي نماز فجر کان پوءِ سج اڀرڻ تائين الله جو ذڪر ڪن ٿا ـ مون کي چار غلام آزاد ڪرڻ کان وڌيڪ پسند آهي جو آئون اهڙن ماڻهن سان ويهان جيڪي وچين نماز کان پوءِ سج لهڻ تائين الله جو ذڪر ڪن ٿا ـ

أبو داؤد: حديث نمبر 3667 , هن روايت کي علامہ الباني حسن چيوآهي , صحيح أبو داود: 2 / 698 1

1 جيڪو شخص صبح ۾ آية الڪرسي پڙهي اهو شام تائين جنن کان محفوظ رهندو ۽ جيڪو شام ۾ پڙهندوته اهو صبح تائين انهن کان محفوظ رهندو ـ

الحاڪم: 1 / 562 علامہ الباني هن کي صحيح چيو آهي هن روايت جي نسبت نسائي ۽ طبراني جي طرف ڪندي فرمايائين ته طبراني جي سند جيد آهي : صحيح الترغيب والترهيب 1 / 273 حديث نمبر (662)

2 جيڪو شخص ٽي ڀيرا صبح ۽ ٽي ڀيرا شام جو ٽي قل پڙهندو ته اهو عمل انهيءَ لاءِ دنيا جي هرشيءِجي لاءِ ڪافي ٿيندو ـ

أبو داؤد: حديث نمبر 5082 ، الترمذي : 5 / 567 ، صحيح الترمذي : 3 / 182

3 جيڪو به شخص ست ڀيرا هي دعا صبح ۽ شام ۾ پڙهندو ته الله تعالى دنيا ۽ آخرت جي معاملن ۾ ان جي لاءِ ڪافي ٿيندو ـ

حَسْبِيَ اللَّهُ لَا إِلَهَ إِلَّا هُوَ عَلَيْهِ تَوَكَّلْتُ وَهُوَ رَبُّ الْعَرْشِ الْعَظِيمِ " منهنجي لاءِ الله ئي ڪافي آهي جنهن کانسواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي ، مون انهيءَ تي ئي ڀروسو ڪيو ۽ هو عظيم عرش جو ڌڻي آهي ـ“

ابن السني: حديث نمبر 71 مرفوعا وأبو داؤد موقوفا: حديث نمبر 5081, شيخ شعيب ۽ عبد القادر الارناؤط هن حديث کي صحيح چيو آهي ڏسندا : زاد المعاد 2 / 376 .

4 صبح جي وقت پڙهي :

« أَصْبَحْنَا وَأَصْبَحَ الْمُلْكُ لِلَّهِ وَالْحَمْدُ لِلَّهِ لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ وَحْدَهُ لَا شَرِيكَ لَهُ لَهُ الْمُلْكُ وَلَهُ الْحَمْدُ وَهُوَ عَلَى كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ رَبِّ أَسْأَلُكَ خَيْرَ مَا فِي ما في هذا اليوم وخير ما بعده وَأَعُوذُ بِكَ مِنْ شَرِّ مَا فِي في هذا اليوم وشر ما بعده , رَبِّ أَعُوذُ بِكَ مِنْ الْكَسَلِ وَسُوءِ الْكِبَرِ رَبِّ أَعُوذُ بِكَ مِنْ عَذَابٍ فِي النَّارِ وَعَذَابٍ فِي الْقَبْرِ

" اسان صبح ڪيو ۽ سموري بادشاهي صبح ڪيو ،سموري واکاڻ الله جي لاءِ ئي آهي ،الله کانسواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي جنهن جو ڪوبه شريڪ نه آهي ،۽ هو هر شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي ـ اي رب ! آئون توکان هن ڏينهن جي بهتري گھران ٿو ۽ هر ان شيءَ جي بهتري گھران ٿو جيڪا هن ڏينهن جي پڄاڻي پٺيان آهي ۽ تنهنجي پناھ گھران ٿو هن ڏينهن ۾ موجود برائي کان ۽ ان برائي کان جيڪا هن ڏينهن جي پڄاڻي پٺيان آهي رب منهنجا ! آئون تنهنجي پناھ گھران ٿو سستي کان ،پوڙهائپ جي خرابي کان ، اي رب منهنجا! آئون تنهنجي پناھ گھران ٿو باھ ۾ ٿيندڙ عذاب کان ۽ قبر ۾ ٿيندڙ عذاب کان ـ“

5 شام جي وقت پڙهي :

أَمْسَيْنَا وَأَمْسَى الْمُلْكُ لِلَّهِ وَالْحَمْدُ لِلَّهِ لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ وَحْدَهُ لَا شَرِيكَ لَهُ لَهُ الْمُلْكُ وَلَهُ الْحَمْدُ وَهُوَ عَلَى كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ رَبِّ أَسْأَلُكَ خَيْرَ مَا فِي هَذِهِ اللَّيْلَةِ وَخَيْرَ مَا بَعْدَهَا وَأَعُوذُ بِكَ مِنْ شَرِّ مَا فِي هَذِهِ اللَّيْلَةِ وَشَرِّ مَا بَعْدَهَا رَبِّ أَعُوذُ بِكَ مِنْ الْكَسَلِ وَسُوءِ الْكِبَرِ رَبِّ أَعُوذُ بِكَ مِنْ عَذَابٍ فِي النَّارِ وَعَذَابٍ فِي الْقَبْرِ

" اسان شام ڪئي ۽ ساري بادشاهيءَ شام ڪئي ،سموري واکاڻ الله جي لاءِ ئي آهي ،الله کانسواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي جنهن جو ڪوبه شريڪ نه آهي ۽ هو هر شيءِ قدرت رکندڙ آهي ـ اي رب ! آئون توکان هن رات جي بهتري گھران ٿو۽ هر ان شيءِ جي بهتري گھران ٿو جيڪا هن رات جي پڄاڻي پٺيان آهي ۽ تنهنجي پناھ گھران ٿو هن رات ۾ موجود برائي کان ۽ ان برائي کان جيڪا هن رات جي پڄاڻي پٺيان آهي ـ اي رب منهنجا ! آئون تنهنجي پناھ گھران ٿو سستي کان ، پوڙهائپ جي خرابي کان ـ اي رب منهنجا! آئون تنهنجي پناھ گھران ٿو باھ ۾ ٿيندڙ عذاب کان ۽ قبر ۾ ٿيندڙ عذاب کان ـ“

مسلم:حديث نمبر 2732

6 جنهن شخص صبح جي وقت هيءَ دعا پڙهي ته انهيءَ ان ڏينهن جو شڪرادا ڪيو ۽ جنهن شخص شام جي وقت هيءَ دعا پڙهي ته انهيءَ ان رات جو شڪرادا ڪيو ـ

صبح جي وقت پڙهي:

« اللهم ما أصبح بي من نعمة أو بأحد من خلقك فمنك وحدك لا شريك لك , فلك الحمد ولك الشكر »

" اي الله!صبح ۾ مون کي يا پنهنجي مخلوق مان ڪنهن کي به ڪا نعمت حاصل ٿئي ٿي ته اها تو اڪيلي جي طرفان هوندي آهي ، تنهنجو ڪوبه شريڪ نه آهي ،تنهنجي لاءِ ئي سموري واکاڻ آهي ۽ تنهنجي لاءِ ئي شڪر آهي ـ “

7 شام جي وقت پڙهي

اللهم ما أمسى بيمن نعمة أو بأحد من خلقك فمنك وحدك لا شريك لك , فلك الحمد ولك الشكر »

" اي الله ! شام ۾ مون کي يا پنهنجي مخلوق مان ڪنهن کي به ڪا نعمت حاصل ٿئي ٿي ته اها تو اڪيلي جي طرفان هوندي آهي ، تنهنجو ڪوبه شريڪ نه آهي انڪري تنهنجي لا ءِ ئي سموري واکاڻ آهي ۽ تنهنجي لاءِ ئي شڪر آهي ـ“

السنن الڪبرى للبيهقي : حديث نمبر 9835

8 صبح ۾ هڪ ڀيرو پڙهي :

« اللَّهُمَّ بِكَ أَصْبَحْنَا وَبِكَ أَمْسَيْنَا وَبِكَ نَحْيَا وَبِكَ نَمُوتُ وَإِلَيْكَ الْمَصِيرُ

" اي الله!اسان تنهنجي مدد ۽ توفيق سان صبح ڪيو ۽ اسان تنهنجي مدد ۽ توفيق سان شام ڪئي، تنهنجي ئي حڪم سان جيئون ٿا تنهنجي ئي نالي مرون ٿا ۽ تنهنجي ئي طرف موٽڻو آهي ـ“

9 شام ۾ هڪ ڀيرو پڙهي :

اللَّهُمَّ بِكَ أَمْسَيْنَا وَبِكَ أَصْبَحْنَا وَبِكَ نَحْيَا وَبِكَ نَمُوتُ وَإِلَيْكَ النُّشُورُ اي الله ! اسان تنهنجي مدد ۽ توفيق سان شام ڪئي ۽ اسان تنهنجي مدد ۽ توفيق سان صبح ڪيو تنهنجي ئي حڪم سان جيئون ٿا ۽ تنهنجي ئي حڪم سان مرون ٿا تو ڏانهن ئي موٽڻو آهي ـ

الترمذي : 5 / 466 صحيح الترمذي: 3 / 142 سلسلہ الاحاديث الصحيحہ: 1/225 حديث نمبر 262 ـ

10 صبح ۽ شام ۾هڪ ڀيرو پڙهي :

« يا حي يا قيوم برحمتك أستغيث أصلح لي شأني كله ولا تكلني إلى نفسي طرفة عين »

الحاڪم : ( امام حاڪم هن کي صحيح چيو آهي امام ذهبي سندس تائيد ڪئي آهي )

1 / 545 حديث نمبر2000 الترغيب والترهيب 1 / 273

" اي زندھ ۽( هر شيءَ) کي قائم رکندڙ ! تنهنجي ئي رحمت سان توکان مدد گھران ٿو ۽ منهنجن سمورن معاملن کي سنوار ۽ مون کي اک ڇنڀ جيتري لمحي لاءِ منهنجي نفس جي حوالي نه ڪر ـ“

11 صبح ۾ هڪ ڀيرو

أَصْبَحْنَا وَأَصْبَحَ الْمُلْكُ لِلَّهِ رَبِّ الْعَالَمِينَ اللَّهُمَّ إِنِّي أَسْأَلُكَ خَيْرَ هَذَا الْيَوْمِ فَتْحَهُ وَنَصْرَهُ وَنُورَهُ وَبَرَكَتَهُ وَهُدَاهُ وَأَعُوذُ بِكَ مِنْ شَرِّ مَا فِيهِ وَشَرِّ مَا بَعْدَهُ

" اسان ۽سموري ملڪ جهانن جي پالڻهار جي لاءِ صبح ڪيواي الله! آئون هن ڏينهن جي ڀلائي گھران ٿو،هن ڏينهن جي ڪاميابي ۽ مدد ، ان جي روشني ،برڪت ۽ هدايت گھران ٿو ۽ آئون توکان هن ڏينهن جي شر ۽ ان کان پوءِ ايندڙ شر کان تنهنجي پناھ گھران ٿو ـ“

12 شام ۾ هڪ ڀيرو

« أَمْسَيْنَا وأمسى الْمُلْكُ لِلَّهِ رَبِّ الْعَالَمِينَ اللَّهُمَّ إِنِّي أَسْأَلُكَ خَيْرَ هذه الليلة فتحها ونصرها ونورها وبركتها وهداها وَأَعُوذُ بِكَ مِنْ شَرِّ مَا فيها وشر مَا بَعْدَها

" اسان ۽ سموري ملڪ جهانن جي پالڻهار جي لاءِ شام ڪئي اي الله! آئون هن رات جي ڀلائي گھران ٿو ،هن رات جي ڪاميابي ۽ مدد ، ان جي روشني ،برڪت ۽ هدايت گھران ٿو ۽ آئون توکان هن رات جي شر۽ ان کان پوءِايندڙ شرکان تنهنجي پناھ گھران ٿو ـ“

أبوداؤد حديث نمبر 5048 هن روايت کي شيخ شعيب ۽ عبدالقادر الارناؤط حسن چيو آهي ڏسندا : تحقيق زاد المعاد 2 / 273

13 صبح ۾ هڪ ڀيرو :

أَصْبَحْنَا عَلَى فِطْرَةِ الْإِسْلَامِ وَعَلَى كَلِمَةِ الْإِخْلَاصِ وَعَلَى دِينِ نَبِيِّنَا مُحَمَّدٍ وَعَلَى مِلَّةِ أَبِينَا إِبْرَاهِيمَ حَنِيفًا مُسْلِمًا وَمَا كَانَ مِنْ الْمُشْرِكِينَ

" اسان صبح ڪيو دين اسلام جي فطرت مطابق ،اخلاص جي ڪلمي تي ۽پنهنجي نبي محمد ﷺ جن جي دين تي ۽ پنهنجي پيءُ ابراهيم عليه السلام جي ملت تي ، جيڪو توحيد ۾ هڪ طرفو، مسلمان هو ۽ مشرڪن مان نه هو ـ “

14 شام ۾ هڪ ڀيرو :

« أَمْسَيْنَا عَلَى فِطْرَةِ الْإِسْلَامِ وَعَلَى كَلِمَةِ الْإِخْلَاصِ وَعَلَى دِينِ نَبِيِّنَا مُحَمَّدٍ وَعَلَى مِلَّةِ أَبِينَا إِبْرَاهِيمَ حَنِيفًا مُسْلِمًا وَمَا كَانَ مِنْ الْمُشْرِكِينَ

" اسان شام ڪئي اسلام جي فطرت مطابق ، اخلاص جي ڪلمي تي ۽ پنهنجي نبي محمد ﷺ جن جي دين تي ۽ پنهنجي پيءُ ابراهيم عليه السلام جي ملت تي ، جيڪو توحيد ۾ هڪ طرفو، مسلمان هو ۽ مشرڪن مان نه هو ـ“

مسنداحمد : 3 / 406 ,407 ، عمل اليوم والليلة لابن السني : حديث نمبر 34 ، صحيح الجامع :4 / 209

15 صبح ۽ شام ۾ٽي ڀيرا پڙهي :

اللَّهُمَّ عَافِنِي فِي بَدَنِي اللَّهُمَّ عَافِنِي فِي سَمْعِي اللَّهُمَّ عَافِنِي فِي بَصَرِي لَا إِلَهَ إِلَّا أَنْتَ اللَّهُمَّ إِنِّي أَعُوذُ بِكَ مِنْ الْكُفْرِ وَالْفَقْرِ اللَّهُمَّ إِنِّي أَعُوذُ بِكَ مِنْ عَذَابِ الْقَبْرِ لَا إِلَهَ إِلَّا أَنْتَ

" اي الله مون کي جسم جي عافيت ڏي ،اي الله! منهنجي ڪنن کي عافيت بخش . اي الله ! منهنجي اکين کي عافيت ڏي ، توکان سواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي ، اي الله! آئون تنهنجي پناھ گھران ٿو ڪفرکان ، فقيري کان ، آئون تنهنجي پناھ گھران ٿوقبرجي عذاب کان ، توکان سواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي ـ“

أبو داؤد : حديث نمبر 5084, احمد: 5 / 42 , عمل اليوم والليلة للنسائي : حديث نمبر 22 ,ابن السني حديث نمبر 69 الادب المفرد للبخاري ، شيخ ابن باز هن جي سند کي حسن قرار ڏنو آهي :تحفة الاخيار ص 26

16 جيڪو شخص صبح ۽ شام ۾ ٽي ڀيرا هي دعا پڙهندو ان کي ڪابه شيءِ نقصان نه ڏيندي :

« بِسْمِ اللَّهِ الَّذِي لَا يَضُرُّ مَعَ اسْمِهِ شَيْءٌ فِي الْأَرْضِ وَلَا فِي السَّمَاءِ وَهُوَ السَّمِيعُ الْعَلِيمُ

" ان الله جي نالي سان جنهن جي نالي جي برڪت سان ڪابه شيءِ زمين ۾ نقصان نٿي ڏيئي سگھي ۽ نه وري ڪابه شيءِ آسمانن ۾ ۽ هو ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي ـ “

الترمذي :حديث نمبر 3388 صحيح ابن ماجہ : 2 / 332 شيخ ابن باز هن جي سند کي حسن قرار ڏنو آهي تحفة الاخيار: ص 39

17 شام ۾ ٽي ڀيرا پڙهي :

« أَعُوذُ بِكَلِمَاتِ اللَّهِ التَّامَّاتِ مِنْ شَرِّ مَا خَلَقَ »

" آئون الله جي سمورن ڪلمن جي پناھ گھران ٿو سندس مخلوق جي برائي کان ـ“

صحيح مسلم حديث نمبر2709

18 جيڪو شخص ٽي ڀيرا صبح ۽ شام هي دعا پڙهندو ته الله تعالى قيامت جي ڏينهن ان کي ضرور خوش ڪندو:

رَضِيتُ بِاللَّهِ رَبًّا وَبِالْإِسْلَامِ دِينًا وَبِمُحَمَّدٍ نَبِيًّا

" آئون الله تعالى جي رب هجڻ ۽ محمد ﷺ جن جي رسول هجڻ ۽اسلام جي دين هجڻ تي راضي آهيان ـ“

أحمد : 4 / 337 عمل اليوم والليلة حديث للنسائي حديث نمبر 4 عمل اليوم والليلة لابن السني : حديث نمبر 68 أبو داؤد : 4 / 318 الترمذي : 5 / 465 حديث نمبر 3389 شيخ ابن باز هن جي سند کي حسن قرار ڏنو آهي تحفة الخيار: ص 39 .

19صبح جي وقت ٽي ڀيرا پڙهي :

سُبْحَانَ اللَّهِ وَبِحَمْدِهِ عَدَدَ خَلْقِهِ وَرِضَا نَفْسِهِ وَزِنَةَ عَرْشِهِ وَمِدَادَ كَلِمَاتِهِ

" الله پاڪ آهي پنهنجي واکاڻ سان ، پنهنجي مخلوق جي تعداد برابر، سندس ذات جي رضامندي برابر ،عرش جي وزن برابر ۽ سندس ڪلمن جي مس برابر ـ“

مسلم : حديث نمبر 2726

20 سيد الاستغفار :

رسول الله ﷺ جن فرمايو ته جنهن شخص يقين جي حالت ۾ هي دعا پڙهي ۽ ان رات فوت ٿي ويو ته اهو شخص جنت ۾ داخل ٿيندو، اهڙي طرح جنهن شخص يقين جي حالت ۾ هي دعا پڙهي ۽ انهي ڏينهن شام تائين فوت ٿي ويو ته جنت ۾ داخل ٿيندو ـ

صبح ۽ شام :

اللَّهُمَّ أَنْتَ رَبِّي لَا إِلَهَ إِلَّا أَنْتَ خَلَقْتَنِي وَأَنَا عَبْدُكَ وَأَنَا عَلَى عَهْدِكَ وَوَعْدِكَ مَا اسْتَطَعْتُ أَعُوذُ بِكَ مِنْ شَرِّ مَا صَنَعْتُ أَبُوءُ لَكَ بِنِعْمَتِكَ عَلَيَّ وَأَبُوءُ لَكَ بِذَنْبِي فَاغْفِرْ لِي فَإِنَّهُ لَا يَغْفِرُ الذُّنُوبَ إِلَّا أَنْتَ

" اي الله! تون ئي منهنجو پالڻهار آهين ، توکان سواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي ،توئي مون کي پيدا ڪيو ۽ آئون تنهنجو ٻانهو آهيان ۽ آئون تو سان ڪيل وعدي ۽ اقرار تي پنهنجي طاقت آهر قائم آهيان ـ آئون تنهنجي پناھ گھران ٿو پنهنجي ڪيل هر ڪم جي برائي کان ۽ مون تي ڪيل تنهنجي هرنعمت جو اقرار ڪريان ٿو ۽ پنهنجي سمورن گناهن جو اقرار ڪريان ٿو ، مون کي بخش فرماءِ توکان سواءِ ڪوبه گناھ بخشيندڙ نه آهي ـ“

البخاري حديث نمبر 6306

21 جيڪو شخص صبح ۽ شام ۾ چار ڀيرا هيٺين دعا پڙهندو ته الله ان کي باھ کان ڇوٽڪارو عطا ڪندو ـ

صبح جو چار ڀيرا پڙهي :

اللَّهُمَّ إِنِّي أَصْبَحْتُ أُشْهِدُكَ وَأُشْهِدُ حَمَلَةَ عَرْشِكَ وَمَلَائِكَتَكَ وَجَمِيعَ خَلْقِكَ أَنَّكَ أَنْتَ اللَّهُ لَا إِلَهَ إِلَّا أَنْتَ وَحْدَكَ لَا شَرِيكَ لَكَ وَأَنَّ مُحَمَّدًا عَبْدُكَ وَرَسُولُكَ

" اي الله ! مون توکي ۽ عرش کڻندڙن (ملائڪن )۽ ٻين ملائڪن ۽ تنهنجي سموري مخلوق کي هن ڳالھ تي گواھ بڻائيندي صبح ڪيو ته توکان سواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي ـ تون اڪيلو آهين ، تنهنجو ڪوبه شريڪ نه آهي ۽ محمد ﷺ جن تنهنجا ٻانها ۽ رسول آهن ـ “

22 شام ۾ چار ڀيرا پڙهي :

اللَّهُمَّ إِنِّي أمسيت أُشْهِدُكَ وَأُشْهِدُ حَمَلَةَ عَرْشِكَ وَمَلَائِكَتَكَ وَجَمِيعَ خَلْقِكَ أَنَّكَ أَنْتَ اللَّهُ لَا إِلَهَ إِلَّا أَنْتَ وَحْدَكَ لَا شَرِيكَ لَكَ وَأَنَّ مُحَمَّدًا عَبْدُكَ وَرَسُولُكَ

" اي الله!مون توکي ۽ عرش کڻندڙن (ملائڪن )۽ ٻين ملائڪن ۽ تنهنجي سموري مخلوق کي هن ڳالھ تي گواھ بڻائيندي شام ڪئي ته تو سواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي ، تون اڪيلو آهين ، تنهنجو ڪوبه شريڪ نه آهي ۽ محمد ﷺ جن تنهنجا ٻانها ۽ رسول آهن ـ“

أبو داؤد: حديث نمبر: 5078،5069 ، الادب المفرد: حديث نمبر 23

23 صبح ۽ شام پڙهي :

اللَّهُمَّ إِنِّي أَسْأَلُكَ الْعَافِيَةَ فِي الدُّنْيَا وَالْآخِرَةِ اللَّهُمَّ إِنِّي أَسْأَلُكَ الْعَفْوَ وَالْعَافِيَةَ فِي دِينِي وَدُنْيَايَ وَأَهْلِي وَمَالِي اللَّهُمَّ اسْتُرْ عَوْرَتِي وَقَالَ عُثْمَانُ عَوْرَاتِي وَآمِنْ رَوْعَاتِي اللَّهُمَّ احْفَظْنِي مِنْ بَيْنِ يَدَيَّ وَمِنْ خَلْفِي وَعَنْ يَمِينِي وَعَنْ شِمَالِي وَمِنْ فَوْقِي وَأَعُوذُ بِعَظَمَتِكَ أَنْ أُغْتَالَ مِنْ تَحْتِي

" اي الله! آئون توکان دنيا ۽ آخرت ۾ بخشش ۽ عافيت گھران ٿو، اي الله! آئون توکان پنهنجي دين ۽دنيا ،خاندان ۽ مال جي باري ۾ بخشش ۽ عافيت گھران ٿوـ اي الله!منهنجي عيبن تي ڍڪ رک ۽ پريشانين ۾ امن عطا ڪر، اي الله ! منهنجي اڳيان ۽ پٺيان ،ساڄي ۽ کاٻي۽ مٿان (هر طرف کان) حفاظت ڪر، ۽ آئون تنهنجي عظمت جي پناھ گھران ٿو، هن ڳالھ کان جو مون کي هيٺيان کان اوچتو ماريو وڃي ـ“

ابو داؤد: حديث نمبر 5074 ابن ماجہ : حديث نمبر 3871 صحيح ابن ماجہ :2 / 332 .

24 صبح ۽ شام ۾ پڙهي

« اللهم عالم الغيب والشهادة فاطر السماوات والأرض , رب كل شيء ومليكه , أشهد أن لا إله إلا أنت , أعوذ بك من شر نفسي , ومن شر الشيطان وشركه , وأن أقترف على نفسي سوءا , أو أجره إلى مسلم » اللَّهُمَّ فَاطِرَ السَّمَوَاتِ وَالْأَرْضِ عَالِمَ الْغَيْبِ وَالشَّهَادَةِ لَا إِلَهَ إِلَّا أَنْتَ رَبَّ كُلِّ شَيْءٍ وَمَلِيكَهُ أَعُوذُ بِكَ مِنْ شَرِّ نَفْسِي وَمِنْ شَرِّ الشَّيْطَانِ وَشِرْكِهِ وَأَنْ أَقْتَرِفَ عَلَى نَفْسِي سُوءًا أَوْ أَجُرَّهُ إِلَى مُسْلِمٍ

" اي الله! ڳجھ ۽ظاهر جا ڄاڻندڙ !زمين ۽ آسمان جا خلقيندڙ!هرشيءِ جا پالڻهار ۽ بادشاھ ! آئون گواهي ڏيان ٿو ته توکان سواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي ، آئون تنهنجي پناھ گھران ٿو شيطان جي برائي کان ،ان جي شرڪ کان ۽ تنهنجي پناھ گھران ٿو هن ڳالھ کان ته آئون پنهنجي جان کي ڪنهن برائي ۾ مبتلا ڪريان يا ڪنهن مسلمان سان برائي ڪريان ـ“

الترمذي: حديث نمبر 3529،3392 ، أبو داؤد : حديث نمبر 5083 ، صحيح الترمذي :3 / 142 .

25 جيڪو شخص هن دعا کي صبح جي وقت ۾ پڙهندو ته ان جي لاءِ ڏھه نيڪيون لکيون وينديون ، ڏھه گناھ بخشيا ويندا،ڏھه درجا بلند ڪيا ويندا ۽کيس اسماعيل عليه السلام جي اولاد مان ڏھه غلام آزاد ڪرڻ جيترو ثواب ملندو ۽ الله تعالى هيءَ دعا پڙهڻ واري کي شيطان کان محفوظ رکندو ـ جيڪو شخص شام ۾ پڙهندو ته ان کي به ايترو ئي ثواب ملندو صبح ۽شام ۾ ڏھه ڀيرا پڙهي پر جيڪڏهن سستي ۾ ورتل هجي ته هڪ ڀيرو پڙهي ـ

لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ وَحْدَهُ لَا شَرِيكَ لَهُ لَهُ الْمُلْكُ وَلَهُ الْحَمْدُ وَهُوَ عَلَى كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ

الله کانسواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي هو اڪيلو آهي جنهن جو ڪوبه شريڪ نه آهي ،انهيءَ جي لاءِ ئي بادشاهي آهي ۽ انهي جي لاءِ ِئي واکاڻ آهي ۽ هو هرشيءَ تي قدرت رکندڙ آهي ـ

ابوداود :حديث نمبر 5077

26 سؤڀيرا پڙهي سبحان الله وبحمده

" الله پاڪ آهي پنهنجي سموري واکاڻ سان ـ“

جيڪو شخص صبح ۽ شام ۾ سؤ ڀيرا پڙهندو ته قيامت واري ڏينهن ان کان وڌيڪ ڪوبه ڀلو عمل آڻيندڙ نه هوندو، ها البته جيڪڏهن ڪنهن ان کان وڌيڪ ڀيرا پڙهيو ته اهو انهيءَ کان بهتر ٿي سگھي ٿو ـ

مسلم: حديث نمبر 2692

27 ڏينهن ۾ سئو ڀيرا پڙهي : استغفرا لله واتوب اليه

" آئون الله کان ئي بخشش گھران ٿو۽ ان وٽ توبه تائب ٿيان ٿوـ“

بخاري :حديث نمبر 6307

28 رسول الله ﷺ جن فرمايو ته جيڪو به شخص صبح ۽ شام ڏھ ڀيرا مون تي درود موڪليندو ته اهو قيامت واري ڏينهن منهنجي شفاعت حاصل ڪندو ـ

صبح ۽ شام ۾ڪوبه مسنون درود ڏھ ڀيرا پڙهي:

« اللهم صل وسلم على نبينا محمد »

" الله !رحمت نازل فرماءِ محمد ﷺ ۽ سندن آل تي ـ“

الطبراني : ۾ ٻه سندون بيان ٿيل آهن انهن مان هڪ جي سند جيد آهي ڏسندا : مجمع الزوائد 10 / 120 ، صحيح الترغيب والترهيب 1 / 273

مصيبتن ،مشڪلاتن ۽ قرض کان ڇوٽڪاري جون دعائون

الله تعالى جي اسم اعظم واريون آيتون ۽ دعائون

1 وَإِلَهُكُمْ إِلَهٌ وَاحِدٌ لَا إِلَهَ إِلَّا هُوَ الرَّحْمَنُ الرَّحِيمُ البقره : 163

" توهان جو معبود اڪيلوآهي ،جنهن کانسواءِ ڪوبه معبود نه آهي ، هو نهايت ٻاجھارو ۽ گھڻو مهربان آهي ـ“

2 الم اللَّهُ لَا إِلَهَ إِلَّا هُوَ الْحَيُّ الْقَيُّومُ آل عمران : 1،2

" آلم الله جنهن کانسواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي ، هو هميشہ زندھ ، (سموري ڪائنات کي ) قائم رکندڙ آهي ـ “

3 اللَّهُ لَا إِلَهَ إِلَّا هُوَ الْحَيُّ الْقَيُّوم

"الله جنهن کانسواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي ، هو هميشہ زندھ ، (سموري ڪائنات کي ) قائم رکندڙ آهي ـ “

4 وعنت الوجوه للحي القيوم طہ : 111

" ۽ سمورا چهرا جھڪي پوندا ان الله جي اڳيان جيڪو هو هميشہ زندھ ، (سموري ڪائنات کي ) قائم رکندڙ آهي ـ “

5 لَا إِلَهَ إِلَّا أَنْتَ سُبْحَانَكَ إِنِّي كُنْتُ مِنَ الظَّالِمِينَ الانبياءُ : 87

" توکان سواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي ، تون پاڪ آهين ـ يقينًا آئون ظلم ڪندڙن مان ٿيس ـ“

6 اللَّهُمَّ إِنِّي أَسْأَلُكَ يَا أَللَّهُ بِأَنَّكَ الْوَاحِدُ الْأَحَدُ الصَّمَدُ الَّذِي لَمْ يَلِدْ وَلَمْ يُولَدْ وَلَمْ يَكُنْ لَهُ كُفُوًا أَحَدٌ أَنْ تَغْفِرَ لِي ذُنُوبِي إِنَّكَ أَنْتَ الْغَفُورُ الرَّحِيمُ

" اي الله! آئون توکان ئي گھران ٿو ، اي الله! ڇاڪاڻ جو تون اڪيلو ،اهڙو بي نيازآهين جنهن کي نه ڪنهن ڄڻيو آهي نه وري ان ڪنھن کي ڄڻيو آهي ـ آئون توکان سوال ڪريان ته تون منهنجي گناهن کي معاف فرماءِ ، بيشڪ تون گھڻو بخشڻهار ۽ معاف ڪندڙ آهين ـ“

النسائي : حديث نمبر1302 ،مسنداحمد: 4 / 338)

7 » اللَّهُمَّ إِنِّي أَسْأَلُكَ بِأَنَّ لَكَ الْحَمْدَ لَا إِلَهَ إِلَّا أَنْتَ وَحْدَكَ لَا شَرِيكَ لَكَ الْمَنَّانُ بَدِيعُ السَّمَوَاتِ وَالْأَرْضِ ذُو الْجَلَالِ وَالْإِكْرَامِ, يا حي يا قيوم ( اللَّهُمَّ إني أسألك الجنة وأعوذ بك من النار )

اي الله! آئون توکان ئي سوال ڪريان ٿو ، ڇاڪاڻ جو تنهنجي لاءِ ئي سموريون ساراهون آهن ، توکان سواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي ، تون اڪيلو آهين ، تنهنجو ڪوبه شريڪ نه آهي ـ اي آسمانن ۽ زمينن کي بي مثل پيدا ڪندڙ! اي عزت ۽ بزرگي جا ڌڻي!اي هميشه زندھ رهندڙ ۽ اي قائم ۽ دائم ! (اي لله ! آئون توکان جنت جو سوال ڪريان ٿو۽ تنهنجي پناھ گھران ٿو دوزخ جي باھ کان ـ“

ابن ماجہ : حديث نمبر :3858 ، صحيح ابن ماجہ :2 / 329 .

8 اللَّهُمَّ إِنِّي أَسْأَلُكَ بِأَنِّي أَشْهَدُ أَنَّكَ أَنْتَ اللَّهُ لَا إِلَهَ إِلَّا أَنْتَ الْأَحَدُ الصَّمَدُ الَّذِي لَمْ يَلِدْ وَلَمْ يُولَدْ وَلَمْ يَكُنْ لَهُ كُفُوًا أَحَدٌ

اي الله! آئون توکان ئي گھران ٿو ، ڇوته آئون گواهي ڏيان ٿو ته تون ئي اڪيلو اهڙو بي نياز آهين جنهن جو نه ڪو اولاد آهي ۽ نه وري اهو ڪنهن جو اولاد آھي ، نه ئي سندس ڪو برابر ۽ ثاني آهي ـ

الترمذي : حديث نمبر 3475 ، ابن ماجہ: 2 / 1267، أحمد : 5 / 360 ، صحيح ابن ماجہ: 2 / 329 ، صحيح الترمذي : 3 / 163

فڪر مندي ۽ غم کان ڇوٽڪاري جي دعا

1 اللَّهُمَّ إِنِّي عَبْدُكَ وَابْنُ عَبْدِكَ وَابْنُ أَمَتِكَ نَاصِيَتِي بِيَدِكَ مَاضٍ فِيَّ حُكْمُكَ عَدْلٌ فِيَّ قَضَاؤُكَ أَسْأَلُكَ بِكُلِّ اسْمٍ هُوَ لَكَ سَمَّيْتَ بِهِ نَفْسَكَ أَوْ أَنْزَلْتَهُ فِي كِتَابِكَ أَوْ عَلَّمْتَهُ أَحَدًا مِنْ خَلْقِكَ أَوْ اسْتَأْثَرْتَ بِهِ فِي عِلْمِ الْغَيْبِ عِنْدَكَ أَنْ تَجْعَلَ الْقُرْآنَ رَبِيعَ قَلْبِي وَنُورَ صَدْرِي وَجِلَاءَ حُزْنِي وَذَهَابَ هَمِّي

" اي الله! آئون تنهنجو ٻانهو آهيان ،تنهنجي ٻانهيءَ جو پٽ آهيان ، منهنجي پيشاني تنهنجي ئي هٿ ۾ آهي ، منهنجي باري ۾ تنهنجو ئي حڪم هلندڙ آهي ، منهنجي باري ۾ تنهجو هر فيصلو انصاف وارو آهي ـ تنهنجي هر انهيءَ نالي مبارڪ جي وسيلي سان توکان گھران ٿوجيڪو تنهنجي لا ءِ ئي خاص آهي ۽ هر ان نالي جي (وسيلي سان توکان گھران ٿو) جيڪو تو پاڻ پنهنجي لاءِ پسند فرمايو يا هر ان نالي جي (وسيلي سان توکان گھران ٿوجنهن کي تو پنهنجي ڪتاب ۾ نازل فرمايو يا هر ان نالي جي (وسيلي سان توکان گھران ٿوجنهن بابت تو پنهنجي مخلوق مان ڪنهن کي آگاھ فرمايو يا تنهنجي طرفان پنهنجي علم غيب ۾ رکيل هر ان نالي جي وسيلي سان سوال ڪريان ٿو ته قرآن کي منهنجي دل جي بهار بناءِ ۽ منهنجي سيني جو نور بناءِ ۽ منهنجي غمن جو علاج بناءِ ۽ منهنجي ڳڻتين جي خاتمي جوذريعو بناءِ ـ “

أحمد 1 / 391 علامہ الباني هن روايت کي صحيح چيو آهي ـ

2 رسول الله ﷺ جن اڪثر هي دعا گھرندا هئا :

اللَّهُمَّ إِنِّي أَعُوذُ بِكَ مِنْ الْهَمِّ وَالْحَزَنِ وَالْعَجْزِ وَالْكَسَلِ وَالْبُخْلِ وَالْجُبْنِ وَضَلَعِ الدَّيْنِ وَغَلَبَةِ الرِّجَالِ

" اي الله! آئون تنهنجي پناھ گھران ٿو فڪر ۽ ڳڻتي کان ،عاجزي ۽ سستي کان ،ڪنجوسي ۽ بزدلي کان ۽ قرض جي تنگي کان ۽ ماڻهن جي غلبي کان ـ“

البخاري : حديث نمبر 6369

مشڪلات جي خاتمي جي لاءِ دعائون

اللهم لا سهل الا ما جعلته سهلا وانت تجعل الحزن اذا شئت سهلا

" اي الله! ڪوبه ڪم آسان نه آهي پر اهو ڪم جنهن کي تون آسان بنائين ۽ تون ئي مشڪل ڪم کي جڏهن چاهين آسان بنائيندو آهين ـ“

موارد الظمآن : ص 72 جلد 8 ـ

بي قراري ۽ پريشانيءَ وقت دعائون

1 لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ الْعَظِيمُ الْحَلِيمُ لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ رَبُّ الْعَرْشِ الْعَظِيمِ لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ رَبُّ السَّمَوَاتِ وَرَبُّ الْأَرْضِ وَرَبُّ الْعَرْشِ الْكَرِيمِ

" الله عظمت واري ۽ بردبار کانسواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي ، الله عرش عظيم جي ڌڻي کانسواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي ـ الله آسمانن ۽ زمين جي پالڻهار۽ عزت ڀرئي عرش جي پالڻهار کان سواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي ـ“

البخاري : حديث نمبر 6346 ـ

2 اللَّهُمَّ رَحْمَتَكَ أَرْجُو فَلَا تَكِلْنِي إِلَى نَفْسِي طَرْفَةَ عَيْنٍ وَأَصْلِحْ لِي شَأْنِي كُلَّهُ لَا إِلَهَ إِلَّا أَنْتَ أبو داؤد :حديث نمبر 5090 ، أحمد : 5 / 42

علامہ الباني هن روايت کي صحيح چيو آهي : صحيح أبو داود : 3 /59 ـ

" اي الله! آئون تنهنجي رحمت ۾ اميد رکان ٿو ،پوءِ مون کي اک ڇنڀ جيترو به منهنجي نفس جي حوالي نه ڪر ۽ منهنجي سموري معاملي کي سڌار ، توکان سواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي ـ“

3 أَللَّهُ أَللَّهُ رَبِّي لَا أُشْرِكُ بِهِ شَيْئًا

" الله منهنجو پالڻهار آهي جنهن سان آئون ڪنهن شيءِ کي به شريڪ نٿو ڪريان ـ“

أبو داؤد :حديث نمبر 1525 ، صحيح ابن ماجہ : 2 / 335 .

قرض کان ڇوٽڪاري جي لاءِ دعائون

1 اللَّهُمَّ اكْفِنِي بِحَلَالِكَ عَنْ حَرَامِكَ وَأَغْنِنِي بِفَضْلِكَ عَمَّنْ سِوَاكَ.

" اي الله! پنهنجي حرام ڪيل شين کان بچائيندي مون لاءِ ڪافي ٿيءُ پنهنجي حلال شين تي ۽ پنهنجي خاص مهرباني سان مون کي تو سواءِ هر شيءِ کان بي نيازڪر ـ“

الترمذي : حديث نمبر 3563 ، صحيح الترمذي : 3 / 180 .

هيءَ قرض جي ادائيگي لاءِ مسنون دعا آهي پر قرضدار هي دعائون به پڙهي سگھي ٿو :

2 اللَّهُمَّ إِنِّي أَعُوذُ بِكَ مِنْ الْهَمِّ وَالْحَزَنِ وَالْعَجْزِ وَالْكَسَلِ وَالْبُخْلِ وَالْجُبْنِ وَضَلَعِ الدَّيْنِ وَغَلَبَةِ الرِّجَالِ

" اي الله !آئون تنهنجي پناھ گھران ٿو فڪر ۽ ڳڻتي کان ،عاجزي ۽ سستي کان ، بزدلي ۽ ڪنجوسيءَ کان ۽ قرض جي تنگيءَ کان ۽ ماڻهن جي غلبي کان ـ“ البخاري : حديث نمبر 6369 .

3 اللَّهُمَّ إِنِّي أَعُوذُ بِكَ مِنْ عَذَابِ الْقَبْرِ وَأَعُوذُ بِكَ مِنْ فِتْنَةِ الْمَسِيحِ الدَّجَّالِ وَأَعُوذُ بِكَ مِنْ فِتْنَةِ الْمَحْيَا وَفِتْنَةِ الْمَمَاتِ اللَّهُمَّ إِنِّي أَعُوذُ بِكَ مِنْ الْمَأْثَمِ وَالْمَغْرَمِ

" اي الله! آئون تنهنجي پناھ گھران ٿو قبر جي عذاب کان ۽ تنهنجي پناھ گھران ٿو مسيح دجال جي فتني کان ۽ تنهنجي پناھ گھران ٿو زندگي ۽ موت جي فتني کان ۽ تنهنجي پناھ گھران ٿو گناھ ۽ قرض جي فتني کان ـ“ مسلم: حديث نمبر 589

4 اللَّهُمَّ رَبَّ السَّمَاوَاتِ وَرَبَّ الْأَرْضِ وَرَبَّ الْعَرْشِ الْعَظِيمِ رَبَّنَا وَرَبَّ كُلِّ شَيْءٍ فَالِقَ الْحَبِّ وَالنَّوَى وَمُنْزِلَ التَّوْرَاةِ وَالْإِنْجِيلِ وَالْفُرْقَانِ أَعُوذُ بِكَ مِنْ شَرِّ كُلِّ شَيْءٍ أَنْتَ آخِذٌ بِنَاصِيَتِهِ اللَّهُمَّ أَنْتَ الْأَوَّلُ فَلَيْسَ قَبْلَكَ شَيْءٌ وَأَنْتَ الْآخِرُ فَلَيْسَ بَعْدَكَ شَيْءٌ وَأَنْتَ الظَّاهِرُ فَلَيْسَ فَوْقَكَ شَيْءٌ وَأَنْتَ الْبَاطِنُ فَلَيْسَ دُونَكَ شَيْءٌ اقْضِ عَنَّا الدَّيْنَ وَأَغْنِنَا مِنْ الْفَقْرِ

" اي الله! ستن آسمانن جا پالڻهار!زمينن جا پالڻهار!عظيم عرش جا ڌڻي!اي پالڻهاراسانجا! اي داڻي ۽ککڙي کي چيرڻ وارا! اي تورات ،انجيل ۽ قرآن جا نازل فرمائيندڙ! آئون هران شيءِ جي برائي کان تنهنجي پناھ گھران ٿوجنهن جي پيشاني کي تون پڪڙيندڙ آهين ـ اي الله! تون ئي اول آهين ، توکان پهريائين ڪابه شيءِ نه آهي ، تون ئي آخر آهين توکان پوءِ ڪابه شيءِ نه آهي تون ئي ظاهر آهين توکان مٿي ڪابه شيءِ نه آهي ـ تون ڳجھو آهين توکان ڪابه شيءِ لڪيل نه آهي ـ اسان جي طرفان قرض کي ادا فرماءِ ۽ اسان کي شاهوڪار ڪري فقيري کان بچاءِ ـ“ مسلم حديث نمبر 2713

قرض واپس ڪرڻ وقت دعا

«

بَارَكَ اللَّهُ لَكَ فِي أَهْلِكَ وَمَالِكَ إِنَّمَا جَزَاءُ السَّلَفِ الْوَفَاءُ وَالأَد َاءُ

" الله تعالى توکي تنهنجي اهل ۽ مال ۾ برڪت عطا ڪري ، يقينًا ادائيگي ۽ شڪر گذاري ئي قرض جو بدلو آهي ـ“

عمل اليوم والليلة للنسائي : ص 300 وابن ماجہ : حديث نمبر2424 ،صحيح ابن ماجہ :2 / 55

مصيبت وقت بهتر بدلو گھرڻ جي دعا

{ إِنَّا لِلَّهِ وَإِنَّا إِلَيْهِ رَاجِعُونَ } اللَّهُمَّ أْجُرْنِي فِي مُصِيبَتِي وَأَخْلِفْ لِي خَيْرًا مِنْهَا إِلَّا أَخْلَفَ اللَّهُ لَهُ خَيْرًا مِنْهَا

"بيشڪ اسين الله جا ئي (ٻانها ) آهيون ۽ اسان کي ان (الله) جي طرف ئي موٽڻوآهي ـ اي الله ! مون کي منهنجي مصيبت ۾ ثواب سان نواز ۽ اسان کي ان جي بدلي ۾ ان کان بهتر شيءِ عطا ڪر ـ“

مسلم حديث نمبر 918 ـ

ڳهٻراهٽ وقت ڇا چوي ؟

لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ

" الله کان سواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي ـ“

صحيح البخاري : حديث نمبر 3346

ڪاوڙ اچڻ وقت دعا

أَعُوذُ بِاللَّهِ مِنْ الشَّيْطَانِ الرَّجِيمِ

" الله جي پناھ گھران ٿو شيطان تڙيل کان ـ“

البخاري : حديث نمبر 6115 ـ

سرڪش شيطان جي مڪر فريب کان بچڻ جي دعا

أَعُوذُ بِكَلِمَاتِ اللَّهِ التَّامَّاتِ الَّتِي لَا يُجَاوِزُهُنَّ بَرٌّ وَلَا فَاجِرٌ مِنْ شَرِّ مَا خَلَقَ وَذَرَأَ وَبَرَأَ وَمِنْ شَرِّ مَا يَنْزِلُ مِنْ السَّمَاءِ وَمِنْ شَرِّ مَا يَعْرُجُ فِيهَا وَمِنْ شَرِّ مَا ذَرَأَ فِي الْأَرْضِ وَمِنْ شَرِّ مَا يَخْرُجُ مِنْهَا وَمِنْ شَرِّ فِتَنِ اللَّيْلِ وَالنَّهَارِ وَمِنْ شَرِّ كُلِّ طَارِقٍ إِلَّا طَارِقًا يَطْرُقُ بِخَيْرٍ يَا رَحْمَنُ

" الله جي انهن ڪلمن جي پناھ گھران ٿو جن کان ڪوبه نيڪ يا بدڪاراڳتي نٿو وڃي سگھي ، ان شيءَ جي برائي کان پناھ گھران ٿو جنهن کي هن پيدا ڪيو ۽ ڦهلائي ڇڏيو ، هران شيءِ جي برائي کان پناھ گھران ٿوجيڪا آسمان مان نازل ٿئي ۽ هران شيءِ جي برائي کان پناھ گھران ٿوجيڪا آسمان ڏانهن چڙهي ان شيءِ جي برائي کان جيڪازمين ۾ پکيڙيائين ، هران شيءِجي برائي کان جيڪاان مان نڪري ۽ رات ۽ ڏينهن جي فتنن کان هر رات ۾ اچڻ واري فتني کان سواءِ اهڙي اچڻ واري جي جيڪو رات ۾ ڀلائي سان اچي ،اي نهايت رحم ڪرڻ وارا ! “

أحمد 3 / 419 سند صحيح آهي ، ابن السني حديث نمبر 637 شيخ شعيب الارناؤط هن جي سند کي صحيح چيوآهي تخريجہ للطحاوية ص 133

تدبير جي ناڪام ٿيڻ وقت دعا

رسول الله ﷺ جن فرمايو ته الله تعالى وٽ طاقتور مؤمن ، ڪمزور مؤمن کان وڌيڪ بهتر آهي ، جڏهن ته ٻنهي ۾ ڀلائي موجود آهي ـ جيڪا شيءَ توهان کي فائدو پهچائي ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪريو ـ الله کان مدد گھرو ۽ بي وس نه بنجو جيڪڏهن اوهان کي نقصان پهچي ته ائين نه چئو ته ڪاش جيڪڏهن هن طرح ڪريان ها ته هن طرح نه ٿئي ها پر هن طرح چئو :

قَدَرُ اللَّهِ وَمَا شَاءَ فَعَلَ

" الله تعالى جيڪو چاهيو اهو مقدر ڪيائين ـ“ مسلم حديث نمبر 2664

جيڪڏهن ڪو ناپسند معاملو سامهون اچي ته چوي ؟

الْحَمْدُ لِلَّهِ عَلَى كُلِّ حَالٍ

هر حال ۾ الله جي لاءِ تعريف آهي ـ سنن ابن ماجہ : حديث نمبر 3803

جسم ۾ تڪليف محسوس ٿئي ته ڇا ڪري ؟

رسول الله ﷺ جن جو فرمان آهي ته :

جسم جي ڪنهن به حصي ۾ تڪليف هجي ته ان حصي تي پنهنجو هٿ رکي ٽي ڀيرا چئو :بسم الله " الله جي نالي سان ـ“

پوءِ ست ڀيرا چئو أَعُوذُ بِاللَّهِ وَقُدْرَتِهِ مِنْ شَرِّ مَا أَجِدُ وَأُحَاذِرُ

" الله تعالى ۽ ان جي قدرت جي پناھ گھران ٿو ان شيءِ جي تڪليف کان آئون محسوس ڪريان ٿو ۽ جنهن کان ڊڄان ٿوـ“ مسلم: حديث نمبر 2202

مصيبت ۾ مبتلا انسان کي ڏسڻ وقت دعا

« الْحَمْدُ لِلَّهِ الَّذِي عَافَانِي مِمَّا ابْتَلَاكَ بِهِ وَفَضَّلَنِي عَلَى كَثِيرٍ مِمَّنْ خَلَقَ تَفْضِيلًا »

" هر قسم جي تعريف الله جي لاءِ جنهن مون کي ان شيءِ کان محفوظ رکيوجنهن ۾ توکي مبتلا ڪيائين ۽ مون کي پنهنجي مخلوق مان گھڻن تي فضيلت عطا ڪئي اٿس ـ“ جامع الترمذي : حديث نمبر 3431

دشمن ۽ حڪمران سان ملاقات وقت دعا

1 اللَّهُمَّ إِنَّا نَجْعَلُكَ فِي نُحُورِهِمْ وَنَعُوذُ بِكَ مِنْ شُرُورِهِمْ

" اي الله ! اسين توکي( پنهنجو مددگار ) بنايون ٿا انهن جي مقابلي ۾ ۽ انهن جي برائي کان تنهنجي پناھ گھران ٿو ـ“

سنن ابوداود: حديث نمبر 1537

2 اللَّهُمَّ أَنْتَ عَضُدِي وَنَصِيرِي بِكَ أَحُولُ وَبِكَ أَصُولُ وَبِكَ أُقَاتِلُ

" اي الله! تون منهنجو سهارو ۽ مددگار آهين ، تنهنجي ئي مدد سان هلان ڦران ،حملو ۽ لڙائي ڪريان ٿوـ“

سنن ابوداؤد :حديث نمبر2632 ، صحيح الترمذي: 3 / 153 .

3 { حَسْبُنَا اللَّهُ وَنِعْمَ الْوَكِيلُ }

"اسان جي لاءِ الله ڪافي آهي جيڪو بهترين ڪارسازآهي ـ“

صحيح البخاري : حديث نمبر 4563

حڪمران جي ظلم جي خوف جون دعائون

1 « اللهم رب السماوات السبع , ورب العرش العظيم , كن لي جارا من فلان بن فلان , وأحزابه من خلائقك , أن يفرط على أحد منهم أو يطغى , عز جارك , وجل ثناؤك , ولا إله إلا أنت » .

الادب المفرد : حديث نمبر 707 علامہ الباني هن روايت کي صحيح چيوآهي صحيح الادب المفرد : حديث نمبر 556 ـ

" اي ستن آسمانن جا پالڻهار! ۽ عظيم عرش جا پالڻهار! منهنجي لاءِ فلاڻي پٽ فلاڻي جي مقابلي ۾ پناھ ڏيندڙ بنجي وڃ ۽ پنهنجي مخلوق مان سندس ٽولن جي مقابلي ۾ پناھ ڏيندڙ بنجي وڃ ، هن ڳالھ کان جو انهن مان ڪوبه مون تي ڏاڍائي ڪري يا مون تي زيادتي ڪري ، تنهنجي پناھ مضبوط آهي ،عظمت ڀري تنهنجي واکاڻ آهي ،۽ توکان سواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي ـ“

2 ٽي ڀيرا پڙهي

« الله أكبر , الله أعز من خلقه جمعيا , الله مما أخاف وأحذر, أعوذ بالله الذي لا إله إلا هو , الممسك السماوات السبع أن يقعن على الأرض إلا بإذنه , من شر عبدك فلان , وجنوده وأتباعه وأ شياعه , من الجن والأنس , اللهم كن لي جارا من شرهم , جل ثناؤك وعز جارك , وتبارك اسمك , ولا إله غيرك "

" الله سڀ کان وڏو آهي ،الله پنهنجي سموري مخلوق کان غلبي واروآهي ـ جن کان ڊڄان ٿو الله انهن کان گھڻي غلبي وارو آهي ـ آئون ان الله جي پناھ گھران ٿو جنهن کان سواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي ، جيڪو ستن آسمانن کي زمين تي ڪرڻ کان روڪيندڙ آهي ـ پر سمورا آسمان (سندس اجازت سان ڪري سگھن ٿا ) آئون تنهنجي پناھ گھران ٿو، تنهنجي فلاڻي ٻانهي جي برائي کان ان جي لشڪرن جي شر کان ۽ ان جي پيروڪارن جي شر کان ۽ ان جي ساٿين جي شر کان جنن مان هجن يا انسانن مان ـ اي الله! انهن جي برائي جي مقابلي ۾ منهنجي لاءِ پناھ گاھ بنجي وڃ ، تنهنجي واکاڻ عظمت ڀري آهي،تنهنجي پناھ مضبوط آهي ،تنهنجو نالو برڪت ڀريو آهي ، توکان سواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي ـ“

الادب المفرد للبخاري حد يث نمبر 708 علامہ الباني هن روايت کي صحيح چيوآهي : حد يث نمبر صحيح الادب المفرد 546

دشمن جي لا ءِ بد دعا

اللَّهُمَّ مُنْزِلَ الْكِتَابِ سَرِيعَ الْحِسَابِ اهْزِمْ الْأَحْزَابَ اللَّهُمَّ اهْزِمْهُمْ وَزَلْزِلْهُمْ

س" اي الله! قرآن نازل ڪندڙ ، جلد حساب وٺندڙ ! سمورن ٽولن کي شڪست ڏي ، اي الله!انهن کي شڪست ڏي ۽انهن کي ڌوڏي ڇڏ ـ“

مسلم: حد يث نمبر 1742

ماڻهن جي شر کان ڊڄي ته هيءَ دعا پڙهي

« اللَّهُمَّ اكْفِنِيهِمْ بِمَا شِئْتَ »

اي الله! تون منهنجي لاءِ انهن کان ڪافي ٿي وڃ ، پنهنجي خاص (مدد) جي ارادي سان ـ“

مسلم: حد يث نمبر 3005

جنهن کي ايمان ۾ شڪ کي ته اهو ڇاڪري ؟

1 لله جي پناھ گھري

2 شڪ واري ڪم کان رڪجي وڃي ـ

بخاري :حد يث نمبر 3276

3 پوءِ چوي ته

آمنت بالله ورسولہ

" مون الله تي ۽ ان جي رسولن تي ايمان آندو ـ“ مسلم: حد يث نمبر 134

انهن ڪلمن کان پوءِ الله تعالى جو هي فرمان پڙهي :

{ هُوَ الْأَوَّلُ وَالْآخِرُ وَالظَّاهِرُ وَالْبَاطِنُ وَهُوَ بِكُلِّ شَيْءٍ عَلِيمٌ }

سورة الحديد: 57 ، أبوداؤد : حد يث نمبر 5110

علامہ الباني هن روايت کي حسن قرار ڏنو آهي : صحيح أبو داود 3 962

شرڪ کان محفوظ رهڻ جي دعا

« اللهم إني أعوذ بك أن أشرك بك وأنا أعلم , وأستغفرك لما لا أعلم »

" اي الله! آئون تنهنجي پناھ گھران هن ڳالھ کان جو توسان ڄاڻي ٻجهي ڪنهن کي شريڪ ڪريان ۽ اڻ ڄاڻائي ۾ ڪيل گناهن جي بخشش گھران ٿوـ“

أحمد 4 / 403 ، صحيح الجامع ، 3 / 233 ، صحيح الترغيب والترهيب لالباني 1 / 19 ـ

گناھ ٿي وڃي ته ڇا ڪجي ؟

جيڪڏهن ڪنهن شخص کان گناھ ٿي وڃي ته ان کي گھرجي ته چڱي طرح وضو ڪري ٻه رڪعتون پڙهي ،الله تعالى کان بخشش گھري (توبه جي سمورن شرطن تي قائم رهندي ) ته کيس الله تعالى بخش فرمائيندوـ

ابو دائود: حد يث نمبر 1521

شيطان ڪڏهن ڀڄندو آهي ؟

1 شيطان کان الله جي پناھ گھرڻ وقت ـ

سنن ابو داؤد حد يث نمبر 775

2 ٻانگ جي وقت

بخاري حد يث نمبر 608

3 مسنون ذڪر ڪرڻ سان ـ

4 قران مجيد جي تلاوت جي وقت ـ

رسول الله ﷺ جن فرمايو ته :

توهان پنهنجي گھرن کي قبرستان نه بنايو، بيشڪ شيطان ان گھر کان ڀڄي ٿوجنهن گھر ۾ سورت البقرہ جي تلاوت ڪئي وڃي ـ

صحيح مسلم:حديث نمبر 780

اهڙي طرح جيڪي شيون شيطان کي پري ڪنديون آهن اهي هي آهن : صبح ۽ شام جون دعائون ،

گهر ۾ داخل ۽ نڪرڻ جون دعائون ،

مسجد ۾ داخل ٿيڻ ۽ نڪرڻ جون دعائون ،

۽ اهي تمام دعائون جيڪي شريعت ۾ ابت آهن مثال جي طور تي :

سمهڻ وقت آية الڪرسي پڙهڻ ۽ سوره البقره جي آخري ٻن آيتن جي تلاوت ڪرڻ ـ

شيطان کان محفوظ رهڻ جي دعا :

جيڪوسؤ ڀيرا هيٺين دعا پڙهندو ته پورو ڏينهن شيطان کان محفوظ رهندو ـ

لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ وَحْدَهُ لَا شَرِيكَ لَهُ لَهُ الْمُلْكُ وَلَهُ الْحَمْدُ وَهُوَ عَلَى كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ

" الله کانسواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي هو اڪيلو آهي جنهن جو ڪوبه شريڪ نه آهي ،انهيءَ جي لاءِ ئي بادشاهي آهي ۽ انهيءَ جي لاءِ ئي واکاڻ آهي ۽ هوهرشيءِ تي قدرت رکندڙ آهي ـ“

بخاري : حد يث نمبر 3293

دجال کان محفوظ رهڻ جا وظيفا

رسول الله ﷺ جن فرمايو ته جيڪو شخص سورة الڪهف جون شروعاتي ڏھ آيتون (هڪ روايت ۾ آهي ته آخري ڏھ آيتون ) ياد ڪندو ته اهو دجال جي فتني کان محفوظ رهندو ـ

مسلم:حد يث نمبر 809 سلسلة الاحاديث الصحيحة : حد يث نمبر 582 علامہ الباني شروعاتي ڏھن آيتن واري روايت کي محفوظ قرار ڏنو آهي ـ

اهڙيءَ طرح هر تشهد ۾ دجال جي فتني کان پناھ گھرڻ به بچاءُ جو ذريعو آهي ـ

مسلم حد يث نمبر588

بري سوڻ کي ناپسند ڪرڻ جي دعا

لَا خَيْرَ إِلَّا خَيْرُكَ وَلَا طَيْرَ إِلَّا طَيْرُكَ وَلَا إِلَهَ غَيْرُكَ

" اي الله! نه آهي ڪابه نحوست (نڀاڳائي) ثابت سواءِ انهيءَ نحوست (نڀاڳائي) جي جنهن جو تون حڪم ڪرين ۽ نه آهي ڪابه ڀلائي سواءِ انهيءَ ڀلائي جي جيڪا تنهنجي مرضي سان هجي ۽ توکان سواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي ـ“

أحمد 2 / 220 ، ابن السني حد يث نمبر 292 علامہ الباني هن روايت کي صحيح قرار ڏنو آهي :الاحاديث الصحيحة 3 / 54 ، حد يث نمبر 1065 ، بري سوڻ جي مقابلي ۾ سٺو سوڻ آهي سٺي سوڻ کي نبي ﷺ جن پسند فرمايو آهي ان ڪري نبي ﷺ جن هڪ دفعي هڪ شخص کي سٺي ڳالھ چوندي ٻڌي جيڪا پاڻ ﷺ جن کي پسند آئي ، پاڻ ﷺ جن فرمايوته اسان تنهنجي سٺي فال تنهنجي ڳالھ مان ورتي آهي ، علامہ الباني هن روايت کي صحيح قرار ڏنو آهي : الصحيحة 2 / 363 ـ

نظر کان بچڻ جو طريقو

رسول الله ﷺ جن فرمايو ته :

جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن مسلمان ڀاءُ وٽ يا پاڻ وٽ ڪا سٺي شيءِ ڏسي ته برڪت جي دعا گھري ،ڇوته نظر جو لڳڻ ثابت آهي ـ

سنن ابن ماجہ : حد يث نمبر 3508 ،3509 صحيح الجامع الصغير: حد يث نمبر 4020

اهڙي شخص جي لاءِ دعاجنهن کي گار يا تڪليف ڏني هجيس

انساني تقاضائن جي مطابق رسول اللهﷺ جن جيڪڏهن ڪنهن تي ناراض ٿي ان کي ڏکوئيندڙ لفظ چوندا هئا ته ان لاءِ هن طرح دعا گھرندا هئا :

اللَّهُمَّ فَأَيُّمَا مُؤْمِنٍ سَبَبْتُهُ فَاجْعَلْ ذَلِكَ لَهُ قُرْبَةً إِلَيْكَ يَوْمَ الْقِيَامَةِ

" اي الله ! جنهن به مؤمن کي مون برو ڀلو چيو آهي پوءِ تون اها ان جي لاءِ قيامت جي ڏينهن تنهنجي ويجھڙائي جو سبب بناءِ ـ“

بخاري :حد يث نمبر 6361 مسلم: حد يث نمبر 2601 ۽ مسلم جا لفظ آهن اي الله ! هن جي لاءِ پاڪيزگي ۽ رحمت جو ذريعو بناءِ ـ

حج،عمري ۽ سفرجون دعائون

سواري تي سوار ٿيڻ جي دعا

« بِسْمِ اللَّهِ, الْحَمْدُ لِلَّهِ { سُبْحَانَ الَّذِي سَخَّرَ لَنَا هَذَا وَمَا كُنَّا لَهُ مُقْرِنِينَ }{ وَإِنَّا إِلَى رَبِّنَا لَمُنْقَلِبُونَ } الْحَمْدُ لِلَّهِ, الْحَمْدُ لِلَّهِ, الْحَمْدُ لِلَّهِ, اللَّهُ أَكْبَرُ, اللَّهُ أَكْبَرُ, اللَّهُ أَكْبَرُ, سُبْحَانَكَ إِنِّي ظَلَمْتُ نَفْسِي فَاغْفِرْ لِي فَإِنَّهُ لَا يَغْفِرُ الذُّنُوبَ إِلَّا أَنْتَ

" الله جي نالي سان سوار ٿيان ٿو ،سموري واکاڻ الله جي لاءِ ئي آهي ،الله سڀ کان وڏو آهي ،پاڪ آهي اها ذات جنهن اسان جي لا ءِ ان سواري کي تابع ڪيو، جنهن کي اسين قابو ڪرڻ وارا نه هئاسين ۽ بيشڪ اسان کي پنهنجي رب جي طرف ئي موٽڻو آهي ـ واکاڻ الله جي لاءِ ئي آهي، واکاڻ الله جي لاءِ ئي آهي، واکاڻ الله جي لاءِ ئي آهي، الله سڀ کان وڏو آهي ، الله سڀ کان وڏو آهي ، الله سڀ کان وڏو آهي ـ اي الله! تون پاڪ آهين ،مون پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪيو، ان ڪري مون کي بخش فرماءِ ، بيشڪ توکان سواءِ ڪوبه گناھ بخشيندڙ نه آهي ـ“

ابو داؤد :حد يث نمبر 2602 الترمذي : حد يث نمبر 3446 صحيح الترمذي : 3 / 156 .

سفرشروع ڪرڻ جي دعا

« اللَّهُ أَكْبَرُ, اللَّهُ أَكْبَرُ, اللَّهُ أَكْبَرُ, سُبْحَانَ الَّذِي سَخَّرَ لَنَا هَذَا وَمَا كُنَّا لَهُ مُقْرِنِينَ وَإِنَّا إِلَى رَبِّنَا لَمُنْقَلِبُونَ .اللَّهُمَّ إِنَّا نَسْأَلُكَ فِي سَفَرِنَا هَذَا الْبِرَّ وَالتَّقْوَى وَمِنْ الْعَمَلِ مَا تَرْضَى اللَّهُمَّ هَوِّنْ عَلَيْنَا سَفَرَنَا هَذَا وَاطْوِ عَنَّا بُعْدَهُ اللَّهُمَّ أَنْتَ الصَّاحِبُ فِي السَّفَرِ وَالْخَلِيفَةُ فِي الْأَهْلِ اللَّهُمَّ إِنِّي أَعُوذُ بِكَ مِنْ وَعْثَاءِ السَّفَرِ وَكَآبَةِ الْمَنْظَرِ وَسُوءِ الْمُنْقَلَبِ فِي الْمَالِ وَالْأَهْلِ

" الله سڀ کان وڏو آهي، الله سڀ کان وڏو آهي، الله سڀ کان وڏو آهي ، پاڪ آهي اها ذات جنهن اسان جي لا ءِ ان سواري کي تابع ڪيو جنهن کي اسين قابو ڪرڻ وارا نه هئاسين ۽ بيشڪ اسان کي پنهنجي رب جي طرف ئي موٽڻو آهي اي الله! اسين پنهنجي هن سفر ۾ نيڪي ۽ پرهيزگاري گھرون ٿا ،اهڙي عمل جو سوال ڪريون ٿا جنهن کي تون پسند ڪرين اي الله! اسان جي لاءِ هن سفر کي آسان بناءِ ، هن سفر جي ڊگھائي کي اسان جي لاءِ ويڙهي ڇڏ ـ اي الله ! تون ئي اسان جو هن سفر ۾ ساٿي ۽ اسان جي گھر وارن جو نگران آهين ـ اي الله! اسين تنهنجي پناھ گھرون ٿا سفر جي تڪليف کان ، ڏکوئيندڙ منظر کان ۽ گھر وارن ۽ مال ۾ بري تبديلي کان ـ“

رسول الله ﷺ جن سفر تان موٽڻ وقت به اهائي دعا پڙهند اهئا پر هيٺيان لفظ وڌيڪ چوندا هئا :

آيِبُونَ تَائِبُونَ عَابِدُونَ لِرَبِّنَا حَامِدُونَ

" اسين موٽندڙ .، توبه ڪندڙ ، عبادت ڪندڙ ۽ پنهنجي رب جي واکاڻ ڪندڙ آهيون ـ“

مسلم : حد يث نمبر 1342

ڪنهن شهر يا ڳوٺ ۾ داخل ٿيڻ جي دعا

« اللهم رب السماوات السبع وما أظللن , ورب الأرضين السبع وما أقللن , ورب الشياطين وما أضللن , ورب الرياح وما ذرين , أسألك خير هذه القرية وخير أهلها , وخير ما فيها , وأعوذ بك من شرها , وشر أهلها , وشر ما فيها »

" اي ستن آسمانن ۽ انهن جي پاڇي ۾ ايندڙ هر شيءِ جا ڌڻي!اي ستن زمينن ۽ انهن تي موجود هر شيءِ جا ڌڻي !۽ شيطانن ۽ انهن طرفان گمراھ ٿيلن جا ڌڻي !اي هوائن ۽ جن کي هوائون اڏائين ٿيون انهن سمورين شين جا رب ! آئون توکان هن ڳوٺ ۽ انهي ۾ رهندڙن ۽ انهيءَ ۾ موجود هرشيءِ جي ڀلائي گھران ٿو، آئون تنهنجي پناھ گھران ٿو هن ڳوٺ ۽ انهيءَ ۾ رهندڙن ۽ انهيءَ ۾ موجود هرشيءِ جي برائي کان ـ“

المعجم الڪبير :359\22 حديث نمبر 902 ـ

بازار ۾ داخل ٿيڻ جي دعا

لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ وَحْدَهُ لَا شَرِيكَ لَهُ لَهُ الْمُلْكُ وَلَهُ الْحَمْدُ يُحْيِي وَيُمِيتُ وَهُوَ حَيٌّ لَا يَمُوتُ بِيَدِهِ الْخَيْرُ وَهُوَ عَلَى كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ

الترمذي 5 / 291 ، الحاڪم 1 / 538 علامہ الباني هن کي حسن چيوآهي : صحيح الترمذي 3 / 152 ، امام حاڪم هن کي صحيح چيوآهي امام ذهبي سندس تائيد ڪئي آهي 2 / 100 ، ابن السني حد يث نمبر 524 ، علامہ ابن باز فرمايو ته نسائي هن کي حسن سند سان بيان ڪيوآهي تحفة الاخيار ص 37

" الله کانسواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي هو اڪيلو آهي جنهن جو ڪوبه شريڪ نه آهي ،انهيءَ جي لاءِ ئي بادشاهي آهي ۽ انهي جي لاءِ ئي واکاڻ آهي هو جيئاريندڙ ۽ موت ڏيندڙ آهي ۽ هواهڙو زندھ جنهن کي موت نه ايندو سموري ڀلائي سندس هٿ ۾ آهي ۽ هو هر شيءَ تي قدرت رکندڙ آهي ـ “

سواريءَ جي ٿاٻڙجڻ وقت دعا

بسم الله

" الله جي نالي سان ـ“

أبوداؤد : حد يث نمبر4982 علامہ الباني هن روايت کي صحيح قرار ڏنو آهي ڏسندا : صحيح أبي داود 3 / 941 .

دوارن سفر تڪبير ۽ تسبيح

جابر ﷤ بيان فرمائي ٿو ته جڏهن اسين ڪنهن مٿاهين تي چڙهندا هئاسين ته الله اڪبر ۽ هيٺياهين تي لهندا هئاسين ته سبحان الله چوندا هئاسين ـ

بخاري حديث نمبر 2993

دوران سفر صبح جي دعا

سَمِعَ سَامِعٌ بِحَمْدِ اللَّهِ وَحُسْنِ بَلَائِهِ عَلَيْنَا رَبَّنَا صَاحِبْنَا وَأَفْضِلْ عَلَيْنَا عَائِذًا بِاللَّهِ مِنْ النَّارِ

" هڪ ٻڌندڙ الله جي واکاڻ ٻڌي ۽اسان تي ان جا جيڪي انعام آهن تن جو ذڪر بڌو ،اي الله اسان جا ڌڻي! تون اسان جو ساٿي ٿيءُ ۽ اسان تي مهرباني ڪر اسين هي دعا گھرون ٿا الله جي پناھ گھرندي باھ جي عذاب کان ـ“

مسلم: حد يث نمبر 2718

دوان سفر ڪنهن جڳھ تي ترسڻ جي دعا

أَعُوذُ بِكَلِمَاتِ اللَّهِ التَّامَّاتِ مِنْ شَرِّ مَا خَلَقَ

" آئون الله جي مڪمل ڪلمن جي پناھ ۾ اچان ٿو سندسن مخلوق جي شر کان ـ“

مسلم: حد يث نمبر (2708 )

سفر تان واپسي جي دعا

رسول اللهﷺ ڪنهن جنگ يا حج تا واپس ايندا هئا ته ته هر مٿاهين جڳھ تي الله اڪبر چوندا ۽ هيءَ دعا پڙهندا :

لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ وَحْدَهُ لَا شَرِيكَ لَهُ لَهُ الْمُلْكُ وَلَهُ الْحَمْدُ وَهُوَ عَلَى كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ وَحْدَهُ أَنْجَزَ وَعْدَهُ وَنَصَرَ عَبْدَهُ وَهَزَمَ الْأَحْزَابَ وَحْدَهُ

" الله کانسواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي هو اڪيلو آهي۽ هن جي لاءِ ئي بادشاهي ۽ سموري واکاڻ آهي ۽ هو هرشيءِ تي قدرت رکندڙ آهي ـ اسين واپس موٽندڙ ، توبه ڪندڙ ۽ پنهنجي رب جي تعريف ڪندڙ آهيون ـ الله کانسواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي ، هو اڪيلو آهي جنهن پنهنجي وعدي کي پورو فرمايو ۽ پنهنجي ٻانهي جي مدد فرمائي ۽ جنهن اڪيلي ( ڪافرن جي) سڀني ٽولن کي شڪست ڏني ـ“

صحيح البخاري : حديث نمبر 6385

مقيم جي مسافر کي دعا

1 أَسْتَوْدِعُ اللَّهَ دِينَكَ وَأَمَانَتَكَ وَخَوَاتِيمَ عَمَلِكَ

" آئون تنهنجو دين، تنهنجي امانت ،تنهنجي عملن جي پڄاڻي الله جي حوالي ڪريان ٿو ـ“

أحمد : 2 / 7 ، الترمذي: حد يث نمبر3443 ، صحيح الترمذي : 2 / 155 .

2زَوَّدَكَ اللَّهُ التَّقْوَى وَغَفَرَ ذَنْبَكَ وَيَسَّرَ لَكَ الْخَيْرَ حَيْثُمَا كُنْتَ

" الله تعالى تقوى کي تنهنجي سفر جو سامان بنائي ۽ تنهنجي گناهن کي معاف ڪري ۽ تون جتي به هجين الله تعالى توکي ڀلائي عطا ڪري ـ“

جامع الترمذي : حد يث نمبر 3444 ، صحيح الترمذي : 3 / 155 .

مسافر جي مقيم کي دعا

أَسْتَوْدِعُكُمْ اللَّهَ الَّذِي لَا تَضِيعُ وَدَائِعُهُ

" آئون توکي ان الله جي حوالي ڪريان ٿو جنهن جي حوالي ٿيل شيون ضايع نه ٿينديوآهن ـ“ أحمد: 2 / 403 ، ابن ماجہ :حد يث نمبر 2825 ، صحيح ابن ماجہ :2 / 133 ـ

سواري خريد ڪندڙ هيءَ دعا گھري

رسول الله ﷺ جن فرمايو ته : جڏهن توهان مان ڪوبه شخص شادي ڪري يا ٻانهي خريد ڪري يا اٺ خريد ڪري ته ان جي چوٽيءَ کي پڪڙي هيءَ دعا پڙهي

اللَّهُمَّ إِنِّي أَسْأَلُكَ مِنْ خَيْرِهَا وَخَيْرِ مَا جَبَلْتَهَا عَلَيْهَا وَأَعُوذُ بِكَ مِنْ شَرِّهَا وَشَرِّ مَا جَبَلْتَهَا عَلَيْهَا

" اي الله! آئون توکان هن جي ڀلاين جوسوال ڪريان ٿو ۽ ان جي ڀلائي جوجنهن تي توان کي پيدا فرمايو ـ اي الله آئون تنهنجي پناھ گھران ٿو هن جي برائي کان ۽ ان جي برائي کان جنهن تي توان کي پيدا فرمايو ـ“

ابو داؤد : حديث نمبر :2160 ابن ماجہ : حديث نمبر 2252

حج يا عمري جو احرام ٻڌڻ وارو لبيڪ ڪيئن چوي ؟

لَبَّيْكَ اللَّهُمَّ لَبَّيْكَ لَبَّيْكَ لَا شَرِيكَ لَكَ لَبَّيْكَ إِنَّ الْحَمْدَ وَالنِّعْمَةَ لَكَ وَالْمُلْكَ لَا شَرِيكَ لَكَ

" اي الله! آئون حاضر آهيان ، آئون حاضر آهيان ، آئون حاضر آهيان ، توکان سواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي، آئون حاضر آهيان ،سموري واکاڻ توکي ئي جڳائي ٿي ، سمورين نعمتن جو تون ئي مالڪ آهين ،تنهنجي ئي بادشاهي آهي تنهنجوڪوبه ڪوبه ڀائيوار نه آهي ـ“

البخاري :حد يث نمبر 1549

حجر اسود وٽ پهچي الله اڪبر چوڻ

رسول الله ﷺ جن اٺ تي سوار ٿي ڪعبة الله جو طواف ڪيو ۽ جڏهن طواف دوران حجر اسود وٽ آيا ٿي ته پاڻ ان شيءِ سان حجر اسود ڏانهن اشارو ڪيائون ٿي جيڪا پاڻ ﷺ وٽ موجود هئي ۽ پاڻ الله اڪبر چيائون ٿي ـ

البخاري :حد يث نمبر 1613

رڪن يماني ۽ حجر اسود جي درميان جي دعا

رسول الله ﷺ جن رڪن يماني ۽ حجر اسود جي درميان هي دعا پڙهندا هئا :

رَبَّنَا آتِنَا فِي الدُّنْيَا حَسَنَةً وَفِي الْآخِرَةِ حَسَنَةً وَقِنَا عَذَابَ النَّارِ

اي الله! اسان کي دنيا ۾ ڀلايون عطا فرماءِ ۽ آخرت ۾ ڀلايون عطا فرماءِ ۽ اسان کي باھ جي عذاب کان بچاءِ ـ

أبو داؤد : حد يث نمبر 1549 , أحمد :3 / 411 ، شرح السنة للبغوي : 7 / 128 ، علامہ الباني هن کي حسن چيوآهي : صحيح أبي داود 1 / 354 , البقرة , 201

صفا ۽ مروہ جي دعا

رسول الله ﷺ جن جڏهن صفا جي ويجھو پهتا ته فرمايائون :

{ إِنَّ الصَّفَا وَالْمَرْوَةَ مِنْ شَعَائِرِ اللَّهِ }َبْدَأُ بِمَا بَدَأَ اللَّهُ بِهِ

" بيشڪ صفا ۽ مروه الله جي نشانين مان نشانيون آهن آئون اتان کان شروع ڪريان ٿو جتان کان الله تعالى شروعات ڪئي آهي ـ“

پوءِ پاڻ ﷺ صفا کان شروعات ڪيائون ۽ پاڻ صفا تي چڙهيا ، ايستائين جو ڪعبو نظر آيو ؛ پاڻ ﷺ جن قبلي طرف رخ ڪري الله جي توحيد ۽ وڏائي کي بيان ڪندي هيءَ دعا پڙهيائون :

لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ وَحْدَهُ لَا شَرِيكَ لَهُ لَهُ الْمُلْكُ وَلَهُ الْحَمْدُ وَهُوَ عَلَى كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ وَحْدَهُ أَنْجَزَ وَعْدَهُ وَنَصَرَ عَبْدَهُ وَهَزَمَ الْأَحْزَابَ وَحْدَهُ

مسلم: حد يث نمبر1218 .

"الله کانسواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي هو اڪيلو آهي ۽ هن جي لاءِ ئي بادشاهي ۽ سموري واکاڻ آهي ۽ هو هرشيءَ تي قدرت رکندڙ آهي، الله کانسواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي هو اڪيلو آهي،جنهن پنهنجي وعدي کي پورو فرمايو ۽ جنهن پنهنجي ٻانهي جي مدد ڪئي ۽ جنهن اڪيلي ( ڪافرن جي) سڀني ٽولن کي شڪست ڏني ـ“

پوءِ پاڻ ﷺ جن انهيءَ دوران هيءَ دعا ٽي ڀيرا پڙهي ـ ـ ـ ـ ـ ـ پوءِ پاڻ ﷺ جن مروہ تي به صفا وانگر ڪيائون ـ

مسلم حديث نمبر 1218

عرفہ يعني 9 ذولحج جي دعا

نبي ﷺ جن فرمايو ته سڀ کان ڀلي دعا عرفه جي ڏينهن جي دعا آهي ـ ( هن ڏينهن ) جيڪي دعائون مون ۽ مون کان اڳ وارن نبين پڙهيون انهن سڀني کان ڀلي دعا هيءَ آهي :

لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ وَحْدَهُ لَا شَرِيكَ لَهُ لَهُ الْمُلْكُ وَلَهُ الْحَمْدُ وَهُوَ عَلَى كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ

" الله کانسواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي هو اڪيلو آهي ۽ هن جي لاءِ ئي بادشاهي ۽ سموري واکاڻ آهي ۽ هو هر شيءَ تي قدرت رکندڙ آهي ـ“

الترمذي : حد يث نمبر 3585 علامہ الباني هن روايت کي حسن قرار ڏنو آهي : صحيح الترمذي 3 / 184، الاحاديث الصحيحة :حد يث نمبر 1503

مشعر الحرام وٽ دعا ۽ ذڪر

رسول الله ﷺ جن قصواءَ نالي ڏاچي تي سوار ٿيا جڏهن مشعر الحرام وٽ پهتا ته قبلي ڏانهن رخ ڪري الله کان دعا گھريائون ۽ الله جي وڏائي ،تهليل ( لبيڪ جا لفظ ) ۽ الله جي توحيد بيان ڪندا رهيا ـ پاڻ ﷺ جن چڱي طرح روشني ٿيڻ تائين اتي بيٺا رهيا ۽ سج اڀرڻ کان پهريائين اتان کان روانا ٿيا ـ

مسلم: حد يث نمبر 1218

جمرات کي پٿريون هڻڻ وقت تڪبيرون پڙهڻ

رسول الله ﷺ جن جڏهن به ٽنهي جمرن کي پٿريون هڻندا هئا ته الله اڪبر چوندا هئا پوءِ اڳتي وڌي پهرئين ۽ ٻئي جمري وٽ بيھي قبلي رخ ٿي هٿ کڻي دعا گھرندا هئا البته آخري جمري کي فقط پٿريون هڻي ۽ تڪبيرون چئي موٽي ايندا هئا ۽اتي بيهندا نه هئا ـ

البخاري : حد يث نمبر 1753 مسلم: حد يث نمبر 1296

عام جانور يا اٺ کي ذبح ڪرڻ جو طريقو

اللهم تقبل مني ــ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ــ

" الله جي نالي سان (ذبح ) ڪريان ٿو ) الله سڀ کان وڏو آهي ، اي الله هي تنهنجي ئي طرفان(عطا ٿيل آهي ) ۽ تنهنجي لاءِ ئي (قربان) آهي ، الله هن قرباني کي منهنجي طرفان قبول فرماءِ ـ“

صحيح مسلم: حديث نمبر 1966 ،1967 السنن الڪبرى للبيهقي ڏنگي وارا لفظ بيهقي جا آهن آخري جملو مسلم مان روايت بالمعنى آهي ـ

قرباني جو جانور ذبح ڪرڻ جي دعا

إِنِّي وَجَّهْتُ وَجْهِيَ لِلَّذِي فَطَرَ السَّمَوَاتِ وَالْأَرْضَ عَلَى مِلَّةِ إِبْرَاهِيمَ حَنِيفًا وَمَا أَنَا مِنْ الْمُشْرِكِينَ إِنَّ صَلَاتِي وَنُسُكِي وَمَحْيَايَ وَمَمَاتِي لِلَّهِ رَبِّ الْعَالَمِينَ لَا شَرِيكَ لَهُ وَبِذَلِكَ أُمِرْتُ وَأَنَا مِنْ الْمُسْلِمِينَ اللَّهُمَّ مِنْكَ وَلَكَ وَعَنْ مُحَمَّدٍ وَأُمَّتِهِ بِاسْمِ اللَّهِ وَاللَّهُ أَكْبَرُ

" مون پنهنجي چهري کي هڪ طرفوبڻائي ان ذات جي طرف موڙيوآهي جنهن آسمانن۽ زمين کي پيدا فرمايو آهي ۽ آئون شرڪ ڪندڙن مان نه آهيان بيشڪ منهنجي نماز، منهنجي قرباني ، منهنجو جيئڻ ، منهنجو مرڻ ان الله جي لاءِ آهي جيڪو جهانن جو پالڻهار آهي جنهن جو ڪوبه شريڪ نه آهي ۽ ان عقيدي جو مون کي حڪم ڪيو ويو آهي ۽ مون کي حڪم ڏنوته آئون فرمانبردار مان ٿيان ـ اي الله ! هي تنهنجي ئي طرفان(عطا ٿيل آهي ) ۽ تنهنجي لاءِ ئي (قربان ) آهي ، محمد (ﷺ) ۽ سندن امت جي طرفان الله جي نالي سان (ذبح ) ڪريان ٿو ) الله سڀ کان وڏو آهي ـ“

ابو دائود :حد يث نمبر 2795 عن محمد وامتہ جي بدران پنهنجو ۽ پنهنجي گھر وارن جو نالو وٺي ـ

کائڻ ،پيئڻ ۽ لباس جون دعائون

کاڌو کائڻ کان اڳ جي دعا

رسول الله ﷺ جن فرمايو ته جڏهن اوهان مان ڪوبه کاڌو کائي ته چوي :

بِسْمِ اللَّهِ

يعني الله جي نالي سان (کائڻ شروع ڪريان ٿو )

جيڪڏهن شروع ۾ چوڻ وسري وڃي ته ان کي گھرجي ته هن طرح پڙهي

بِسْمِ اللَّهِ فِي أَوَّلِهِ وَآخِرِهِ

" الله جي نالي سان شروع ڪريان ٿو ، اڳ ۾ به ۽ آخر ۾ به ـ“

جامع الترمذي : حد يث نمبر 1858

رسو ل الله ﷺ جن فرمايو ته جنهن کي الله کاڌوکارائي ته ان کي گھرجي ته هن طرح چوي :

اللَّهُمَّ بَارِكْ لَنَا فِيهِ وَأَطْعِمْنَا خَيْرًا مِنْهُ

الترمذي :حد يث نمبر 3455 , صحيح الترمذي : 3 / 158 .

" اي الله! اسان کي انهيءَ ۾ برڪت عطا فرماءِ ۽ اسان کي انهيءَ کان وڌيڪ بهتر کاراءِ ـ“

جنهن کي الله تعالى کير پياري ته ان کي چوڻ گھرجي

اللَّهُمَّ بَارِكْ لَنَا فِيهِ وَزِدْنَا مِنْهُ

" اي الله!اسان کي انهي ۾ برڪت ڏي ۽ انهيءَ کان به وڌائي ڏي ـ“

جامع الترمذي :حد يث نمبر 3458

کائڻ کانپوءِ جون دعائون

1الْحَمْدُ لِلَّهِ الَّذِي أَطْعَمَنِي هَذَا وَرَزَقَنِيهِ مِنْ غَيْرِ حَوْلٍ مِنِّي

" سموري واکاڻ ان الله جي لاءِ جنهن مون کي سواءِ ڪنهن منهنجي همت ۽ منهنجي طاقت جي هي کاڌو عطا فرمايوـ“

ترمذي : حد يث نمبر 3458 ، صحيح الترمذي : 3 / 159 .

2 الْحَمْدُ لِلَّهِ حَمْدًا كَثِيرًا طَيِّبًا مُبَارَكًا غَيْرَ مَكْفِيٍّ وَلَا مُوَدَّعٍ وَلَا مُسْتَغْنًى عَنْهُ رَبَّنَا

الله جي لاءِ سموري واکاڻ آهي جيڪا گھڻي کان گھڻي ،پاڪ ،برڪت ڀري آهي ، نه ايتر ي ڪافي جو پوءِ انهيءَ کان بي پرواهي ڪجي ، نه وري انهيءَ کي ڇڏي سگھجي ٿو اي رب اسان جا !

البخاري : حد يث نمبر 5458 ,الترمذي :حد يث نمبر 3456 ـ

مهمان جي ميزبان جي لاءِ دعا

اللَّهُمَّ بَارِكْ لَهُمْ فِي مَا رَزَقْتَهُمْ وَاغْفِرْ لَهُمْ وَارْحَمْهُمْ

" ياالله!انهن کي جيڪي ڪجھ عطا ڪيو اٿئي ان ۾ برڪت ڏي ۽ انهن کي بخشش فرماءِ ۽ مٿن رحم فرماءِ ـ“

مسلم: حد يث نمبر2042.

پياريندڙ جي لاءِ دعا

اللَّهُمَّ أَطْعِمْ مَنْ أَطْعَمَنِي وَأَسْقِ مَنْ سَقَانِي

" اي الله جيڪو مون کي کارائي تون ان کي کاراءِ ۽ جيڪو مون کي پياري تون ان کي پيار ـ“

مسلم: حد يث نمبر 2055

نئون ميوو ڏ سڻ وقت جي دعا

اللَّهُمَّ بَارِكْ لَنَا فِي ثَمَرِنَا وَبَارِكْ لَنَا فِي مَدِينَتِنَا وَبَارِكْ لَنَا فِي صَاعِنَا وَبَارِكْ لَنَا فِي مُدِّنَا

" اي الله! اسان جي ميون ۾ برڪت عطا فرماءِ ۽ اسان جي لاءِ اسان جي شهر ۾ برڪت عطا فرماءِ ،اسان جي لاءِ ان جي صاعن (ماپڻ لاءِ استعمال ٿيندڙشين ) ۾ برڪت عطا فرماءِ ۽ اسان جي مد(تورڻ لاءِ استعمال ٿيندڙشين ) ۾ برڪت عطا فرماءِ ـ“

مسلم: حد يث نمبر 1373 ـ

نوان ڪپڙا پهرڻ جي دعا

اللَّهُمَّ لَكَ الْحَمْدُ أَنْتَ كَسَوْتَنِيهِ أَسْأَلُكَ مِنْ خَيْرِهِ وَخَيْرِ مَا صُنِعَ لَهُ وَأَعُوذُ بِكَ مِنْ شَرِّهِ وَشَرِّ مَا صُنِعَ لَهُ

" اي الله ! تنهنجي لاءِ سموري واکاڻ آهي ، تو ئي مون کي هي لباس عطا ڪيو، آئون توکان ان جي ڀلائي گھران ٿو۽ هر اها ڀلائي گھران ٿو جنهن جي لاءِ اهو ٺاهيو ويوآهي ۽ تنهنجي پناھ گھران ٿوان جي برائيءَ کان ۽ هران برائي کان جنهن لاءِ اهو ٺاهيوويو آهي ـ“

أبو داود حد يث نمبر4020 ، مختصر شمائل الترمذي للالباني ص 47 .

نئون لباس پهرڻ واري کي هي دعا ڏجي

1 تُبْلَى وَيُخْلِفُ اللَّهُ تَعَالَى

أبو داؤد : حد يث نمبر4020 ، صحيح أبي داؤد : 2 / 760 .

"شل ! پهري پراڻا ڪرين،الله توکي ( اهي پراڻا ٿيڻ کانپوءِ) انهن جي بدلي ٻياعطا فرماءِ ـ“

2 الْبَسْ جَدِيدًا وَعِشْ حَمِيدًا وَمُتْ شَهِيدًا

ابن ماجہ : حد يث نمبر 3558 ، البغوي : 12 / 41 ، صحيح ابن ماجہ : 2 / 275 .

" شل نوان ڪپڙا پهريندو رهين، ڀلي زندگي گذاريندو رهين ۽ شل شهادت جو موت ماڻين !ـ“

عام ڪپڙا پهرڻ جي دعا

ڪپڙا پهرڻ وقت پهرين ساڄي طرف کان پائڻ شروع ڪري ۽ هي دعا پڙهي :

الْحَمْدُ لِلَّهِ الَّذِي كَسَانِي هَذَا الثَّوْبَ وَرَزَقَنِيهِ مِنْ غَيْرِ حَوْلٍ مِنِّي

" الله جي لاءِ سموري واکاڻ آهي جنهن مون کي هي ڪپڙا پهرايا سواءِ ڪنهن همت ۽ طاقت جي مون کي عطا ڪيا ـ“

أبو داؤد : حد يث نمبر4023 ، إرواء الغليل : 7 / 47 .

لباس لاهڻ وقت دعا

بِسْمِ اللَّهِ

" الله جي نالي سان ـ“

صحيح جامع الصغير: حد يث نمبر 3610

روزمرہ جون دعائون

گھر مان نڪرڻ وقت جي دعا

بِسْمِ اللَّهِ تَوَكَّلْتُ عَلَى اللَّهِ لَا حَوْلَ وَلَا قُوَّةَ إِلَّا بِاللَّهِ 1

" الله تعالى جي نالي سان (داخل ٿيان ٿو) الله تي ئي ڀروسو ڪيم ،سواءِ الله جي توفيق جي نه گناھ کان بچڻ جي همٿ آهي ۽ نه وري نيڪي ڪرڻ جي طاقت آهي ـ“

أبو داؤد : 4 / 325 ،الترمذي : 5 / 490 ،صحيح الترمذي : 3 /151

اللَّهُمَّ أَعُوذُ بِكَ أَنْ أَضِلَّ أَوْ أُضَلَّ أَوْ أَزِلَّ أَوْ أُزَلَّ أَوْ أَظْلِمَ أَوْ أُظْلَمَ أَوْ أَجْهَلَ أَوْ يُجْهَلَ عَلَيَّ

" اي الله! آئون تنهنجي پناھ ۾ اچان ٿو هن ڳالھ کان جو آئون گمراھ ٿيان يا مون کي گمراھ ڪيو وڃي يا آئون ٿڙي وڃان يا مون کي ٿيڙيو وڃي يا آئون ظلم ڪريان يا مون تي ظلم ڪيو وڃي يا آئون ڪنهن سان جهالت سان پيش اچان يا مون سان جهالت وارو رويو رکيو وڃي ـ“

سنن ابو دائود : حديث نمبر 5094 صحيح الترمذي : 3 / 152 وصحيح ابن ماجہ : 2 / 336 .

گھر ۾ داخل ٿيڻ جي دعا

اللَّهُمَّ إِنِّي أَسْأَلُكَ خَيْرَ الْمَوْلَجِ وَخَيْرَ الْمَخْرَجِ بِسْمِ اللَّهِ وَلَجْنَا وَبِسْمِ اللَّهِ خَرَجْنَا وَعَلَى اللَّهِ رَبِّنَا تَوَكَّلْنَا

" اي الله ! آئون توکان گھر مان نڪرڻ ۽ داخل ٿيڻ جي بهتري گھران ٿو الله جي نالي سان سان اسين( گھر ۾( داخل ٿيون ٿا ۽ الله جي نالي سان نڪرون ٿا ۽ پنهنجي پالڻهار تي ئي ڀروسو ڪيوسين ـ“

ابو دائود : حديث نمبر 5096

چنڊ ڏسڻ جي دعا

اللَّهُ أَكْبَرُ ، اللَّهُمَّ أَهِلَّهُ عَلَيْنَا بِالأَمْنِ وَالإِيمَانِ وَالسَّلاَمَةِ وَالإِسْلاَمِ وَالتَّوْفِيقِ لِمَا تحِبَّ رَبَّنَا وَتَرْضَى ، رَبُّنَا وَرَبُّكَ اللَّهُ

" الله سڀ کان وڏو آهي ،اسان تي امن ،ايمان ،سلامتي ،اسلام ۽ پنهنجي پسند ڪيل عمل جي توفيق ڏيڻ سان چنڊ کي اڀار ،اي چنڊ ! الله اسان جو پالڻهار آهي۽ تنهنجو به پالڻهار آهي ـ“

الترمذي : 5 / 504 ،الدارمي : حديث نمبر 1687 ، صحيح الترمذي : 3 / 157 .

روزي کولڻ جي دعا

1 ذَهَبَ الظَّمَأُ وَابْتَلَّتْ الْعُرُوقُ وَثَبَتَ الْأَجْرُ إِنْ شَاءَ اللَّهُ

" اڃ ختم ٿي ، رڳون سيراب ٿيون ،الله چاهيو ته ثواب به ثابت ٿيو ـ“

ابو دائود : حديث نمبر 2357

2 اللَّهُمَّ إِنِّي أَسْأَلُكَ بِرَحْمَتِكَ الَّتِي وَسِعَتْ كُلَّ شَيْءٍ أَنْ تَغْفِرَ لِي

" اي الله! آئون توکان پنهنجي بخشش جو سوال تنهنجي ان رحمت جي ذريعي ڪريان ٿوجنهن هر شيءِ کي گھيري ورتوآهي ـ“

سنن ابن ماجہ حديث نمبر 1753 ، الاذڪار للنووي ص 238 سيدنا ابن عمر رضي الله عنہ هي دعا پڙهندا هئا ـ

روزو کولائڻ واري جي لاءِ دعا

1 أَفْطَرَ عِنْدَكُمْ الصَّائِمُونَ وَأَكَلَ طَعَامَكُمْ الْأَبْرَارُ وَصَلَّتْ عَلَيْكُمْ الْمَلَائِكَةُ

" شل روزيدار توهان وٽ روزو کوليندا رهن، ۽ نيڪ ماڻهو توهان وٽ کاڌو کائيندا رهن ، ۽ ملائڪ اوهان لاءِ دعائون گھرندا رهن ـ“

سنن أبي داود : حديث نمبر3854 ,عمل اليوم والليلة للنسائي حديث نمبر 296 -298, , علامہ الباني هن روايت کي صحيح قرار ڏنو آهي :صحيح أبي داؤد 2 / 730 .

نفلي روزي جي دعوت قبول نه ڪندڙ جي لاءِ دعا

" رسول الله ﷺ جن فرمايو ته جڏهن به اوهان مان ڪنهن کي دعوت ڏني وڃي ته ان کي اها دعوت قبولڻ گھرجي ۽ جيڪڏهن روزيدار آهي ته ان کي دعا ڪرڻ گھرجي ۽ جيڪڏهن روزو نه آهي ته دعوت جو کاڌو کائي ـ“

صحيح مسلم:حديث نمبر 1431

روزيدار کي ڪو گاريون ڏي ته ان کي ڇاچوي؟

إِنِّي صَائِمٌ, إِنِّي صَائِمٌ

البخاري : حديث نمبر 1894

" بيشڪ آئون روزيدار آهيان ، بيشڪ آئون روزيدار آهيان ـ“

ڇڪ اچڻ وقت دعا

رسول الله ﷺ جن فرمايو ته جڏهن اوهان مان ڪنهن کي ڇڪ اچي ته اهو چوي

الْحَمْدُ لِلَّهِ "هر قسم جي واکاڻ الله جي لاءِ ئي آهي ـ“

۽ ان جي ڀاءَ يا دوست کي چوڻ گھرجي :

يَرْحَمُكَ اللَّهُ " الله توتي رحم فرماءِ ـ“

ڇڪ ڏيندڙ جواب ۾ چوي ته :

يَهْدِيكُمُ اللَّهُ وَيُصْلِحُ بَالَكُمْ " الله توکي هدايت ڏي ۽ تنهنجا ڪم ۽ معاملا سڌاري “

البخاري :حديث نمبر 6224

جيڪڏهن ڪافر ڇڪ تي الحمد لله چوي ته کيس هنن لفظن سان جواب ڏي :

يَهْدِيكُمُ اللَّهُ وَيُصْلِحُ بَالَكُمْ

"الله توکي هدايت ڏي ۽ تنهنجا ڪم ۽ معاملا سڌاري ـ“

الترمذي :حديث نمبر 2739 ، أحمد 4 / 400 ، صحيح الترمذي : 2 / 354 .

گھوٽ ۽ ڪنوار کي مبارڪ ڏيڻ جي دعا

" الله تعالى توکي برڪت سان نوازي ، توتي برڪت نازل ڪري ۽ اوهان ٻنهي کي ڀلائي سان گڏ ڪري ـ“

سنن ابي داؤد حديث نمبر 2130

گھوٽ کي پنهنجي ڪنوار کي دعا

رسول الله ﷺ جن فرمايو ته : جڏهن توهان مان ڪوبه شخص شادي ڪري يا ٻانهي خريد ڪري يا اٺ خريد ڪري ته ان جي چوٽيءَ کي پڪڙي هيءَ دعا پڙهي

اللهم اني اسئلڪ خيرها وخير ماجبلتها عليها واعوذ بڪ من شرها من شر جبلتها عليه

اللَّهُمَّ إِنِّي أَسْأَلُكَ مِنْ خَيْرِهَا وَخَيْرِ مَا جَبَلْتَهَا عَلَيْهَا وَأَعُوذُ بِكَ مِنْ شَرِّهَا وَشَرِّ مَا جَبَلْتَهَا عَلَيْهَا

" اي الله! آئون توکان هن جي ڀلاين جوسوال ڪريان ٿو ۽ ان جي ڀلائي جوجنهن تي توان کي پيدا فرمايو ـ اي الله آئون تنهنجي پناھ گھران ٿو هن جي برائي کان ۽ ان جي برائي کان جنهن تي توان کي پيدا فرمايو ـ“

ابو داؤد : حديث نمبر :2160 ابن ماجہ : حديث نمبر 2252

همبستري وقت دعا

بِاسْمِ اللَّهِ اللَّهُمَّ جَنِّبْنَا الشَّيْطَانَ وَجَنِّبْ الشَّيْطَانَ مَا رَزَقْتَنَا

" الله جي نالي سان ،اي الله!اسان کي شيطان کان بچاءِ ۽ جيڪي اسان ڪرين ان کي به شيطان کان بچاءِ ـ“

ٻار ڄمڻ جي مبارڪباد ڏيڻ

« بارك الله لك في الموهوب لك , وشكرت الواهب , وبلغ أشده , ورزقت بره »

" الله تعالى توکي عطا ڪيل ٻار ۾ برڪت ڏي ۽ عطا ڪندڙ(ڌڻي ) جو شڪر گذار بنجي وڃ ،هي ٻار جواني کي ماڻي ۽ توکي ان جو سهڻو سلوڪ حاصل ٿئي ـ“

جنهن کي مبارڪ ملي اهو هنن لفظن سان جواب ڏي :

« بارك الله لك وبارك عليك , وجزاك الله خيرا , ورزقك الله مثله , وأجزل ثوابك »

" الله تعالى توکي برڪت عطا فرمائي ۽ توتي برڪت نازل فرماءِ ، الله تعالى توکي سٺو بدلو عطا فرماءِ ،۽ الله توکي به انهيءَ جهڙواولاد عطا فرماءِ ۽ توکي تمام گھڻو ثواب عطا فرمائي ـ“

الاذڪارللنووي ص 349 وصحيح الاذڪار للنووي لسليم الهلالي 2 /713

خوشي وقت دعا

سبحان الله الله اڪبر

سڀ تعريف الله جي لاءِ ، الله سڀ کان وڏو آهي

البخاري حديث نمبر283 ، 610

خوشخبري ٻڌڻ وارو ڇا چوي

رسول الله ﷺ جن جڏهن خوشي جي خبر ايندي هئي ته چوندا هئا :

الْحَمْدُ لِلَّهِ الَّذِي بِنِعْمَتِهِ تَتِمُّ الصَّالِحَاتُ

" سڀ تعريفون ان الله جي لاءِ آهن جنهن جي انعام سان سڀ نيڪ ڪم مڪمل ٿين ٿا ـ“

سنن ابن ماجہ : حديث نمبر 3803

خوشخبري ملڻ تي شڪرجوسجدو

" نبي ﷺ جن کي جڏهن خوشخبري ملندي هئي ته پاڻ ﷺ الله جو شڪرادا ڪندي سجدو ڪندا هئا ـ“

ابوداؤد حديث نمبر 2774

ٻارن جي لاءِ الله جي پناھ گھرڻ

رسول الله ﷺ جن حسن ۽ حسين رضي الله عنهما جي لاءِ هنن لفظن ۾ دعا گھرندا هئا :

أَعُوذُ بِكَلِمَاتِ اللَّهِ التَّامَّةِ مِنْ كُلِّ شَيْطَانٍ وَهَامَّةٍ وَمِنْ كُلِّ عَيْنٍ لَامَّةٍ

" اوهان ٻنهي جي لاءِ الله جي مڪمل ڪلمن جي پناھ گھران ٿوهرشيطان کان ، هر زهريلي جانور کان ۽ بري نظر لڳڻ کان ـ“

جامع الترمذي حديث نمبر 2060

شام جي وقت ٻارن جي نگراني

نبي ﷺ جن جوفرمان ته :

جڏهن انڌيروٿيڻ لڳي يا شام ٿيڻ لڳي ته پنهنجن ٻارن کي گھرن ۾ روڪي ڇڏيو ڇوته ان وقت شيطان پکڙندا آهن ۽ جڏهن رات جوهڪ وقت گذري وڃي ته انهن کي وڃڻ ڏيو ـ

بخاري :حديث نمبر 5623

جڏهن مسلمان پنهنجي تعريف ٻڌي ته ڇا چوي ؟

« اللهم لا تؤاخذني بما يقولون , واغفر لي ما لا يعلمون [ واجعلني خيرا مما يظنون » ] "

" اي الله ! ماڻهن جي چوڻ جي ڪري منهنجي پڪڙ نه ڪجانءِ ۽ مون کي اهوعمل معاف فرماءِ جنن جو هنن کي علم نه آهي ۽ جيئن هي منهنجي باري گمان رکن ٿا انهيءَکان مون کي بهتر بناءِ ـ“

الادب المفرد للبخاري حديث نمبر 761 , علامہ الباني هن جي سند کي صحيح چيوآهي صحيح الادب المفرد حديث نمبر 585 , ڏنگي وارا لفظ امام بيهقي شعب الايمان ۾ هڪ ٻي سند سان بيان ڪيا آهن 4 / 228

هڪ مسلمان ٻي مسلمان جي تعريف ۾ ڇاچوي ؟

رسول الله ﷺ جن فرمايو اوهان مان ڪنهن کي هر صورت ۾ پنهنجي ساٿي جي تعريف ڪرڻي آهي ته هن طرح چوي :

" آئون هن جي باري ۾ چڱو گمان ڪريان ٿو ، وڌيڪ الله تعالى ( ئي ڄاڻندڙ) ۽ محاسبو ڪندڙ آهي آئون الله تعالى جي سامهون ڪنهن کي پاڪ قرار نٿو ڏيئي سگهان ـ“

مسلم حديث نمبر 3000

بخشش جي دعا گھرڻ واري کي ڇا چوي ؟

جيڪو شخص چوي :

غفر لڪ " الله توکي معاف ڪري “

ته ان کي چئو ولڪ " ۽ الله توکي به معاف ڪري “

محبت جو اظهار ڪندڙ جي لاءِ دعا

جيڪو شخص چوي :

أُحِبُّكَ فِي اللَّهِ

"آئون توسان الله جي خاطرمحبت ڪريان ٿو ـ“

أَحَبَّكَ الَّذِي أَحْبَبْتَنِي لَهُ

" اها هستي توسان محبت ڪري جنهن جي خاطر تو مون سان محبت ڪئي ـ“

أبو داؤد : حديث نمبر5125 ، علامہ الباني هن روايت کي حسن چيوآهي : صحيح سنن أبي داؤد : 3 / 965 .

سهڻو سلوڪ ڪرڻ واري کي دعا

جزاڪ الله خيرا

" الله تعالى توکي وڌيڪ بهتر بدلو عطا ڪري ـ“

جامع الترمذي : حديث نمبر 2035 ،صحيح جامع الصغير : حديث نمبر 6368

برڪت جي دعا ڪندڙ لاءِ دعا

جيڪڏهن ڪو چوي

بارڪ الله لڪ " الله تعالى توکي برڪت ڏي “

ته کيس چئو :

و فيڪ بارڪ الله

"الله تعالى توکي به برڪت ڏي ـ“

شرح صحيح الادب المفرد للالباني : حديث نمبر 848

مال ۽ دولت خرچ ڪرڻ واري لاءِ دعا

بارڪ الله في اهلڪ ومالڪ

" الله تعالى توکي مال ۽ اهل ۾ برڪت ڏي ـ“

البخاري : حديث نمبر 2049

مجلس جو ڪفارو

ابن عمر بيان ڪري ته هڪ ئي محفل مان اٿڻ کان اڳ رسول الله ﷺ جن کان هي ڪلما سؤ دفعا ( چوندي )ڳڻيا ويندا هئا ـ

رب اغفر لي وتب علي انڪ انت التواب الرحيم

" اي الله! مون کي معاف فرماءِ ۽ منهنجي توبه قبول فرماءِ ، بيشڪ تون توبه قبول ڪندڙ ،گھڻو معاف ڪندڙآهين ـ“

جامع الترمذي :حديث نمبر 3434

سُبْحَانَكَ اللَّهُمَّ وَبِحَمْدِكَ أَشْهَدُ أَنْ لَا إِلَهَ إِلَّا أَنْتَ أَسْتَغْفِرُكَ وَأَتُوبُ إِلَيْكَ

" اي الله!تون پنهنجي سمورين ساراهن سميت پاڪ آهين ،آئون گواهي ڏيان ٿو ته توکان سواءِ ڪوبه سچو معبود نه آهي ، توکان ئي بخشش گھران ٿو ۽ تنهنجي ئي اڳيان توبه تائب ٿيان ٿو ـ“

جامع الترمذي حديث نمبر3433

سلام کي عام ڪرڻ

رسول الله ﷺ جن فرمايو ته : " توهان ايستائين جنت ۾ داخل نه ٿيندؤ جيستائين مؤمن نه ٿيو ۽ ايستائين مؤمن نه ٿيندؤ جيستائين هڪٻئي سان محبت نه ڪندؤ ته پوءِ آئون اوهان کي اهڙو عمل نه ڏسيان جنهن سان اوهين هڪٻئي سان محبت ڪريو ، اهو عمل هي آهي ته پاڻ ۾ سلام کي عام ڪريوـ“

مسلم: حديث نمبر 54

عمار بن ياسر ﷦ جن جو قول آهي ته :

ٽن خصلتن کي جنهن حاصل ڪيو ان يقينًا ايمان حاصل ڪيو

1 پنهنجو پاڻ سان انصاف ڪرڻ ،

2 هر هڪ کي سلام چوڻ ،

3 غربت جي باوجود الله جي راھ ۾ خرچ ڪرڻ ـ

البخاري حديث نمبر 28 عن عمار رضي الله عنہ جي قول کي موقوف۽ معلق بيان ڪيوآهي ـ

عبد الله بن عمر ﷦ بيان ڪري ٿو ته هڪ شخص نبي ﷺ جن کان سوال ڪيو ته اسلام ۾ ڪهڙيون خصلتون سڀ کان ڀليون آهن پاڻ ﷺ جن فرمايو ته کاڌو کارائين ۽ سڃاڻو ۽ اڻ سڃاڻو تي سلام چوين ـ

البخاري حديث نمبر 12

ڪافر کي سلام جو جواب ڪيئن ڏجي ؟

نبي ﷺ جن جوفرمان آهي ته :

جڏهن اهل ڪتاب (يهودين يا عيسائين ) مان ڪوبه سلام چوي ته کيس جواب ۾ چئو :

( و عليڪم) (۽ تو تي به )

البخاري : حديث نمبر 6258

ڏڪار کان بچڻ ۽ مينهن لاءِ دعائون

1 اللَّهُمَّ اسْقِنَا غَيْثًا مُغِيثًا مَرِيئًا مَرِيعًا نَافِعًا غَيْرَ ضَارٍّ عَاجِلًا غَيْرَ آجِلٍ

" اي الله! اسان تي اهڙو مينهن وساءِ جيڪومددگار ، وڻندڙهجي ، فائديمند هجي ۽ نقصان نه ڏيندڙهجي جيڪوسواءِ ڪنهن دير جي جلدي وسي ـ“

أبو داود : حديث نمبر 1169 ، علامہ الباني هن روايت کي صحيح چيوآهي صحيح أبي داود 1 / 21

2 اللَّهُمَّ أَغِثْنَا اللَّهُمَّ أَغِثْنَا اللَّهُمَّ أَغِثْنَا

" اي الله! اسان تي مينهن وساءِ ، اي الله! اسان تي مينهن وساءِ ، اي الله! اسان تي مينهن وساءِ ـ “

البخاري : حديث نمبر 1014

118

3 اللَّهُمَّ اسْقِ عِبَادَكَ وَبَهَائِمَكَ وَانْشُرْ رَحْمَتَكَ وَأَحْيِ بَلَدَكَ الْمَيِّتَ

" اي الله ! پنهنجي ٻانهن۽ جانورن کي پاڻي پيار ۽ پنهنجي رحمت کي پکيڙ ۽ پنهنجي غير آباد شهرن کي آباد ڪر ـ“

أبو داؤد حديث نمبر 1176 علامہ الباني هن روايت کي حسن قرار ڏنو آهي صحيح أبي داود 1 / 218

طوفان وقت دعائون

1 اللَّهُمَّ إِنِّي أَسْأَلُكَ خَيْرَهَا وَأَعُوذُ بِكَ مِنْ شَرِّهَا

" اي الله! آئون توکان انهيءَ جي ڀلائي گھران ٿو ، ۽ توکان انهيءَ جي برائي کان پناھ گھران ٿو ـ“

أبو داؤد : حديث نمبر5097 ، 5099 ، صحيح ابن ماجہ : 2 / 305

2اللَّهُمَّ إِنِّي أَسْأَلُكَ خَيْرَهَا وَخَيْرَ مَا فِيهَا وَخَيْرَ مَا أُرْسِلَتْ بِهِ وَأَعُوذُ بِكَ مِنْ شَرِّهَا وَشَرِّ مَا فِيهَا وَشَرِّ مَا أُرْسِلَتْ بِهِ

" اي الله توکان هن جي ڀلائي جو سوال ڪريان ٿو ۽ جيڪا ان ۾ ڀلائي آهي ان جو به ۽ ان ڀلائي جو به سوال ڪريان ٿو جنهن سان هن کي موڪليو ويوآهي ، آئون ان جي شرکان به تنهنجي پناھ گھران ٿو ۽ ان شر کان جنهن سان ان کي موڪليوويوآهي ـ“

مسلم: حديث نمبر 899

بادلن جي گوڙٻڌڻ وقت دعا

سُبْحَانَ الَّذِي يُسَبِّحُ الرَّعْدُ بِحَمْدِهِ وَالْمَلَائِكَةُ مِنْ خِيفَتِهِ

" پاڪ آهي اها ذات جنهن جي تسبيح ۽ واکاڻ گوڙبيان ڪري ٿي ۽ ملائڪ به ان کان ڊڄندي ان جي تعريف بيان ڪن ٿا ـ“

الموطا 2 / 992 علامہ الباني هن روايت جي موقوف هجڻ کي صحيح قرار ڏنوآهي ـ

مينهن وسڻ وقت دعا

اللَّهُمَّ صَيِّبًا نَافِعًا

"اي الله اسان تي فائديمند مينهن وساءِ ـ “

البخاري حديث نمبر 1032

مينهن کان پوءِ جي دعا

مُطِرْنَا بِفَضْلِ اللَّهِ وَرَحْمَتِهِ

" اسان تي الله جي مهرباني ۽ رحمت سان مينهن وٺو ـ“

البخاري حديث نمبر 846

ٻوڏ جوخطرو هجي ته هي دعا گھري

اللَّهُمَّ حَوَالَيْنَا وَلَا عَلَيْنَا اللَّهُمَّ عَلَى الْآكَامِ وَالظِّرَابِ وَبُطُونِ الْأَوْدِيَةِ وَمَنَابِتِ الشَّجَرِ

" اي الله !اسان جي آسپاس مينهن وساءِ ، اسان تي نه ، اي الله!دڙن ،جبلن ، وادين ۽ ٻيلن تي مينهن وسائي ـ“

البخاري : حديث نمبر 1014

ڪڪڙ جي ٻانگ وقت دعا

رسول ﷺ جن فرمايو ته جڏهن ڪڪڙ جي ٻانگ ٻڌو ته الله تعالى کان سندس فضل جوسوال ڪريو ڇوته هو ملائڪن کي ڏسندو آهي ( مثلاًچئو) :

اللَّهُمَّ إِنِّي أَسْأَلُكَ مِنْ فَضْلِكَ

" اي الله ! آئون توکان تنهنجي ٻاجھ جوسوال ڪريان ٿو ـ“

سنن ابوداؤد : حديث نمبر 5102

گڏھ جي هينگ وقت دعا

جڏهن گڏھ جي هينگ ٻڌو ته چئو :

اعوذ بالله من الشيطن الرجيم

" آئون الله جي پناھ گھران شيطان مردود کان ـ“

ڇوته گڏھ شيطان کي ڏسي هينگدو آهي

ابوداؤد حديث نمبر 5103

رات جو ڪتي ڀؤڪڻ وقت دعا

رسول الله ﷺ جن فرمايوته :

جڏهن رات ۾ گڏھ جي هينگ ۽ ڪتي جي ڀؤڪ ٻڌوته الله جي پناھ گھرو ڇوته اهي اهڙيون شيون ڏسن ٿا جيڪي اوهان ڏسي نٿا سگھن ـ“

أبو داؤد : حديث نمبر 5105 ،أحمد : 3 / 306 علامہ الباني هن روايت کي صحيح چيوآهي صحيح أبي داؤد : 3 / 961

بيمار پرسي جي فضيلت

رسول الله ﷺ جن فرمايو ته :

" جڏهن ڪو شخص پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي بيمارپرسي جي ارادي سان نڪري ته اهوويهڻ تائين جنت جي ميويدار( باغ ) ۾ سير ڪندو آهي ۽ جڏهن ويهندو آهي ته رحمت ان تي ڇانئجي ويندي آهي جيڪڏهن صبح جو ويندو آهي ته شام تائين ستر هزار ملائڪ هن جي لاءِ دعائون گھرندا آهن۽جيڪڏهن شام جوويندو آهي ته صبح تائين ملائڪ هن جي لاءِ دعائون گھرندا آهن ـ“

الترمذي : 969 ،: حديث نمبر 1442 ، ،صحيح ابن ماجہ : 1 / 244 ، صحيح الترمذي 1 / 286 شيخ احمد شاڪر مصري به هن روايت کي صحيح چيوآهي ـ

بيمار کي پڇڻ وقت ان لاءِ دعائون

لَا بَأْسَ طَهُورٌ إِنْ شَاءَ اللَّهُ 1

" فڪر نه ڪريو الله چاهيو ته (هي بيماري ) گناهن کان پاڪ ڪندي ـ“

البخاري: حديث نمبر 5656

2 رسول الله ﷺ جن فرمايو ته :ڪوبه مسلمان جڏهن ڪنهن اهڙي بيمارکي پڇڻ ويو جنهن جي موت جو وقت نه آيو هجي ۽ ست دفعا هي دعا پڙهيائين ته ان بيمار کي صحت يابي ملندي ـ

أَسْأَلُ اللَّهَ الْعَظِيمَ رَبَّ الْعَرْشِ الْعَظِيمِ أَنْ يَشْفِيَكَ

" آئون الله عرش عظيم جي ڌڻيءَ کان تنهنجي شفا گھران ٿوـ“

الترمذي : حديث نمبر 2083 ،صحيح الترمذي : 2083 ، صحيح الجامع : 5 / 180

زندگي کان نااميد بيمار جون دعائون

1 اللَّهُمَّ اغْفِرْ لِي وَارْحَمْنِي وَأَلْحِقْنِي بِالرَّفِيقِ

" اي الله ! مون کي معاف فرماءِ ، مون تي رحم رفرماءِ ۽ مون کي رفيق اعلى سان ملاءِ ـ“

البخاري حديث نمبر 5674

نبي ﷺ جن وفات وقت پنهنجي هٿن کي پاڻي ۾ وجھي پنهنجي چهري تي گھمائيندا ۽ هيءَ دعا پڙهندا رهيا :

2 لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ إِنَّ لِلْمَوْتِ سَكَرَاتٍ

" الله کان سواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي ، بيشڪ موت جي لاءِ سختيون آهن ـ“

البخاري : حديث نمبر 4449

3« لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ وَاللَّهُ أَكْبَرُ, لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ وَحْدَهُ, لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ وَحْدَهُ لَا شَرِيكَ لَهُ, لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ لَهُ الْمُلْكُ وَلَهُ الْحَمْدُ, لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ وَلَا حَوْلَ وَلَا قُوَّةَ إِلَّا بِاللَّهِ

" الله کان سواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي، الله سڀ کان وڏو آهي ، الله کان سواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي هو اڪيلو آهي جنهن جو ڪوبه شريڪ نه آهي ، الله کان سواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي، ان جي ئي بادشاهي آهي ۽ ان جي لاءِ ئي واکاڻ آهي ، الله کان سواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي ۽الله جي توفيق کان سواءِ نه گناھ کان بچڻ جي طاقت آهي ۽ نه وري نيڪي ڪرڻ جي همت ـ“

الترمذي : حديث نمبر 3430 :علامہ الباني هن کي صحيح چيو آهي: صحيح الترمذي : 3 / 152 ،صحيح ابن ماجہ : 2 / 317

موت کي قريب انسان کي لااله الا الله چو ڻ جي تلقين ڪجي

رسول الله ﷺ جن فرمايو ته :

" جنهن جو آخري ڪلمو لاالہ لا الله هوندو اهو جنت ۾ داخل ٿيندو ـ“

أبو داؤد : حديث نمبر 3116 ، صحيح الجامع : 5 / 432

ميت جون اکيون بند ڪرڻ وقت دعا

اللَّهُمَّ اغْفِرْ لفلان ( باسمه ) وَارْفَعْ دَرَجَتَهُ فِي الْمَهْدِيِّينَ وَاخْلُفْهُ فِي عَقِبِهِ فِي الْغَابِرِينَ وَاغْفِرْ لَنَا وَلَهُ يَا رَبَّ الْعَالَمِينَ وَافْسَحْ لَهُ فِي قَبْرِهِ وَنَوِّرْ لَهُ فِيهِ

" اي الله! هن کي بخش فرماءِ ۽ سندس درجا هدايت ماڻيندڙٻانهن ۾ بلند فرماءِ ،هن جي پڄاڻان پونئيرن جو ڌڻي ٿي وڃ ، اسان کي ۽ هن کي اي جهانن جا پالڻهار! بخش فرماءِ سندس قبر ڪشادي ڪر ، هن جي لاءِ انهيءَ ۾ روشني ڪر

مسلم : حديث نمبر 920

وصلي الله وسلم على نبينا محمد وعلى آلہ واصحابہ اجمعين